نصيرآباد ديھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(نصيرآباد)
ديھ نصيرآباد
ديھ نصيرآباد
Deh Nasirabad
(نصيرآباد) is located in سنڌ
(نصيرآباد)
(نصيرآباد)
(نصيرآباد) is located in Pakistan
(نصيرآباد)
(نصيرآباد)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°22′47″N 67°55′04″E / 27.37972°N 67.91778°E / 27.37972; 67.91778مڪانيت: 27°22′47″N 67°55′04″E / 27.37972°N 67.91778°E / 27.37972; 67.91778
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو نصيرآباد تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 41,478


ديھ نصيرآباد(انگريزي: Deh Nasirabad) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي نصيرآباد تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا نصيرآباد تپي ۾ واقع آهي.

تاريخ[سنواريو]

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1880ع واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ نصيرآباد جنھن لڳ مختيار ڪار جي آفيس، ڍڪ، عيدگاھ، ڳوٺ ساماڻو مسڻ، تاج خان وارو مقام، ڳوٺ اوڊھر مسڻ، پير شير محمد جو مقام، ڳوٺ ننگر جھتيال، ڳوٺ لورو مسڻ، ڳوٺ راضي جھتيال، ڳوٺ پڙمل جنھن سان لڳولڳ وليداد جو مقام ۽ ڳوٺ الھندو مسڻ، ابڙن جو ڳوٺ واقع ھيا[2]. انھن مان گھڻا ڳوٺ ھاڻي غيرمعروف ٿي ويا يا ڦٽي ويا آهن. نصيرآباد ڳوٺ ھاڻي نصيرآباد شھر بڻجي چڪو آهي. چيلو واھ پڻ اتان وھندڙ ھيو[2]. ھاڻي ھن ديھ ۾ نصيرآباد شھر، پڙمل، ڳوٺ پنھور ۽ رحمت پور واقع آهن.

جاگرافي[سنواريو]

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ مرادي، اوڀر ۾ ديھ لائق پور ۽ ديھ ڪاٺيا بازار، اولھ ۾ ديھ لاکا ۽ ڏکڻ ۾ ديھ چنجڻي، ديھ آڏي لاشاري ۽ ديھ مڱيو واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿي آهي. نصيرآباد مان باڊھ، وارھ، وڳڻ، ميھڙ، لاڙڪاڻو ۽ گاجي کھاوڙ طرف روڊ واقع آهن. ديھ ۾ نصيرآباد شھر تعلقي نصيرآباد جو صدر مقام آهي.

آبادي[سنواريو]

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 41,458 ھئي جيڪا 7,223 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1]. ان سال ٻھراڙيءَ جي آبادي 3,681 ھئي جيڪا 745 خاندانن تي مشتمل ھئي ۽ شھري آبادي نصيرآباد شھر واري ھئي جيڪا 37,777 ھئي ۽ 6,478 خاندانن تي مشتمل ھئي.

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]
  2. 2.0 2.1 [ http://map.sindhzameen.gos.pk/Taluka.aspx?district=Kamber%20Shahdad%20Kot آرڪائيو ڪيا ويا 2021-07-25 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.]