نصيرآباد تعلقو
نصيرآباد تعلقو | ||
---|---|---|
تعلقو | ||
Nasirabad | ||
| ||
جاگرافي بيهڪ: 27°22′42.4″N 67°55′20.2″E / 27.378444°N 67.922278°E | ||
ملڪ | پاڪستان | |
صوبو | سنڌ | |
حڪومت | ||
• ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
نصيرآباد تعلقو پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جو هڪ تعلقو آهي.جنھن جو صدر مقام نصيرآباد, سنڌ شھر آھي.نصيرآباد پھرين ٽائون ڪميٽي ھيو ۽ 2004 ۾ کيس تعلقي جو درجو ڏنو ويو ان کان اڳ ھي تعلقو وارھ سب ڊويزن جو حصو ھيو.
تاريخ
[سنواريو]ٽالپرن جي دور حڪومت ۾ نصيرآباد شهر وجود ورتو، اُسريو ۽ اڀريو، وڌيو ۽ ويجهيو. هن لاءِ مشهور آهي ته هيءُ شهر مير نصير محمد خان ٽالپر جو ٻَڌايل آهي. ان وقت هن شهر کي سٺو اوج مليو، جنهن اڳتي هلي تعلقي جو درجو حاصل ڪيو. [1] ”نصيرآباد جي بنياد پوڻ ۽ ان جي ابتدائي آبادڪاريءَ جو تذڪرو ڪنهن به پراڻي تاريخ جي ڪتاب ۾ نه ٿو ملي، البته وڏڙن کان ڪي روايتون، بيان ۽ ڪجهه تاريخي اهڃاڻ ملن ٿا، جن جي بناء تي اها راءِ قائم ڪري سگهجي ٿي ته هيءُ شهر ميان نصير محمد ڪلهوڙي (1692ع- 1657ع) پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ آباد ڪيو.“ [2] انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ جي ڳالهه ڪنهن کان ٻه ڳجهي نه آهي ۽ هر تاريخ ۾ سندن ذڪر موجود آهي. انگريزن جڏهن سنڌ قبضي ۾ ڪئي ته لاڙڪاڻو، شڪارپور جو تعلق هو. وارهه کي ڪا به اهميت ڪا نه هئي، پر نصيرآباد کي ان وقت تعلقي جي حيثيت هئي ۽ شڪارپور ضلعي ۾ هو[3].سن 1843ع ۾ ٽالپرن جي صاحبيءَ جو خاتمو ٿيو ۽ انگريزن جي عهد جي ابتدا ٿي. انتظامي لحاظ کان سنڌ کي ٽن حصن/ضلعن شڪارپور، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ ورهايائون. لاڙڪاڻي وارو سمورو علائقو شڪارپور کي ڏنائون. شهدادڪوٽ تعلقي جو ڪجهه حصو جيڪب آباد ۾ شامل هو. ڏوڪريءَ جو نالو ’لب درياهه‘ هو ۽ نصيرآباد تعلقو هو، جنهن ۾ موجودهه وارهه تعلقو اچي ٿي ويو. انهن ڏينهن يعني 1885ع ڌاري تعلقي نصيرآباد جو مختيارڪار مرزا قليچ بيگ هو. ان وقت هن ڪاڇي واري علائقي ۽ ڏاڙهياري جبل جا انتظامي دورا ڪيا، ان دوران هڪ ڪتاب ”ڏاڙهياري جبل جو سير“ جي نالي سان لکيائين. ان سفر جو احوال نهايت دلچسپ انداز ۾ ڪيو اٿس. ڪتاب جي مطالعي مان ظاهر ٿو ٿئي ته هيءُ ڪتاب نصيرآباد ۾ ويهي لکيو اٿس، جيڪو انهيءَ سال ئي ڇپائي پڌرو ڪيائين. 1901ع ۾ لاڙڪاڻو ضلعو وجود ۾ آيو. جڏهن انگريزن ٽالپرن کان سنڌ کسي پنهنجي قبضي ۾ آندي، تڏهن ان وقت هنن سنڌ اندر ڪافي انتظامي تبديليون ڪيون. جن شهرن کي تعلقي يا سب ڊويزن جو درجو مليل هو، تن مان ڪن شهرن کي ضلعي جو درجو ڏنائون، ته ڪن کان وري اهڙيون سهوليتون ڦُري نَون اسرندڙ شهرن کي تعلقي جي حيثيت سان نوازيائون. جڏهن 1901ع ۾ هنن لاڙڪاڻي کي ضلعي جو درجو ڏنو، تڏهن لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ڪيترائي تعلقا شامل ڪيائون. سال 1919ع جي سنڌ گزيٽيئر جي حوالي سان منظور ڪوهيار پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته:
”لاڙڪاڻي پهرين آگسٽ 1901ع ۾ ضلعي جي حيثيت تڏهن ورتي، جڏهن ان کي ڪراچي ۽ شڪارپور ضلعن کان الڳ ڪيو ويو. سيوهڻ، جوهي، دادو تعلقا پهرين ڪراچي ضلعي مان کنيا ويا. ميهڙ، ڪڪڙ، وارهه، لاڙڪاڻو، لب درياهه (ڏوڪري) ۽ قنبر تعلقا پوئين ضلعي شڪارپور مان کنيا ويا. ٽي ڊويزنون ٺاهيون ويون. سيوهڻ ڊويزن ۾؛ سيوهڻ، جوهي، دادو تعلقا اچن ٿا. ميهڙ ڊويزن ۾؛ ميهڙ، ڪڪڙ ۽ وارهه تعلقا شامل آهن. ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن؛ لاڙڪاڻي، لب درياهه، قنبر ۽ رتيڍيري تعلقن تي مشتمل آهي.[4]“
اهڙيءَ ريت انگريزن انتظامي جوڙجڪ ۾ ڀَڃ گهڙ ڪري نصيرآباد کان تعلقي جي حيثيت کسي وارهه کي تعلقو ڪيائون. انگريزن جي وچ واري دور سال 1885ع ۾ مرزا قليچ بيگ نصير آباد تعلقي جو مختيار ڪار هو. جڏهن وارهه کي تعلقو بنايو ويو ته وري کيس وارهه جي مختيار ڪار طور سندس تقرر ڪيو ويو ۽ نصيرآباد کي وارهه تعلقي ۾ شامل ڪيو ويو.[5]
نصيرآباد شھر ٽالپرن جو ٻڌايل شھر ناهي!
جبار آزاد منگي
سن 1657ع ۾ ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي تخت تي ويھڻ بعد جڏهن ڳاڙهي وڃي رهيو هو تہ هڪ بزرگ سيد صفر شاھ بخاريءَ ميان نصير محمد جي دعوت ڪئي، ميان نصير محمد پنھنجي قافلي سميت ڳوٺ اوڍر مسڻ ۽ ساماڻو مسڻ جي وچ واري وڏي ميدان تي اچي پڙاءُ ڪيو. سيد صفر شاھ بخاريءَ جي چوڻ تي قافلي مان ڪاٺيا، اوڍاڻا، ڪلهوڙن کي زمينون ڏئي نصيرآباد ڳوٺ جو بنياد وڌو. جنھن جو ثبوت اڄ بہ ديھ ڪاٺيابازار موجود آهي ۽ گهڻي تعداد ۾ ڪاٺيا موجود آهن، ٻيو ثبوت هي آهي تہ ڪلهوڙن جا ڪافي ڳوٺ اڄ بہ موجود آهن، جيڪي شاهدي ڏين ٿا تہ جي شھر ڪلهوڙن جو آباد ڪيل آهي. ڳوٺن ۾ باغ ڪلھوڙو، ڳوٺ ڳنوال ڪلھوڙو، ڳوٺ واسو ڪلھوڙو، ڳوٺ جان محمد ڪلهوڙو ۽ ڳوٺ آباد ڪلھوڙو شامل آهن. جڏهن تہ ٽالپرن جي ڪابہ اهڙي باقيات ناهي، جنھن وسيلي چئي سگهجي تہ هي شھر ٽالپرن جو آباد ڪيل آهي.
جنھن فقير سيد صفر شاھ بخاريءَ جي چوڻ تي ميان نصير محمد نصيرآباد جو بنياد رکيو، تنھن جي مزار اڄ بہ شھر مان گذرندڙ آرٿر واھ (اڳوڻو گهاڙ واھ) جي ڪناري تي مقبري عاليشان مقبري جي صورت ۾ موجود آهي، جنھن جي نالي هر سال ذوالحج مھيني ۾ ميلو لڳندو آهي.
نصيرآباد جو تاريخي پس منظر
تحرير: جبار آزاد منگي
انگريزي سرڪار پنهنجي پنجين درجي جي نصابي ڪتاب ۾ نصيرآباد کي، مير نصير خان ٽالپر جو اڏيل شهر ڄاڻايو آهي ۽ ان جي تعمير ڪرايل هڪ قلعي جو پڻ ذڪر ڪيو ويو آهي، جنهن قلعي جا آثار، نصيرآباد شهر جي ڪنهن به حصي ۾ نظر نٿا اچن.
نصيرآباد شهر، مير نصير خان ٽالپر جو اڏيل شهر آهي. تنهن انگريزن جي لکيل انهيءَ دليلن ذريعي رد ڪجي ٿو.
1. جيڪڏهن نصيرآباد شهر ٽالپرن جو اڏيل آهي ته پوءِ ٽالپرن جو ڪو ماڳ مڪان، ڪنهن تاريخ سان عمارت يا قلعي جو آثار، ڪنهن تاريخي قصي جو ڪو احوال، ڪنهن ٽالپر خاندان جي ڪا ڪهاڻي، ڪا قبر موجود ڇو ڪونه آهي؟ انهن سڀني سوالن جو ڪوبه جواب، تاريخ جي ڪنهن به صفحي تي نٿو ملي.
2. تاريخ جي ڪنهن به ڪتاب منجهان هيءَ حقيقيت به واضع ناهي، نه ئي ثبوت طور ملي ٿي ته “هيءُ علائقو ٽالپرن جي حڪومت هيٺ رهيو هجي يا هي علائقو فتح ڪيو هجي.”
سنڌ تي حڪمرانيءَ جا دور:
ڪلهوڙا دور (1700ع کان 1783ع)
لُبِ تاريخ سنڌ جي صفحي نمبر 136 تي ڪتاب جو ليکڪ خداداد خان لکي ٿو “ميان شاهل محمد 1068ھ بمطابق 1657ع ۾ مارجي ويو. انهيءَ سال ميان نصير محمد ولد ميان الياس تخت تي ويٺو. جيڪو 35 ورهين کان پوءِ سن 1104ھ بمطابق 1692ع ۾ رحلت ڪيائين.
ٽالپرن جي حڪمرانيءَ جو دور (1783ع کان 1843ع)
سنڌ تي ٽالپرن جي حڪمرانيءَ جو دور سن 1199ھ مطابق 1783ع کان 1259 هجري، مطابق 1843 عيسوي تائين رهيو آهي. جڏهن ته مير نصير خان ولد مير مراد علي خان ٽالپر تاريخ 17 محرم 1217 هجري مطابق 17 مئي 1804 ع تي پيدا ٿيو آهي ۽ سندس مسند تي ويهڻ جو دور 1266 هجري بمطابق 1840ع آهي.
تاريخ ڪلهوڙا دور ۽ لُبِ تاريخ سنڌ جو سهارو وٺون ٿا، جن ۾ صاف ڄاڻايل آهي ته “چانڊڪا پرڳڻو ڪهڙن ڪهڙن حصن علائقن تي مشتمل آهي.”
“لُبِ تاريخ سنڌ” ۾ هن طرح لکيل آهي ته:
“ڪلهوڙا قديم زماني کان سنڌ جا ئي رهاڪو آهن. ميان آدم شاھ ولد گجن شاھ، ولد ميان صاحب ولد ميان خان، ولد ميان طاهر، ولد ميان رانبن، ولد ميان شاھ محمد عرف شاهل، ولد ميان ابراهيم، ولد ميان محمد، ولد ڄام چنو، جو هن گهراڻي جو مورث اعليٰ هو. ميان آدم شاھ وڏو بزرگ خدا ترس انسان هو، اڪثر ماڻهو سندس مريد هئا. هن بزرگ جي رهائش “ چانڊڪا” ۾ هئي، جا هن وقت تعلقي لاڙڪاڻي ، تعلقي نصيرآباد ۽ تعلقي قنبر جي حدن ۾ شامل آهي ( لُبِ تاريخ سنڌ، ص 135)
هن حوالي مان واضع آهي ته نصيرآباد جو وجود ٽالپرن جي حڪومت کان اڳ پيل آهي. “لُبِ تاريخ سنڌ جي صفحي نمبر 132 تي واضع لکيل آهي ته ڪلهوڙڪي علائقو ڪهڙو آهي؟ محقق لکي ٿو ته “ ڪلهوڙن جا چڱا مڙس “ ڪلهوڙڪي” ۾ رهن ٿا، جيڪو ان وقت لاڙڪاڻي، نصيرآباد، ڪڪڙ ۽ جوهي تعلقن تي مشتمل هو.” هن لکڻيءَ ۽ حوالي مان واضع ٿئي ٿو ته نصيرآباد ٽالپرن جو اڏايل شهر بلڪل نه آهي.
نصيرآباد جي علائقي کي مختلف پهلوئن سان جانچيو ٿا ته اسان کي نصيرآباد جي پوري علائقي ۾ ڪٿي به ٽالپرن جي دور حڪومت جو ڪو به آثار، رهائش يا ٻي ڪابه باقيات نٿي ملي، پر اڄ به نصيرآباد ۾ ڪلهوڙن جا ڪيترائي ڳوٺ موجود آهن. جن ۾ ڳوٺ واسو ڪلهوڙو، ڳوٺ وڌو ڪلهوڙو، ڳوٺ باغ ڪلهوڙو، ڳوٺ کڏائي ڪلهوڙو ۽ ڳوٺ آباد ڪلهوڙو ، ڪلهوڙن جي وڏي آباديءَ وارا ڳوٺ آهن ۽ 1970 واري ڏهاڪي تائين هن شهر تي ڪلهوڙن جو راڄ قائم ۽ دائم رهيو،جيڪو مرحوم فقير محمد ڪلهوڙي جي حياتيءَ تائين قائم ۽ دائم رهيو ، ان جي وفات کان پوءِ ڪنهن به هن شهر جي مالڪي نه ڪئي.
ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي نصيرآباد
نصيرآباد شهر جو بنياد ان وقت پيو، جنهن وقت ڪلهوڙا حڪمران ميان نصير محمد بن الياس ڪلهوڙو ،سال 1657ع مطابق 1068ھ پنهنجي چاچي ميان شاھ علي عرف شاهل محمد جي وفات کان پوءِ پنهنجي مورثي گاديءَ تي ويٺو. ساڳي ئي سال ۾ ميان نصير محمد ڪلهوڙو، جڏهن ميانوال تحريڪ جي هيڊڪوارٽر ڳاڙهي وڃڻ لاءِ نڪتو ، ان وقت گهاڙ واھ ڪناري (موجوده ارٿر واھ) تي اُچ کان آيل ميانوال تحريڪ جو پرچارڪ سيد صفر شاھ بخاري جو مسڪن هيو. تنهن پنهنجي اڳواڻ ميان نصير محمد ڪلهوڙي کي دعوت ڏني. ان زماني ۾ موجوده نصيرآباد شهر جي اتر ۾ ڳوٺ ساماڻو مسڻ ۽ ڏکڻ ۾ اوڍرمسڻ جا ڳوٺ آباد هئا، جيڪي هن وقت نصيرآباد شهر جا محلا بڻجي ويا آهن ۽ شهر ۾ ضم ٿي چڪا آهن.
ميانوال تحريڪ جي پرچارڪ سيد صفر شاھ بخاري جي دعوت تي ميان نصير محمد ڳاڙهي وڃڻ جي کان اڳ پنهنجو لشڪر جو اوڍر مسڻ ڳوٺ جي ميدان تي پڙاءُ ڪيو. سيد صفر شاھ بخاري جي خواهش ۽ اصرار تي ميان نصير محمد ڳوٺ ساماڻو مسڻ ۽ ڳوٺ اوڍر مسڻ جي وچ واري وڏي ميدان تي هڪ ڳوٺ ٻڌڻ جو حڪم ڪيو ۽ پنهنجي لشڪر ۾ شامل ڪاٺيا، اوڍاڻا، لوهاڻا ۽ ڪلهوڙن کي رهڻ جو حڪم ڏنو ۽ کين زرعي زمينون ڏيڻ سان گڏ علائقا ورهائي ڏنا. اڄ به ڪاٺيا بازار نالي ديهه سرڪاري روينيو رڪارڊ ۾ موجود آهي. جڏهن ته شهر جي وچان گذرندڙ روڊ جي اولهه واري پاسي کي ديهه نصيرآباد سڏيو وڃي ٿو.
نصيرآباد ڪهڙي سال تعلقي جو درجو ڏنو ويو سا خبر نٿي پوي، البته مرزا قليچ بيگ “ڏاڙهيارو جبل جو سير” نالي پنهنجي ڊائري مضمون ۾ شروعاتي لفظ هن طرح لکيا آهن: “هو جڏهن ضلعي شڪارپور جي تعلقي نصيرآباد جو مختيارڪار هو، سو سن 1886ع آهي.” جنهن جو هڪ ٻيو ثبوت سندس لکيل ڪتاب “احوال شاھ عبداللطيف ڀٽائي” جي ديباچي مان به ملي ٿو ته اهو ڪتاب مرزا قليچ بيگ، نصيرآباد ۾ 1886ع ۾ لکي پورو ڪيو.
جڏهن ته ڪتاب “لُبِ تاريخ سنڌ” جو محقق لکي ٿو ته “سنڌ جو پنجون ڪمشنر ايس مينسفيلڊ سن 1864ع ۾ لاڙڪاڻي کان نصيرآباد پهتو، جتان قيام بعد شاھ گودڙئي رستي ڏاڙهياري جبل ڏانهن روانو ٿيو، جتي ڪتي جي قبر موجود آهي.
نصيرآباد سال 1901ع تائين تعلقي جي حيثيت ۾ رهيو ۽ 1901۾ ئي سندس تعلقي جي حيثيت ختم ڪري، وارھ کي تعلقه هيڊ ڪوارٽر بڻايو ويو. سال 2004ع ۾ ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي تحريڪ ۾ نصيرآباد شهر کي 105 ورهين بعد ٻيهر تعلقي جي حيثيت ڏئي بحال ڪيو ويو.
جاگرافيائي بيهڪ 27.383 اوچائي ۽67.917 ويڪرائي ڦاڪ تي موجود هن شهر جي موجوده آدم شماري 37777 آهي، هن ۾ ڪل 6 يونين ڪائونسلون ۽هڪ ٽائون ڪاميٽي آهي. نصيرآباد تعلقي جا وڏا ڳوٺ، آڏي لاشاري،نئون ڳوٺ، جلباڻي الهرکيو ، باغ لهٻرجت، ڪانڌڙا، ميانداد چنجڻي، مرادي، ڏيرا، لاکا، ننگر جهتيال، کڏهڙي، حاڪم ڏيپر، حمزو ڀٽي، باغ ڪلهوڙا، واسو ڪلهوڙو، وڌو ڪلهوڙو، نبي بخش ڪانڌڙو، ڪرم ڪانڌڙو، ٿرڙي هاشم، /سوالي، جاڙا واهوچا ، خدا بخش واهوچا، هيتم سوهو وغيره.
نصيرآباد جا آثار قديمه/ ماڳ مڪان.
آڏت جو دڙو،
ماڳ جو هنڌ: نصيرآباد شهر کان اوڀر ڏکڻ جي ڪنڊ،باڊهه شهر کان ڏکڻ اولهه جي ڪنڊ تعلقو نصيرآباد ضلعو قمبر شهداد ڪوٽ ماڳ جو دور: هڙاپا جو دور هي ماڳ دڙي جي صورت ۾ آهي.مسٽر ڊڪشٽ 1025ع ۽ مسٽر مجمدار 1927 ۾ کوٽائي ڪئي. هتان اڏواتن جا نشان ڪونه مليا آهن،ڪي وٿون مليون آهن،جيئن عقيق جق مڻڪا، ٺڪراٽو،ٽڪر ٿي ڪتي جي تصوير.ٽڪر چٽيل مليو آهي،ٽامي جي تار ۽ آر .ٽڪر جون چوڙيون،ٽڪر جون مورتين ملن ٿيون وغيره.هي ماڳ هڙاپا جي دور جو ليکجي ٿو.هي دڙو 20 فوٽ اوچو آهي،تازي قبرستان جا به نشان آهن.
2: چنهڙ جو دڙو:
هي ماڳ اسلامي دور سان ڄاڻايو وڃي ٿو. هن وقت دڙي جي صورت ۾ نصيرآباد شهر جي اتر ۾ هڪ ڪلوميٽر جي فاصلي تي موجود آهي. انڊس هاءِ وي جي ڪناري جي اولھه طرف هي دڙو وڏي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي. هتان مٿاڇري تان ملندڙ وٿون اسلامي دور جون آهن، جن ۾ ٺڪراٺو، ڀڳل ٿانوَ، چوڙيون، رانديڪا ۽ ٽامي جا ڪَٽيل سڪا شامل آهن. هن دڙي جو مٿيون تھه اسلامي آهي، پر هيٺ کوٽائي ٿيل ڪانه آهي. هتان جي ماڻهن هتي قبرستان ٺاهي ڇڏيو آهي.
نصيرآباد جا مشهور ماڻهو ۽ شخصيتون:
جج صاحبان
1. جناب راڻا ڀڳوان داس سرڳواسي ( چيف جسٽس آف پاڪستان)
2. جناب مجيب الله صديقي جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ
3. جناب پرڪاش لال امبواڻي اڳوڻو سيشن ۽ اينٽي ٽيررسٽ ڪورٽ جج
4. جناب انند رام ڊي سائراڻي سيشن جج
5. جناب نظير احمد کوسو سول جج
6. جناب
7. جناب مظهر علي ڪلهوڙو سول جج
واپڊا
1. جناب نظير احمد شيخ (اڳوڻو چيئرمين پاڪستان اليڪٽريڪل پاور ڪمپني، چيف آفيسر حيسڪو حيدرآباد)
2. جناب شمس الدين شيخ ( اڳوڻو چيف آفيسر سيپڪو سکر)
3. جناب محمد مٺل شيخ ( ايس اي حيسڪو واپڊا)
4. جناب عبدالستار سوهو( ايس اي حيسڪو واپڊا )
5. جناب محمد خان سوهو ( ايس اي سيپڪو واپڊا)
6. جناب عبد الرحيم منگي ( روينيو سپروائيزر گولڊ ميڊلسٽ)
7. جناب قاضي محمد ابراهيم سومرو ( روينيو ڊپارٽمينٽ)
8.
سماجي خدمت
1. سيٺ ڄيٺانند ( سماجي خدمتگار)
2. سيٺ ڪلياڻ داس ( سماجي خدمتگار)
3. ستاد نرنجن لال ( استاد ۽ هوميو پيٿڪ ڊاڪٽر)
4. ايس بي واشا (هوميو پيٿڪ ڊاڪٽر)
5. سيد ممتاز علي (هوميو پيٿڪ ڊاڪٽر)
6. جناب ڊاڪٽر عنايت الله ڪاٺيو
اديب ، شاعر ۽ سگهڙ
1. محترم بسنت راءِ
2. محترم رضائي فقير موچي
3. محترم حاجي خانڻ چنجڻي
4. محترم دادن فقير جويو
5. محترم محمد سليمان چنجڻي
6. محترم در محمد خاڪ ڪاندهلوي
7. محترم محمد عظيم شيدا سولنگي
8. محترم صوفي محمد يوسف منگي
9. محترم صوفي محمد حسن منگي
10. محترم فقير امداد علي سرائي
11. محترم جانڻ چن
12. محترم قربان علي تونيو فقير
13.محترم انور بلوچ
14. محترم تاثير جبار سومرو
15.محترم جبار آزاد منگي
16.محترم ممتاز لوهار
17. محترم منصور ٿلهو
18. محترم ستار سومرو
19. محمد لقمان کوکر (سگهڙ)
20. محترم غلام سرور ڀٽي ( سگهڙ)
مرزا قليچ بيگ
سنڌ جو هي عظيم ليکڪ شمس العماءَ مرزا قليچ بيگ سال 1886ع ۾ نصيرآباد تعلق جو مختيارڪار رهي چڪو آهي، جنهن هن ئي شهر ۾ ويهي سورنهن ڪتاب لکيا آهن جن ۾ احوال شاھ عبداللطيف ڀٽائي، ناول زينت ، ڏاڙهياري جبل جو سير ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن.
درگاهون
1. سيد نور شاه بخاري
2. سيد صفر شاھ بخاري
3. سيد جمن شاھ بخاري
4. سيد محمد شاھ واسو ڪلهوڙو
5. سيد سلطان شاھ ڳوٺ پڙمل
6. سيد حيدر شاھ
7. سيد شير محمد شاھ
8. دودل پير
حوالو: ڪتاب: وارھ گزيٽيئر- مرتب: منظور چانڊيو مارفاڻي صفحو نمبر 129
انتظامي ورھاست
[سنواريو]نصير آباد تعلقي جي ايراضي 83032 چورس ايڪڙن تي مشتمل آهي ۽ ان ۾ 6 يونين ڪاؤنسلون، 3 سرڪلون، 10 تپا ۽ 23 ديھون واقع آھن[6].
نصيرآباد تعلقي جا تپا
[سنواريو]نصيرآباد تعلقي ۾ 7 تپا واقع آهن.
# | تپو | # | تپو | # | تپو | # | تپو |
---|---|---|---|---|---|---|---|
1 | تپو چنجڻي | 2 | تپو نصيرآباد | 3 | تپو کڏھري | 4 | تپو ڏيرا |
5 | تپو ڌامراھو | 6 | تپو چؤديرو | 7 | تپو لاکا |
ديھون
[سنواريو]نصيرآباد تعلقي ۾ 23 ديھون واقع آهن.
# | ديھ | # | ديھ | # | ديھ | # | ديھ |
---|---|---|---|---|---|---|---|
1 | آڏي ڌامراھو | 2 | آڏي لاشاري | 3 | علي بھار | 4 | بٺ |
5 | بٺ ڏيرا | 6 | چنجڻي | 7 | چوديرو | 8 | ڏيرا |
9 | ڌامراھو | 10 | ڦيکراٽو | 11 | گڪو | 12 | گل سانگھرو |
13 | جلباڻي | 14 | ڪاٺيا بازار | 15 | کڏھري | 16 | لائق پور |
17 | لاکا | 18 | مڱيو | 19 | مرادي | 20 | نصيرآباد |
21 | ٿرڙي ھاشم | 22 | واھوچا | 23 | واسو ڪلھوڙو |
حوالو: ڪتاب: وارھ گزيٽيئر- مرتب: منظور چانڊيو مارفاڻي صفحو نمبر129
حوالا
[سنواريو]- ↑ {ڊاڪٽر علي اڪبر “اسير” قريشي جو مضمون ”وارهه“ جو تاريخي ۽ تحقيقي پسمنظر، مھراڻ رسالو سال 2017, شمارو 4, سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}
- ↑ {ڪلهوڙه، دين محمد (2011ع)، قمبر- شهدادڪوٽ ضلعو (تاريخ جي وهڪري ۾)،صہ 94 قنبر- شهدادڪوٽ ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي.}
- ↑ {ڊاڪٽر علي اڪبر “اسير” قريشي جو مضمون ”وارهه“ جو تاريخي ۽ تحقيقي پسمنظر، مھراڻ رسالو سال 2017, شمارو 4, سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}
- ↑ {- شاد، بشير احمد، ڊاڪٽر ]1995ع[ لاڙڪاڻو صدين کان؛ (مضمون، لاڙڪاڻو 1919ع جي گزيٽيئر جي حوالي سان، لاڙڪاڻو هسٽاريڪل سوسائٽي لاڙڪاڻو سنڌ.}
- ↑ {ڊاڪٽر علي اڪبر “اسير” قريشي جو مضمون ”وارهه“ جو تاريخي ۽ تحقيقي پسمنظر، مھراڻ رسالو سال 2017, شمارو 4, سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}
- ↑ ww.ndma.gov.pk › plansPDF Kambar & Shahdadkot DRM Plan - NDMA
- ↑ 7.0 7.1 resultsBoard of Revenue, Sindh [مئل ڳنڍڻو]