ڦيکراٽو
| ڦيکراٽو (نصيرآباد) ديھ ڦيکراٽو | |
|---|---|
| ديھ | |
| Deh Phekhrato | |
| سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
| متناسقات: 27°24′03″N 67°50′30″E / 27.40083°N 67.84167°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | سنڌ |
| ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
| تعلقو | نصيرآباد تعلقو |
ديھ ڦيکراٽو (انگريزي: Deh Phekhrato) سنڌ جي ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ جي نصيرآباد تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا لاکاٽ تپي ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود برٽش انڊيا واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھي ديھ وارھ تعلقي جي ڦيڪراٺو تپي ۾ واقع ھئي جنھن ۾ ان وقت ڳوٺ ڦيڪراٺو، ڳوٺ فتح خان ڦلپوٽو، ڳوٺ امير بخش، ڳوٺ برادي ڦلپوٽو، ڳوٺ آئو ڦلپوٽو، ڳوٺ ڳاڙھو ڦلپوٽو، ڳوٺ خان محمد ڦلپوٽو، ڳوٺ خاوندڏنو ڦلپوٽو، ڳوٺ جوڻيجن جو ۽ ڳوٺ سيدن جو واقع ھيا[1] جيڪي ھاڻي لڳ ڀڳ غيرمعروف ٿي يا ڦٽي ويا آهن. ھاڻي ھن ديھ ۾ ڳوٺ نور مصطفي، ماسيپور، شورادپور، ڳوٺ محله سولنگي واقع آھن.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ واھوچا ۽ ديھ ٿررڙي ھاجران، اوڀر ۾ ديھ لاکو، اولھ ۾ ديھ علي بھار ۽ ڏکڻ ۾ ديھ مڱيو ۽ ديھ جلباڻي واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿي آهي.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 4,027 ھئي جيڪا 485 خاندانن تي مشتمل ھئي.[2].
حوالا
[سنواريو]- ↑ [ http://map.sindhzameen.gos.pk/Taluka.aspx?district=Kamber%20Shahdad%20Kot آرڪائيو ڪيا ويا 2021-07-25 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.]
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs namedآدمشماري