چنجڻي
چنجڻي (نصيرآباد) ديھ چنجڻي | |
---|---|
ديھ | |
Deh Chinjni | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°20′03″N 67°55′18″E / 27.33417°N 67.92167°Eمڪانيت: 27°20′03″N 67°55′18″E / 27.33417°N 67.92167°E | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | نصيرآباد تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | ٢,٥٨٦ |
ديھ چنجڻي(انگريزي: Deh Chinjni) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي نصيرآباد تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا چنجڻي تپي ۾ واقع آهي.
تاريخ[سنواريو]
بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1902ع واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ روشن آباد، ڳوٺ خدادا خان پٺاڻ ۽ ڳوٺ چنجڻي ۽ مقام ٻڍو ڪانڌڙو واقع ھيا. ان وقت ھي ديھ کڏھري تپي م واقع ھئي[2]. پاڪستان جي قيام بعد ان کي نئين تپي چنجڻي ۾ شامل ڪيو ويو. ھاڻي ھن ديھ ۾ ڳوٺ خداداد پٺاڻ واقع آهي.
جاگرافي[سنواريو]
ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ ڪاٺيا بازار ۽ ديھ نصيرآباد، ديھ ، اوڀر ۾ ديھ ڌامراھ، اولھ ۾ ديھ آڏي لاشاري ۽ ڏکڻ ۾ ديھ آڏي ڌامراھ واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿي آهي. ديھ مان انڊس ھاء وي اين 255 گذرندڙ آھي.
آبادي[سنواريو]
2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 2,586 ھئي جيڪا 387 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].
حوالا[سنواريو]
- ↑ 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[١]
- ↑ [ http://map.sindhzameen.gos.pk/Taluka.aspx?district=Kamber%20Shahdad%20Kot]