مواد ڏانھن هلو

مڱيو

مڱيو (نصيرآباد)

ديھ مڱيو
ديھ
Deh Mangio
مڱيو (نصيرآباد) is located in سنڌ
مڱيو (نصيرآباد)
مڱيو (نصيرآباد)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
مڱيو (نصيرآباد) is located in پاڪستان
مڱيو (نصيرآباد)
مڱيو (نصيرآباد)
مڱيو (نصيرآباد) (پاڪستان)
Coordinates: 27°22′29″N 67°52′42″E / 27.37472°N 67.87833°E / 27.37472; 67.87833
ملڪپاڪستان پاڪستان
صوبوسنڌ
ضلعوقمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقونصيرآباد تعلقو
آبادي
 (2017)[1]
• ڪل3,772
• ڪثافتauto في چورس ڪلوميٽر
وقتي علائقوUTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت )


ديھ مڱيو(انگريزي: Deh Mangio) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي نصيرآباد تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا کڏھري تپي ۾ واقع آهي. ھن ديھ جو نالو ھڪ پراڻي ڳوٺ مڱيو مسڻ جي نالي تان ورتل آهي.

تاريخ

[سنواريو]

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1880ع واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ساندن جو ڳوٺ، ملاڻن جو ڳوٺ، ساجن جو ڳوٺ، ڳوٺ طيب ديرو، ڳوٺ ڏيئومل، ڳوٺ مڱيو جنھن لڳ ابوطالب جو مقام واقع ھيا. ان وقت ھي ديھ تپو لاکا ۾ واقع ھئي.[2] اھي پراڻا ڳوٺ اڪثر غيرمعروف ٿي ويا يا ڦٽي ويا آهن. ھاڻي ڳوٺ بازاري ڪانڌڙا، ڳوٺ ننگر جھتيال، ڳوٺ احمد کوسو، ڳوٺ مڱيو مسڻ واقع آھن.

جاگرافي

[سنواريو]

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ لاکو ۽ ديھ ڦيکراٽو، اوڀر ۾ ديھ نصيرآباد، اولھ ۾ ديھ جلباڻي ۽ ڏکڻ ۾ ديھ کڏھري ۽ ديھ آڏي لاشاري واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿي آهي.

آبادي

[سنواريو]

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 3,772 ھئي جيڪا 682 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018
  2. [ http://map.sindhzameen.gos.pk/Taluka.aspx?district=Kamber%20Shahdad%20Kot آرڪائيو ڪيا ويا 2021-07-25 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.]