مواد ڏانھن هلو

جلباڻي (نصيرآباد)

بيھڪ: 27°20′40″N 67°50′18″E / 27.34444°N 67.83833°E / 27.34444; 67.83833
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جلباڻي (نصيرآباد)
ديھ جلباڻي
ديھ
Deh Jalbani
جلباڻي (نصيرآباد) is located in سنڌ
جلباڻي (نصيرآباد)
جلباڻي (نصيرآباد)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جلباڻي (نصيرآباد) is located in Pakistan
جلباڻي (نصيرآباد)
جلباڻي (نصيرآباد)
جلباڻي (نصيرآباد) (Pakistan)
جاگرافي بيهڪ: 27°20′40″N 67°50′18″E / 27.34444°N 67.83833°E / 27.34444; 67.83833
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو نصيرآباد تعلقو

ديھ جلباڻي (انگريزي: Deh Jalbani) سنڌ جي ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ جي نصيرآباد تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا کڏھري تپي ۾ واقع آهي.

تاريخ

[سنواريو]

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1880ع واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ خانڻ، ڳوٺ منگي کوکر، ڳوٺ مسڻ پراڻا، ڳوٺ خان محمد کھاوڙ، جلباڻين جو مقام ۽ ڳوٺ الھرکيو جلباڻي واقع ھيا.[2] ھاڻي ھن ديھ ۾ ڳوٺ طيب ڪانڌڙو، ڳوٺ بھرام کوسو، ڳوٺ جمعو مغيري، شيخ فارم، ڳوٺ غازي جلباڻي ۽ ڳوٺ الھرکيو جلباڻي واقع آهن.

جاگرافي

[سنواريو]

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ ڦيکراٽو ۽ ديھ علي بھار، اوڀر ۾ ديھ مڱيو، اولھ ۾ ديھ گاجي کھاوڙ ۽ ديھ آھون ۽ ڏکڻ ۾ ديھ کڏھري واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿي آهي.

آبادي

[سنواريو]

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 7,440 ھئي جيڪا 1,339 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا

[سنواريو]
  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]
  2. [ http://map.sindhzameen.gos.pk/Taluka.aspx?district=Kamber%20Shahdad%20Kot آرڪائيو ڪيا ويا 2021-07-25 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.]