مواد ڏانھن هلو

آڏي لاشاري

آڏي لاشاري (وارھ)

ديھ آڏي لشاري
ديھ
Deh Adi Lashari
آڏي لاشاري (وارھ) is located in سنڌ
آڏي لاشاري (وارھ)
آڏي لاشاري (وارھ)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
آڏي لاشاري (وارھ) is located in پاڪستان
آڏي لاشاري (وارھ)
آڏي لاشاري (وارھ)
آڏي لاشاري (وارھ) (پاڪستان)
Coordinates: 27°19′57″N 67°54′06″E / 27.33250°N 67.90167°E / 27.33250; 67.90167
ملڪپاڪستان پاڪستان
صوبوسنڌ
ضلعوقمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقونصيرآباد تعلقو
آبادي
 (2017)[1]
• ڪل4,644
• ڪثافتauto في چورس ڪلوميٽر
وقتي علائقوUTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت )


ديھ آڏي لاشاري(انگريزي: Deh Adi Lashari) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي نصيرآباد تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا چنجڻي تپي ۾ واقع آهي. ھن ديھ کي مقامي لھجي ۾ آڏي لشاري سڏيندا آهن

تاريخ

[سنواريو]

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1954ع واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھي ديھ کڏھري تپي م واقع ھئي بعد ۾ چنجڻي تپي جي قيام بعد ان کي نئين تپي ۾ شامل ڪيو ويو. ان نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ان وقت ھن ديھ ۾ ڳوٺ لاشاري، ڳوٺ حاڪم ڏيپر (جيڪو 1954ع م ڪور رحيم خان تي نئون قائم ٿيل ڳوٺ ھيو)، ڳوٺ آڏي لشاري، ڳوٺ ميانداد چنجڻي ۽ ان ڀرسان ڪانڌڙن جو ڳوٺ واقع ھيا[2]. ڳوٺ اڏي لشاري ان وقت بہ ھڪ ننڍڙو ڳوٺ ھيو ۽ ڳوٺ لاشاري ۽ ڳوٺ ميانداد چنجڻي ديھ جا وڏا ڳوٺ ھيا. ھاڻي ھن ديھ ۾ ڳوٺ ميانداد چنجڻي، ڳوٺ محمد پنھل چنجڻي واقع آھن باقي ٻيا غيرمعروف ٿي چڪا آهن.

جاگرافي

[سنواريو]

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ نصيرآباد، اوڀر ۾ ديھ چنجڻي، اولھ ۾ ديھ مڱيو ۽ ڏکڻ ۾ ديھ کڏھري ۽ ديھ آڏي ڌامراھو واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿي آهي.

آبادي

[سنواريو]

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 4,644 ھئي جيڪا 760 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1]. هن ديھ ۾ ڳوٺ آڏي لاشاري جي آبادي ڏيڍ سئو کن آهي ۽ هتي پرائمري اسڪول پڻ آهي.[3]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018
  2. [ http://map.sindhzameen.gos.pk/Taluka.aspx?district=Kamber%20Shahdad%20Kot آرڪائيو ڪيا ويا 2021-07-25 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.]
  3. آڏي لاشاري : (Sindhianaسنڌيانا)