لائق پور
ڏيک
| لائق پور (نصيرآباد) ديھ لائق پور | |
|---|---|
| ديھ | |
| Deh Laiq pur | |
| سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
| متناسقات: 27°24′19″N 67°56′15″E / 27.40528°N 67.93750°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | سنڌ |
| ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
| تعلقو | نصيرآباد تعلقو |
| آبادي (2017)[1] | |
| • ڪل | 1,910 |
ديھ لائق پور(انگريزي: Deh Laiqpur) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي نصيرآباد تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا چؤديرو تپي ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]برٽش انڊيا واري دؤر جي ديھن واري پراڻي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ مغيرين جو ڳوٺ، ڳوٺ پير بخش تونيو، صديق ڳوٺ ۽ ھڪ وڏو ڳوٺ شايد لائق پور واقع ھيا[2].
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ پلي ۽ ديھ گھوگھارو، اوڀر ۾ ديھ جماراڻي ۽ ديھ بٺ، اولھ ۾ ديھ چؤديرو ۽ ديھ نصيرآباد ۽ ڏکڻ ۾ ديھ ڏيرا ۽ ديھ دوداڻڪي واقع آهن[2]. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿي آهي. لاڙڪاڻو نصيرآباد روڊ ھن ديھ مان گذرندڙ آھي.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 1,910 ھئي جيڪا 365 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].
حوالا
[سنواريو]- 1 2 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018
- 1 2 [ http://map.sindhzameen.gos.pk/Taluka.aspx?district=Kamber%20Shahdad%20Kot آرڪائيو ڪيا ويا 2021-07-25 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.]