بابر بادشاهه

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
بابر بادشاھ

بابر بادشاهه ظهير الدين بن عمر شيخ مرزا جي ولادت 6 محرم 888 هه/ 14 فيبروري 1483ء تي ٿي ۽ 6 جماد الاول 937هه/26 ڊسمبر 1530ء تي وفات ٿي. بابر ڏاڏاڻي نسب کان تيموري ۽ ناناڻي نسب کان چغتائي چنگيزي هو. هيءُ 8 جون 1494ء ۾ 11 سالن جي عمر ۾ فرغانه جو حاڪم ٿيو. پيءُ جي وقت ۾ ئي بابر جون چاچن ۽ مامن سان لڙايون شروع ٿي چڪيون هيون جيڪي بدستور جاري رهيون ۽ خود بابر کي پڻ ڏهن سالن تائين شڪست ۽ فتح جي نشيب ۽ فراز ڏسڻ بعد وطن ڇڏڻو پيو. بابر جو چاچو محمد مرزا، سمرقند جو حاڪم هو. ان جي وفات ۽ بابر جي سئوٽن جي باهمي نا اتفاقيءَ جو فائدو وٺي سمرقند تي قبضو ڪيائين. 1499ء ۾ شادي ٿيس. 1504ء ۾ بلخ ۽ ڪابل به فتح ڪيائين. ان سان گڏ سياسي ۽ فوجي قوت به وڌايائين. 1507ء ۾ ارغونن کان اقتدار حاصل ڪيائين. 1511ء تائين سڄو افغانستان هن جي قبضي هيٺ اچي ويو. 1524ء ۾ دولت خان لوڌيءَ جي دعوت تي لاهور آيو ۽ ديپالپور پڻ فتح ڪري ورتائين. 1526ء ۾ ابراهيم لوڌيءَ کي شڪست ڏيئي (پاڻيپٽ جي پهرين لڙائي) دهلي ۽ آگري تي قبضو ڪيائين. پوءِ هڪ طرف راجپوتن کي ڪانواهه ۾ شڪست ڏنائين. (1527ع). ٻئي طرف سلطنت جي اڀرندي سرحد بنگال تائين پهچائي ڇڏي. بابر بادشاهه 26 ڊسمبر 1530ء تي آگري ۾ وفات ڪئي ۽ هن کي ”باغ بابر“ (ڪابل) ۾ دفن ڪيو ويو. جهانگير هن جي قبر تي سهڻو مقبرو اڏايو. هي مغليه خاندان جو اهو حڪمران هو. جيڪو وڏي حوصلي وارو، بلند نظر، جفاڪش، بهادر ۽ مشڪلات ۾ ڪڏهن به گهٻرائڻ وارو نه هو. عزم ۽ استقلال ۾ ڪڏهن فرق نه آيس. تمام گهڻو رحمدل ۽ فياض هو. هميشه سادي زندگي بسر ڪيائين. طاقتور اهڙو هو، جو ٻن ماڻهن کي ڪڇن ۾ دٻائي قلعي جي ديوار تي ڀڄندو هو. بابر ترڪي ۽ فارسي ٻوليءَ جو سٺو شاعر هو. بابر جي خود نوشت سوانح عمري ”تزڪ بابري“ (بابر نامه) هن جي گهري نظر، صاف دلي ۽ صاف گوئي جو روشن دستاويز آهي. ’تزڪ بابري‘ جو سنڌيءَ ۾ به ترجمو ٿيو آهي.[1]