گل سانگھرو
گل سانگھرو (نصيرآباد) ديھ گل سانگھرو | |
---|---|
ديھ | |
Deh | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°24′47″N 67°56′56″E / 27.41306°N 67.94889°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | نصيرآباد تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 3,579 |
ديھ گل سانگھرو(انگريزي: Deh Gul Sanghru) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي نصيرآباد تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا نصيرآباد تپي ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1880ع واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ بچي، ڳوٺ الھندو سانگھرو جنھن سان لڳولڳ ھڪ ڦٽل ڳوٺ، ڳوٺ گل سانگھرو، چانڊين جو ڳوٺ، کوکرن جو ڳوٺ، ڳوٺ باگ ڪلھوڙو، ڳوٺ پانڌي ڪلھوڙو، ڳوٺ کڏائين جو واقع ھيا.[2] ھاڻي ھن ديھ ۾ ڳوٺ گل سانگھرو ۽ ڳوٺ بچي معروف ڳوٺ آھن.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ چؤديرو، اوڀر ۾ ديھ ڏيرا، اولھ ۾ ديھ بند جاني ۽ ديھ مرادي ۽ ڏکڻ ۾ ديھ واسو ڪلھوڙو ۽ ديھ لائق پور واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿي آهي. ديھ جي ٻن پاسن کان قمبر نصيرآباد روڊ ۽ لاڙڪاڻو نصيرآباد روڊ واقع آھن
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 3,579 ھئي جيڪا 537 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].
حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]
- ↑ [ http://map.sindhzameen.gos.pk/Taluka.aspx?district=Kamber%20Shahdad%20Kot آرڪائيو ڪيا ويا 2021-07-25 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.]