زرتشتي مذھب

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
فارواھار يا فروھار انھن اوائلي زردشتي نشانن مان ھڪ آھي فارواشي يعني حق جو ڏيک ڏين ٿا

زرتشتي مذھب (انگريزي ٻولي: Zoroastrianism), اسلام کان اڳ، آڳاٽي فارس جو هڪ خدا کي مڃيندڙ مذهب جيڪو 6هين عيسوي صدي کان اڳ زوروستر قائم ڪيو هيو. ھي دنيا جو ھڪ قديم مذھب آهي جنھن ۾ ازلي ثنويت (cosmogonic dualism) يعني خير ء شر جو ھجڻ، قيامت واري خيال (eschatology) ۽ ھڪ خدا جي تصور (monotheism) کي گڏائي پيش ڪيو ويو.[1] [2] ھن مذھب جي ڏنل تصورن ۾ مسيحيت جي تصور، قيامت ۽ آخرت جي تصور، جنت ۽ دوزخ جي تصور، انسان جي ارادي جي اختيار جي تصور بعد ۾ پيدا ٿيندڙ مذھبن کي متاثر ڪيو جن ۾ يھوديت، عيسائيت ۽ اسلام شامل آهن.[3] ھيءُ مذھبي فرقو آھي. ھن مذھب وارن کي پارسي به سڏيندا آھن[4]، جن جو نبي زردشت ھو. اُھي باھ جي پوڄڻ ڪري آتش پرست به سڏبا آھن ۽ پارسيءَ ۾ انھيءَ کي گبر چون. سج جي به پوڄا ڪندا آھن ۽ سمنڊ جي به. پھرين نوساري ۽ سورت جي پاسي ايران مان آيا ۽ بمبئي ۽ گجرات ۾ پکڙي پيا. وڏن وڏن شھرن ۾ انھن جا مندر آھن، جتي ھميشه باھ پيئي ٻرندي آھي ۽ ان باھ جي ھنڌ کي اگياري چوندا آھن. انھن جي پادرين يا عالمن کي دستور چوندا آھن. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۽ سکر ۾ به آھن. اھي تونگر ۽ واپاري ماڻھو آھن. انگريزن جي اچڻ وقت انھن سان گڏ سنڌ ۾ به آيا.[5] [6]

ايران ۾ زرتشتي مذھب[سنواريو]

ايران ۾ سوين سالن کان هڪ مستحڪم جاگيرداري نظام قائم هو. شديد مرڪزيت ۽ زرتشتي مذهب جو غلبو ان جون ٻه خصوصيتون هيون. زرتشتين جي مذهبي ڪتابن ـــــ اَوَستا ۽ يِشنا ــــــ مطابق ته سماج جا پنج طبقا هئا، پر ساسانين جي دؤر ۾ ٻن طبقن جو اڃا واڌارو ڪيو ويو ۽ ايئن ڪل ست طبقا ٿي پيا: 1. شهرداران: بادشاهه ۽ شاهي خاندان، 2. واسپهران، وزرگان ۽ آزاذان: رئيس، منصبدار ۽ بخباءَ، 3. آذروان: زرتشتي مذهبي عالم، 4. آرتيشتاران: فوج، 5. دبيران: حڪومت جا عمال (نوڪرشاهي، ڪاموراشاهي)، 6. واستريوشان: زراعت پيشا ماڻهو (هاري، آبادگار)، ۽ 7. هُتُخشان: هنرمند ۽ واپاري. شهنشاهه جو شاهي خاندان مان هئڻ لازمي هو. صوبن جا گورنر شاهي خاندان جي ماڻهن مان مقرر ڪيا ويندا هئا ۽ شاهه سڏائيندا هئا. واسپهرن جو رتبو انهن کان گهٽ هو، پر انهن ۾ ست خاندان ڏاڍا قوي ۽ هلنديءَ وارا هئا ۽ شاهي خاندان جو ڪو به ماڻهو انهن جي مرضيءَ کان سواءِ بادشاهه نه ٿي سگهندو هو. واسپهرن جي رئيسن کي سپهربُد چوندا هئا. واسپهرن ۽ وزرگن جي استعمال ۾ وڏيون وڏيون جاگيرون هونديون هيون، پر اهي عام طرح گاديءَ جي شهر طيسفون (بغداد کان 15 ميلن جي مفاصلي تي دجله نديءَ جي ڪناري) ۾ ئي رهندا هئا. سلطنت جي وڏن عهديدارن تي انهن جو ئي قبضو هو ۽ فوج جا سپهه سالار ۽ وڏا آفيسر اهي ئي ماڻهو هوندا هئا. انهن جو فرض هو ته جنگ جي موقعي تي شاهي لشڪر لاءِ پنهنجن علائقن مان سپاهي مهيا ڪن. ملڪ ۾ انهن سان ڪلهو هڻندڙ جيڪڏهن ڪا قوت هئي ته اها زرتشتي ڪليسا جي هئي، پر پنهنجي ملڪگير تنظيم جي ڪري زرتشتي ڪليسا جو اثر ۽ هلندي منصبدارن کان به وڌيڪ هئي. زرتشتي ڪليسا جو سربراهه موبدان موِّبد سڏائيندو هو، جنهن جي اثر هيٺ هزارين مَوبد شهرن ۽ ڳوٺن ۾ مذهبي رسمن لاءِ مقرر هئا. انهن جي چونڊ هميشه مجوس (مگان) قبيلي مان ٿيندي هئي. ان طبقي کي مڪمل سياسي آزادي نصيب هئي ۽ حڪومت جو حاڪم، ويندي شهنشاهه به، انهن جي سرگرمين ۾ مداخلت نه ڪري سگهندو هو. رومي ڪليسا جيان زرتشتي ڪليسا به گهڻي دولتمند هئي. ان وٽ ڪيتريون ئي زمينون ۽ جاگيرون هيون جيڪي آتشڪدن جي نالي وقف هونديون هيون. ان کان سواءِ نذر نياز ۽ زڪوات ۽ ڪفاري مان به گهڻو ئي ڌَن هر سال گڏ ٿيندو هو. ان ڪري پروفيسر ڪرسٽن سين جي چوڻ موجب ”هنن حڪومت اندر پنهنجي حڪومت قائم ڪري رکي هئي.“. انهن مان ڪيترائي ٻاوا (مَوبد) اهڙا هئا، جن وٽ عاليشان محل ۽ پرفضا باغ هئا ۽ هي ماڻهو پنهنجين زمينن تي پنهنجا خاص قانون نافذ ڪندا هئا. ڳوٺاڻن هارين جو فرض هو ته ڳوٺ جي ٻائي جون سڀ ضرورتون پوريون ڪن ۽ کائڻ پيئڻ جو مناسب بندوبست ڪن. موبدانِ موبد (وڏي ٻائي) کي شاهي درٻار ۾ وڏو اثر هو. سڀني مذهبي معاملن ۾ هو بادشاهه جو مشير هو ۽ سلطنت جي معاملن ۾ سندس وڏو هٿ هو. ٻاون جي اقتدار جو هڪ سبب اهو به هو، ته تعليم جو سڄو انتظام ۽ پڙهڻ پڙهائڻ جا سڀ فرض سندن هٿ ۾ هئا. مروج علمن جا استاد ۽ تشريح ڪندڙ به اهي ئي ٻاوا هئا. مطلب ته ايرانين جي سڄي روحاني، اخلاقي ۽ ذهني زندگيءَ تي ڄم کان موت تائين زرتشتي ڪليسا جو مڪمل اختيار هو. انهن مذهبي پيشواهن رسمن، عبادتن ۽ وهمن جو اهڙو ڄار اُڻي رکيو هو، جو ايراني قوم جو ان مان نڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هو. بادشاهه جي چونڊ جو آخري فيصلو وڏي ٻائي جي راءِ تي هوندو هو. انهن جو طبقاتي مفاد جيئن ته جاگيرداري نظام سان ڳنڍيل هو ان ڪري هو ڪنهن اهڙي تحريڪ کي اسرڻ جي اجازت نه ڏيندا هئا، جنهن سان طبقاتي رشستا ڪمزور ٿين يا جاگيرداري نظام جي ڦرلٽ ۾ کوٽ اچي. انهيءَ ڪري هو سماج يا چالو مذهب ۾ ڪنهن به قسم جي سڌاري کي پسند نه ڪندا هئا. جيڪڏهن ڪو ماڻهو حالتن جي سڌاري جي ڪوشش ڪندو هو ته ان کي بدعتي يا باغي سڏي ماريو ويندو هو. شاپور (ٻئي) کان پوءِ درٻاري اميرن ۽ ڪليسا جي ٻاون جو زور گهڻو وڌي ويو. مٿئين درجي جي اميرن ٻاون سان ٻڌي ڪئي ۽ بادشاهه جي طاقت لاءِ خطرو بڻجي ويا. ٻين ملڪن وانگر وچئين دؤر جي ايران ۾ طبقاتي فرق جون محڪم حدون مقرر هيون ۽ عام ۽ خاص جي فرق کي ڪو به مٽائي نه سگهندو هو. عام ماڻهوءَ کي اميرن جي لباس، پوشاڪ، رهڻي ڪهڻيءَ ۽ شوقيه مشغلن جي نقل ڪرڻ جي به اجازت نه هئي. ان کان به وڌيڪ سخت قانون اهو هو ته ڪو به ماڻهو پنهنجو اباڻو ڌنڌو ڇڏي نه ٿو سگهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو هاريءَ جي گهر پيدا ٿيو ته اهو سڄي عمر ٻني ٻارو ڪرڻ تي مجبور هو ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو امير گهراڻي ۾ پيدا ٿيو ته ڪا به طاقت ان کي ان خانداني نجابت کان محروم ڪري نه ٿي سگهي. نخبا جي اميرن جي پاڪائيءَ، نسب ۽ غير منقوله ملڪيتن جو تحفظ قانون جي ذمي هو. وڏن خاندانن جا نالا سرڪاري رجسٽر ۾ درج رهندا هئا ۽ عوام کي امير طبقي جي جائداد خريدڻ جي منع هئي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو زرتشتي مذهب کان منحرف ٿي ويندو هو، ته ان جي سڄي ملڪيت ضبط ڪري سندس ويجهن مائٽن ۾ ورهائي ويندي هئي. هارين جي حالت عام شهرين کان به وڌيڪ خراب هئي. انهن کان هر طرح جي بيگر ۽ ڇيڙ ورتي ويندي هئي، پر زمينن تي انهن جو ڪو حق نه هو. جنگ جي موقعي تي کين زبردستي فوج ۾ ڀرتي ڪيو ويندو هو، پر انهن کي پگهار يا اجورو نه ملندو هو. هڪ مَورخ لکي ٿو ته ”انهن ويچارن هارين جا وڏا وڏا ٽولا فوج پٺيان پنڌ هلندا هئا، ڄڻ ته ابدي غلامي انهن جي تقدير ۾ لکيل هئي ۽ ڪنهن به قسم جي پگهار يا اجوري وسيلي انهن جي همت افزائي نه ڪئي ويندي هئي.“ مرد کي ڪيتريون ئي زالون رکڻ جي موڪل هئي، پر عام طرح زالن جي تعداد جو دارومدار مڙس جي آمدنيءَ تي هوندو هو. مرد پنهنجي سڳيءَ ڀيڻ ۽ حرمن (گهر جي ٻين عورتن) سان به شادي ڪري سگهندو هو. زرتشتي عقيدي موجب ان قسم جي شادي ”خويذوگرس“ سڏبي هئي. اها رسم ايران ۽ مصر ۾ زرتشت کان گهڻو اڳ رائج هئي ۽ ان قسم جي شاديءَ کي گهڻو ساراهيو ويندو هو، تنهنڪري زرتشتي ڪتابن ۾ ان جا ڏاڍا فضل بيان ڪيل آهن. هڪ دلچسپ رواج اهو به هو ته مڙس کي حق هو ته پنهنجين زالن مان هڪ، پوءِ اها شادي ٿيل هجيس يا ڪنيز (نوڪرياڻي، غلام)، ڪنهن به ٻئي ماڻهوءَ کي، جيڪو روزگار کان محروم ٿي ويو هجي، ان غرض لاءِ ڏئي ڇڏيندو هو ته اهو هن جي گذاري لاءِ ڪم ۾ مدد وٺي. ان لاءِ عورت جي رضامندي حاصل ڪرڻ لازمي نه هو. ان عارضي ازدواج (شادي) مان جيڪو اولاد پيدا ٿيندو هو، اهو اڳئين مڙس مان سمجهيو ويندو هو. ”زال ۽ غلام جو درجو برابر هو.“ مختصر اهو ته ايراني سماج ۾ قانون ان غرض جا ٺاهيا ويا هئا ته خاندان جي پاڪائيءَ ۽ جائداد کي محفوظ رکيو وڃي، سماج جي مختلف طبقن جي فرق ۾ ڪنهن قسم جي تبديلي نه اچي سگهي ۽ ڪو به شخص پنهنجي ڌنڌي يا فرض کان منهن موڙي نه سگهي. [7]

حوالا[سنواريو]

  1. Boyd, James W.; ۽ ٻيو., "Is Zoroastrianism Dualistic or Monotheistic?", Journal of the American Academy of Religion, صفحا. 557–588, doi:10.1093/jaarel/XLVII.4.557 .
  2. "Zoroastrianism word Sindhi Meaning, devanagari & Roman translation - Sindhi Dictionary". sindhyat.com. حاصل ڪيل 2019-11-11. 
  3. Hinnel, J, The Penguin Dictionary of Religion, Penguin Books UK ; Boyce, Mary, Zoroastrians: their religious beliefs and practices, Routledge and Kegan Paul Ltd 
  4. "Parsi | Religion, History, & Facts". Encyclopedia Britannica. حاصل ڪيل 2019-05-20. 
  5. Sindhi Adabi Board Online Library (History)
  6. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  7. [1](ڪتاب: موسیٰ کان مارڪس تائين ؛ ليکڪ: سبط حسن)

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]

سانچو:زرتشتيت