بٺ
بٺ (نصيرآباد) ديھ بٺ | |
---|---|
ديھ | |
Deh Buth | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°22′04″N 67°59′53″E / 27.36778°N 67.99806°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | نصيرآباد تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 3,072 |
ديھ بٺ(انگريزي: Deh Buth) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي نصيرآباد تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا ڌامراھو تپي ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1934ع واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ رڳو ٻہ ڳوٺ واقع ھيا جن ۾ ڳوٺ فيض محمد کوکر ۽ ڳوٺ محمد ابراهيم گوپانگ شامل ھيا[2]. ان وقت ھي ديھ ڏيرا تپي ۾ شامل ھئي بعد م ان کي ڌامراھو تپي جو حصو بڻايو ويو. ھاڻي ھن ديھ ۾ نورپور، باغ لھبار، ڳوٺ محمد ابراهيم گوپانگ، ڳوٺ محمد مراد بروھي، اسماعيل آباد، ڳوٺ فيض محمد کوکر واقع آھن.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ بٺ ڏيرا، ديھ واسو ڪلھوڙو ۽ ديھ ڏيرا، ديھ ، اوڀر ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جون ديھون: ديھ باڊھ ۽ ديھ ٻاٻوري، اولھ ۾ ديھ لائق پور ۽ ڏکڻ ۾ ديھ گوڪو واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿي آهي.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 3,072 ھئي جيڪا 532 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].
حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]
- ↑ [ http://map.sindhzameen.gos.pk/Taluka.aspx?district=Kamber%20Shahdad%20Kot آرڪائيو ڪيا ويا 2021-07-25 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.]