روبينا قريشي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

روبينا قريشي ( سنڌي : روبينہ قريشي، 19 آڪٽوبر 1940 - 13 جولاءِ 2022ع) پاڪستان جي مشهور سنڌي ڪلاسيڪل ڳائڻي آھي.هوءَ 1960 کان 1990 تائين جي عرصي دوران تمام مشهور هئي. هوءَ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ، سنڌ طرفان متعارف ڪرايل سڀ کان پهرين سنڌي عورت ڳائڻي پڻ هئي. هن اڪثر ڪري صوفي گيت ڳايا آهن . هوءَ ”سنڌ جي ڪوئل“ ۽ ”سنڌ جي بلبل“ طور مشهور آهي.

ابتدائي زندگي[سنواريو]

روبينا 19 آڪٽوبر 1940 تي حيدرآباد ، سنڌ ، پاڪستان ۾ پيدا ٿي . [1] هن جو اصل نالو عائشه شيخ هو ۽ هن جي والد جو نالو الاهي بخش شيخ هو. جيتوڻيڪ هن جو تعلق عام ڳائڻي خاندان سان نه هوالبت سندس ڀاءُ عبدالغفور شيخ هڪ مقامي ڳائڻو هو. هن اسڪول جي فنڪشن ۾ ڳائڻ شروع ڪيو جڏهن هوءَ هڪ پرائمري اسڪول ۾ پڙهندي هئي. مشهور تعليمدان ۽ موسيقار دادي ليلا وتيءَ هن کي ڳائڻ جي لاءِ حوصله افزائي ڪئي. [2]

17 آگسٽ 1955 تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد قائم ٿيو. [3] هن نئين قائم ٿيل ريڊيو اسٽيشن جي انتظاميه حيدرآباد جي سمورن وڏن اسڪولن کي باصلاحيت ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي ريڊيو تي متعارف ڪرائڻ لاءِ خط لکيو. روبينا نائين ڪلاس ۾ پڙهندي هئي جڏهن هن ٻاراڻي گلوڪارہ جي طور تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ آڊيشن ڏني. مشهور براڊڪاسٽر ايم بي انصاري ۽ مشهور موسيقار ۽ گلوڪار ماسٽر محمد ابراهيم هن جو آڊيشن ورتو. هن پهرين ڪوشش ۾ آڊيشن پاس ڪئي. ريڊيو لاءِ سندس پھريون ڳايل گيت ھو ”پيرين پوندي سان چوندي سان رھي وڃ رات ڀنڀور ۾“. اهو گانو ريڊيو ٻڌندڙن ۾ تمام گهڻو مشهور ٿيو ۽ هوءَ سڄي سنڌ ۾ مشهور ٿي وئي. ڳائڻ جي ڪيريئر سان گڏ ، هن سنڌ يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ مسلم تاريخ ۾ ماسٽر آف آرٽس جي ڊگري حاصل ڪئي. هن 1967-68 ۾ حيات الاسلام گرلز هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ هاءِ اسڪول جي استاد طور ڪم ڪيو.

تعاون[سنواريو]

ريڊيو پاڪستان حيدرآباد هن جي آواز ۾ صوفي شاعرن سميت سوين گانا رڪار ڪيا جن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ، سچل سرمست ، ٻڍل فقير ، منٺار فقير ۽ ٻيا شامل آهن. هن پنهنجي ساٿي گلوڪاره زرينا بلوچ ، امينا ۽ زيب النساء سان گڏ ڪيترا ئي سھرا پڻ ڳايا. اهي سھرا اڃا تائين سنڌ ۾ مشهور آهن. هن ڪجهه سنڌي فلمن جي پلي بيڪ سنگر جي طور تي به ڳايو ، جن ۾ گهونگهٽ لاھ ڪنوار[4] ۽ سسئي پنهون شامل آھن. 1970 ۾ مشهور فلم ۽ ٽي وي اداڪار مصطفيٰ قريشي سان شادي ڪرڻ کانپوءِ هوءَ پنهنجي مڙس سان گڏ لاهور شفٽ ٿي وئي. لاهور ۾ هن استاد ڇوٽي غلام عليءَ کان موسيقيءَ جي سکيا ورتي. لاهور ۾ هن اردو ، پنجابي ، سرائيڪي ، پشتو ۽ بنگاليءَ ۾ به ڳايو . هن انڊونيشيا ، چين ، ترڪي ، ڀارت ، برطانيه ۽ يونائيٽڊ اسٽيٽس ۾ به فن جو مظاھرو ڪيو. [5]

روبينا قريشي سماجي ورڪر پڻ رهي. هن پاڪستان جي بلائنڊ ويلفيئر ايسوسيئيشن (ليڊيز ونگ) ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

صوفي ميوزڪ لاءِ سندس خدمتن جي اعتراف طور کيس ”قلندر شهباز“ ۽ ”خواجه غلام فريد“ ايوارڊ سان نوازيو ويو. هوءَ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد (2012) کان پڻ انعام حاصل ڪري چڪي آهي. [6]

روبينا ڪيترائي گانا ڳايا آهن. سندس اڪثر گانا ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ميوزڪ لائبريري ۾ موجود آھن.

وفات[سنواريو]

روبينا قريشيءَ 13 جولاءِ 2022ع تي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.

حوالا[سنواريو]

  1. "روبينا قريشي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-04-08. 
  2. "دادي سورڳ ۾ هيرآباد ٻيهر گڏجي اڏينداسين (محسن جويو) | پيچرو نيوز سنڌي". www.pechro.com (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-04-08. 
  3. "ريڊيو پاڪستان : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-04-08. 
  4. "Pakistan Film Database - پاکستان فلم ڈیٹابیس - Lollywood Movies". pakmag.net. حاصل ڪيل 2020-04-08. 
  5. Mahwish Abbassi: Rubina Qureshi, Daily Kawish Hyderabad, 2015-01-25.
  6. Correspondent, The Newspaper's Staff. "Mustafa Qureshi, wife receive accolades". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2020-04-08.