بيلجيم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بيلجيم جو جھنڊو

بيلجيم جي سرڪاري مهر
بيلجيم جو نقشو

هن ملڪ جو سرڪاري نالو بيلجيم جي شهنشاهيت (Kingdom of Belgium) آهي. اتر ۾ نيدر لئنڊس، ڏکڻ ۾ فرانس، اوڀر ۾ جرمني ۽ اولهه ۾ سمنڊ اٿس. گاديءَ جو هنڌ برسلز آهي. ستن صوبن تي مشتمل هن ملڪ جي سرڪاري ٻولي ”فليمش“ آهي. جڏهن ته ٻين ٻولين ۾ فرينچ ۽ جرمن کي ڄڻ ٻئي نمبر تي حيثيت حاصل آهي. سرڪاري مذهب ”عيسائيت“ ۽ سڪو ”بيلجين فرئنڪ“ اٿس. هن جو ڏکڻ اوڀر وارو حصو پهاڙن تي مشتمل آهي، باقي حصو سرسبز آهي، جنهن ۾ ندين ۽ واهن جو ڄار پکڙيل آهي. اتر طرف کان ڊگهي سامونڊي پٽي هجڻ ڪري، سڄو سال موسم خوشگوار رهي ٿي. ’والونس‘ (Wallons) ۽ فليمنگس ۾ اندروني جهيڙي سبب ڪيتريون ئي حڪومتون تبديل ٿينديون رهيون ۽ نتيجي ۾ 1989ع جي آئين موجب بيلجيم، فلئنڊرس، والونيا ۽ برسلز جي خودمختيار رياستن ۾ تقسيم ٿي ويو. 1993ع ڌاري آئين ۾ ترميم ڪري مختلف رياستن کي وفاق جي ماتحت ڪيو ويو. بيلجيم ۾ هن وقت شهنشاهي نظام آهي. سينيٽ ۽ چيمبر جا ميمبر شهنشاهه جي ماتحت هوندا آهن. معيشت جو دارومدار صنعت ۽ زراعت تي آهي. هتي ڪڻڪ، پٽاٽا، ڪمند ۽ ٻيا فصل جام ٿين ٿا. ترقي يافته ملڪن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. بيلجيم ۾ ڌاڳي، شيشي، دوائن ۽ پئٽرول صاف ڪرڻ جا ڪارخانا تمام گهڻا آهن. بيلجئم ۾ هيرن تراشڻ جو ڪم پڻ ٿيندو آهي ۽ بيلجئم جا تراشيل هيرا گهڻا مشهور آهن. سنڌ ۾ وڏ گهراڻيون عورتون اهي ڳهن ۾ جڙائي پائينديون آهن. هن وقت، هيءُ ملڪ يورپ ۾ واپار جو وڏو مرڪز آهي. هتي ڪيترين ئي بين الاقوامي تنظيمن جا هيڊڪوارٽر پڻ آهن.[1]