ھندو

لفظ هندو (انگريزي ٻولي: Hindu) نه ته سنسڪرت جو لفظ آهي ۽ نه ئي ڀارت ۽ پاڪستان جي ڪنهن ٻوليءَ ۾ اهو لفظ آهي. هندو ڪنهن مذهب يا ڌرم جو نالو ناهي. ڇو جو ڪنهن به پراڻي ويد ۾ لفظ ”هندو“ جو ڪو ذڪر ئي ٿيل ناهي. سنسڪرت ۾ سنڌو ندي جي لاءِ ”سنڌو“ لفظ آهي. فارسي (پارسي) زبان ۾ لفظن جي شروع ۾ اکر ”س“ کي ”هه“ سان بدلائڻ جو لاڙو رهيو آهي. تاريخدانن پهريون دفعو لفظ ”هندو“ سنڌو دريا جي لاءِ ڪتب آندو. زنداوستا ۾ به ان کي هندو دريا سڏيو ويو آهي ۽ ان جي ڪناري تي رهڻ وارن کي به سنڌي جي بدرآن ”هندو“ سڏيو ويو آهي.
517 قبل مسيح ۾ جڏهن فارس جي شاهه دارا (داريوس) اول جڏهن پنهنجي سلطنت سنڌو دريا تائين پهچائي ورتي ته سنڌ جا رهاڪو به ان جي فوج ۾ ڀرتي ٿي ويا، جن کي اهي ”هندو“ چوندا هئا. ان کان پوءِ يونانين ۽ آرمينيائي تاريخدانن پڻ اهو اُچار جيئن جو تيئن ئي رکيو. ٿر جي پار واري علائقي کي ڀارت چيو ويندو هو. ويدن جي مڃڻ وارن کي ڪڏهن به هندو نه سڏيو ويو آهي. انهن کي سنتنا ڌرما سڏيو ويو آهي. ڇو جو هندو رڳو سنڌو دريا جي ڪناري رهڻ وارا سڏيو ويندو هئا.[1]
پر هاڻي وقت سان گڏ هن لفط جي معنا ۾ ڦيرو اچي ويو آهي ۽ هندوازم جي پوئلڳن کي هِندو سڏيو وڃي ٿو. هنن جي گهڻائي نيپال ۽ انڊيا ۾ آهي.
سنڌي ھندو سماج
[سنواريو]نڌي ھندو پوري ھندوستان کان مختلف ۽ منفرد سماج جوڙي ويٺا ھئا. جنھن وقت پورو ڀارت جاتي واد سماج يا اوچ نيچ، ۽ ڇوت ڇات ۾ گھيريل ھو، ان وقت سنڌي ھندن ۾ ڪو بہ اڇوت، شودر يا دلت نہ ھئو. سنڌ جون سموريون ھندو سنڌي بردريون برابري ۽ ڀائيچاري جي بنياد تي رھنديون ھيون. سنڌي ھندن جي اڪثريت لوھاڻا ھئي، جڏھن تہ اروڙا ۽ ڀاٽيا پڻ ساڳئي سماج جو حصو ھئا. سنڌي ھندن ۾ برھمڻ صرف ھڪ سيڪڙو ھئا پر سنڌي سماج ۾ ڪو بہ ھيٺئين طبقي سان تعلق نہ رکندو ھئو.
سنڌ ۾ موجود ڪولھي، ڀيل، ميگھواڙ، اوڏ، باگڙي سنڌ جي ريگستاني علائقي ٿر ۾ رھندا ھئا. انتظامي طور ٿر راجپوت راڻن جي ھٿ ۾ ھئو جنھن ڪري ريگستاني علائقي ٿر ۾ اوچ نيچ، ذات پات ۽ طبقاتي ورھاست ٿيل ھئي.
سنڌي ھندو حڪومتي عھدن کان پري رھي ذاتي ڪاروبار ۾ مصروف رھندا ھئا، ھر ھڪ ننڍي وڏي ڳوٺ ۾ سنڌي ھندن جو پنچائتي نظام ھوندو ھئو، ذاتي مسئلن کان ويندي خانداني جھيڙن جھڳڙن، ملڪيت جي تڪرار کان ويندي شھري مسئلن تائين پنچائت ئي فيصلو ڪندي ھئي.
سنڌي ھندن جون ذاتيون اڪثر پنھنجي ڏاڏي جي نالي سان گڏ (واڻي) لفظ جي اضافي سان سڏبيون ھيون جيئن آڏي جي اولاد آڏواڻي، ڪيسوءَ جي اولاد ڪيسواڻي، ساڌوءَ جي اولاد ساڌواڻي، دادلي جي اولاد دادلاڻي، من سُک جي اولاد منسُکاڻي سڏجڻ لڳي. سندن ذاتين جي پويان (واڻي) ھجڻ جي ڪري سنڌي ھندن کي گڏي ڪري (واڻيا) چوندا ھئا. واڻين جون ذاتيون (جن جي پڇاڙيءَ ۾ واڻي لڳل ھجڻ) لوھاڻا ھئا.
ڪجھ ھندو سنڌي ذاتيون سمن (سماٽ) نسل مان نڪتل ھيون، جيڪي ابڙيجا (ڄام ابڙي جي اولاد ۽ پڳدار ھئا) آھوجا، راھوجا، راھيجا، سکيجا، ناروءَ جا (ناريجا)، ساريجا، تلريجا، جوڻيجا، جاڙيجا، ڪوريجا، سونيجا.
سنڌي ھندن جو پنچائتي سرشتو ويھين صديءَ جي آخر ۾ ڊھي ختم ٿي ويو.
اترادي سنڌين جي اڪثريت ھاڻي دريا پنٿي (جھولي لال) ڇڏي، نانڪ پنٿي (واھگرو) ڏانھن وڌيڪ جھڪاءُ رکي ٿي. سنڌي واڻڪو سماج جنھن عربن جي اچڻ کان پوءِ بہ ساڍا ٻارھن سئو سال پنھنجو وجود قائم رکيو، سنڌ جو اھو واڻڪو سماج 1980ع جي ڏھاڪي کان پوءِ ڊھي پٽ پيو آھي جنھن جو بنيادي سبب پاڪستان ۽ ھندوستان جي سرد جنگ ۾ پيڙھجندڙ سنڌي ھندو وٽ ٻيو ڪو رستو ئي ناھي بچيو. [2]
يڌهشٽر
[سنواريو]هندو ڌرم جي پَوِتر بزرگ يڌهشٽر لاءِ روايت آهي ته، سندس سچائيءَ ڪري سندس رٿ (گهوڙي گاڏي) زمين کان مٿي هلندي هئي.[3]
حوالا
[سنواريو]- ↑ هندو معنا سنڌي | Indus Asia Online Blog[مئل ڳنڍڻو]
- ↑ محقق؛ ڊاڪٽر برڪت نوناري
- ↑ انسانيت جي تعمير (مولانا وحيد الدين خان / خالد ڀٽي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, اصل نسخو مان 2017-09-12 تي محفوظ ڪيل, 2016-09-13 تي حاصل ڪيل
{{citation}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد)