لاکا (نصير آباد)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
لاکا (نصيرآباد)
ديھ لاکا
ديھ
Deh Lakha
لاکا (نصيرآباد) is located in سنڌ
لاکا (نصيرآباد)
لاکا (نصيرآباد)
لاکا (نصيرآباد) is located in Pakistan
لاکا (نصيرآباد)
لاکا (نصيرآباد)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°24′04″N 67°53′42″E / 27.40111°N 67.89500°E / 27.40111; 67.89500مڪانيت: 27°24′04″N 67°53′42″E / 27.40111°N 67.89500°E / 27.40111; 67.89500
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو نصيرآباد تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 6,353


ديھ لاکا(انگريزي: Deh Lakha) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي نصيرآباد تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا لاکا تپي ۾ واقع آهي. ھن ديھ کي ديھ لاکو يا لاکاٽ پڻ سڏين ٿا.

تاريخ[سنواريو]

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1880ع واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ ڪانڌڙا، ڳوٺ پير محمد، ڳوٺ موندراڻي لاکو، ڳوٺ سعيد خان ڦلپوٽو واقع ھيا. ان وقت چيلو سنھڙو واھ ھن ديھ مان وھندڙ ھيو باقي خيرواھ ان وقت ڦٽي چڪو ھو[2]. ھاڻي ھن ديھ ۾ ڳوٺ سعيد خان ڦلپوٽو، ڳوٺ موندر لاکا، ڳوٺ بلاول سوھو، ڳوٺ مرادي، ڳوٺ وانجي، فتح علي ڦلپوٽو واقع آھن.

جاگرافي[سنواريو]

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ مرادي ۽ ديھ واھوچا، اوڀر ۾ ديھ مرادي ۽ ديھ نصيرآباد، اولھ ۾ ديھ ڦيکراٽو ۽ ڏکڻ ۾ ديھ مڱيو واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿي آهي. سنھڙو چيلو ڊسٽري ھن ديھ مان وھندڙ آھي. ڳوٺ موندر لاکا ۾ درگاھ صوفي سخي پريل شاھ قلندري واقع آهي.

آبادي[سنواريو]

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 6,353 ھئي جيڪا 1,127 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]
  2. [ http://map.sindhzameen.gos.pk/Taluka.aspx?district=Kamber%20Shahdad%20Kot آرڪائيو ڪيا ويا 2021-07-25 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.]