مواد ڏانھن هلو

ڪاٺيا بازار

ڪاٺيا بازار (نصيرآباد)

ديھ ڪاٺيا بازار
ديھ
Deh Kathia Bazar
ڪاٺيا بازار  (نصيرآباد) is located in سنڌ
ڪاٺيا بازار  (نصيرآباد)
ڪاٺيا بازار (نصيرآباد)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
ڪاٺيا بازار  (نصيرآباد) is located in پاڪستان
ڪاٺيا بازار  (نصيرآباد)
ڪاٺيا بازار (نصيرآباد)
ڪاٺيا بازار (نصيرآباد) (پاڪستان)
Coordinates: 27°22′33″N 67°55′38″E / 27.37583°N 67.92722°E / 27.37583; 67.92722
ملڪپاڪستان پاڪستان
صوبوسنڌ
ضلعوقمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقونصيرآباد تعلقو
آبادي
 (2017)[1]
• ڪثافتauto في چورس ڪلوميٽر
وقتي علائقوUTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت )


ديھ ڪاٺيا بازار(انگريزي: Deh Kathia Bazar) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي نصيرآباد تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا نصيرآباد تپي ۾ واقع آهي.

تاريخ

[سنواريو]

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1881ع واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ صادق ڳنوار، ٿرڙي وارو مقام، ڳوٺ ڳوانسر، جنھن لڳ گھر گکڻ گوانسر جا، مقام عمر فقير جو، ڳوٺ نصيرآباد جنھن لڳ انجنيئري بنگلا، مسڻ ۽ گھر رنگيلين جا، ڳوٺ سونو گوندل واقع ھيا. ديھ مان ڳوٺ نصيرآباد ڀرسان چيلو واھ ۽ لاڙ واھ گذرندڙ ھئا[2]. ھاڻي ھن ديھ ۾ نصيرآباد شھر جو اوڀرندو حصو واقع آهي جنھن ۾ نصيرآباد شھر جو پراڻو حصو، گرڊ اسٽيشن، نصيرآباد ڊگري ڪاليج ۽ باء پاس وارو علائقو پڻ شامل آھن.

جاگرافي

[سنواريو]

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ واسو ڪلھوڙو، ديھ گل سانگھرو ۽ ديھ مرادي، اولھ ۾ ديھ نصيرآباد، اوڀر ۾ ديھ گڪو ۽ ديھ بٺ ۽ ڏکڻ ۾ ديھ چنجڻي واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿي آهي. نصيرآباد باڊھ روڊ ھن ديھ مان گذرندڙ آھي. وڳڻ نصيرآباد روڊ پڻ ھن ديھ مان گذرندي نصيرآباد شھر ۾ داخل ٿئي ٿو.

آبادي

[سنواريو]

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 3,875 ھئي جيڪا 571 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018
  2. [ http://map.sindhzameen.gos.pk/Taluka.aspx?district=Kamber%20Shahdad%20Kot آرڪائيو ڪيا ويا 2021-07-25 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.]