ساساني سلطنت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ساساني سلطنت (انگريزي: Sasanian Empire) ايران جي فارسي سلطنت ھئي جنھن تي ساساني بادشاھن حڪمراني ڪئي. ھن سلطنت جو بنياد 224ع ۾ پيو ۽ اھا 651ع تائين قائم رھي[1]. ايران ۾ مسلمانن جي فتح ھن سلطنت جو خاتمو آندو. ساساني سلطنت کان اڳ ھتي پارٿيان گھراڻي جي بادشاھي قائم ھئي. رومين سان جنگيون جوٽڻ ۽ پنھنجي خانداني جھڳڙن سبب پرٿيان حڪمران ڪمزور ٿي ويا ھئا جنھن جو فائدو وٺي ساسانين ملڪ تي قبضو ڪري نئين سلطنت جو بنياد وڌو. ساساني دور ۾ ايران ھڪ طاقتور ۽ آسودي قوم جي حيثيت سان دنيا ۾ متعارف ٿيو[2].

ارد شير اول (Ardashir I) ساساني گھراڻي جو پھريون بادشاھ ھو. ھن پارٿيان گھراڻي جي شھنشاھ ارتبنوس چوٿين (Artabanus IV) کي ھرمزدگان واري جنگ ۾ 224ع ۾ شڪست ڏئي پنھنجي گھراڻي جي بادشاھت جو بنياد رکيو[3]. ھن اھخامنشي بادشاھت جي روايتن کي زندھ رکندي ھڪ طاقتور سلطنت جو بنياد رکيو. ساساني سلطنت ۾ موجودھ ايران ۽ عراق جا سمورا علائقا شامل ھئا. ان سان گڏوگڏ ھن سلطنت جون حدون اڀرندي ڀونوچ سمنڊ (جنھن ۾ مصر ۽ انطوليہ بہ شامل ھو) کان وٺي موجودھ پاڪستان تائين پکڙيل ھيون. ڏکڻ عربستان جا ڪجهه علائقا، ڪاڪاشيا ۽ وچ ايشيا جا علائقا بہ ھن سلطنت جو حصو ھئا.

ساساني دور اسلام جي اچڻ کان اڳ ايران جي عروج جو دور مڃيو وڃي ٿو. ساسانين ھڪ طاقتور مرڪزي حڪومت جو بنياد رکيو ۽ اقليتن جي حقن سان ڇيڙڇاڙ کان پاسو ڪيو. ساساني زرتشت مذھب جا پوئلڳ ھئا ۽ ھنن پنھنجي مذھب کي خوب وڌايو ۽ ويجھايو. ھنن ڪيترائي يادگار تعمير ڪرايا ۽ سلطنت ۾ تعليمي ادارن جو ڄار وڇايو.

حوالا[سنواريو]

  1. "Culture of Iran". web.archive.org. حاصل ڪيل 2022-01-20. 
  2. Norman A. Stillman The Jews of Arab Lands pp 22 Jewish Publication Society, 1979 ISBN 0827611552
  3. "Sasanian dynasty | Significance, History, & Religion | Britannica". www.britannica.com. حاصل ڪيل 2022-01-20.