ڏيرا (نصيرآباد)
ڏيک
ڏيرا (نصيرآباد) ديھ ڏيرا | |
---|---|
ديھ | |
Deh Dera | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°24′14″N 67°57′56″E / 27.40389°N 67.96556°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | نصيرآباد تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 7,383 |
ديھ ڏيرا(انگريزي: Deh Dera) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي نصيرآباد تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا ڏيرا تپي ۾ واقع آهي. ديھ ۾ لاڙڪاڻو نصيرآباد روڊ تي واقع ڏيرا ڳوٺ جو نالو ھن ديھ تي پيل آھي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود برٽش انڊيا واري دؤر جي ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ مڏن ڏيرا، ڳوٺ ڏيرا جنھن لڳ مھاڻن جو مقام، ۽ ٽي ننڍڙا غيرمعروف ڳوٺ واقع ھيا.[2] ھاڻي ھن ديھ ۾ ڳوٺ ڏيرا، ڳوٺ مڏن ڏيرا، ڳوٺ نچراڻي معروف آھن.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ چؤديرو، اوڀر ۾ ديھ بٺ ڏيرا، اولھ ۾ ديھ گل سانگھرو ۽ ديھ واسو ڪلھوڙو ۽ ڏکڻ ۾ ديھ بٺ واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿي آهي.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 7,383 ھئي جيڪا 1,236 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].
حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]
- ↑ [ http://map.sindhzameen.gos.pk/Taluka.aspx?district=Kamber%20Shahdad%20Kot آرڪائيو ڪيا ويا 2021-07-25 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.]