اتر بحرالڪاهل معاهدي واري تنظيم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

اتر بحرالڪاهل معاهدي واري تنظيم يا نارٿ ايٽلانٽڪ ٽريٽي آرگنائيزيشن (North Atlantic Treaty Organization or NATO) هڪ بين السرڪاري تنظيم جو وجود سرد جنگ جو نتيجو هو. يورپ ۾ سوويت اثر کي ختم ڪرڻ ۽ آمريڪي مفادن کي بچائڻ لاءِ سُست سمنڊ (بحرالڪاهل ) جي اتر جي ملڪن هڪ ٺاھ تي صحيون ڪيون، جنهن کي نيٽو چيو وڃي ٿو. ان ٺاھ تي 4 اپريل 1949ع ۾ واشنگٽن ڊي-سي ۾ صحيون ڪيون ويون. شروع ۾ هي ٺاھ بيلجيم، ڪئناڊا، ڊينمارڪ، فرانس، آئس لينڊ، اٽلي، لڪسمبرگ، هالئنڊ، ناروي، پورچوگال، برطانيا ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٿيو هو. ترڪي ۽ يونان 1952ع ۾، جرمني 1955ع ۾ ۽ اسپين 1982ع ۾ هن ٺاھ ۾ شموليت اختيار ڪئي. اهو هڪ قسم جو دفاعي ٺاهه آهي، جنهن ۾ هر ميمبر ملڪ کي سلامتيءَ جي ضمانت ڏيندي چيو ويندو آهي، ته ڪنهن به رڪن ملڪ خلاف اڳرائيءَ جي صورت ۾ باقي رڪن ملڪ گڏجي ان جي حفاظت ڪندا. نيٽو جي سيڪريٽري ’لارڊ اسمي‘ نيٽو تنظيم بابت دلچسپ تذڪرو ڪندي چيو هو ته: هن اتحاد جو مقصد سوويت يونين کي دُنيا جي اهم هنڌن تان ٻاهر ڪڍي، آمريڪي دخل کي وڌائڻ ۽ جرمنيءَ کي دٻاءَ هيٺ رکڻ هو. جيتوڻيڪ ”جرمن ڀت“ جي ڪِرڻ کان پوءِ هن اتحاد پنهنجو پُراڻو رنگ مٽائي اوڀر يورپ جي ڪيترن پراڻن ويرين سان نه رڳو سنگت رکي، پرکين نيٽو جو ميمبر به بڻايو. هاڻوڪي دور ۾ عراق ۽ افغان مسئلن جي ڪري نيٽو جو ڪردار نئين سر طئي ٿيو آهي ۽ آمريڪي سرواڻي ۾ اهو اولھ جي قومن جو سياسي، فوجي توڻي معاشي طرح ”سرواڻ اتحاد“ بنجي چڪو آهي. پنهنجي قيام کان پوءِ، نيٽو پنهنجي ميمبرن جي انگَ ۾ 7 ڀيرا واڌارو ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ البانيا، بلغاريا، ڪروشيا، چيڪ ريپبلڪ، اسٽونيا، سلاويڪيا، ترڪي، اسپين، ليٽويا، لٿوئانيا، پولنڊ ۽ رومانيا سندس ميمبر بڻيا. ان تنظيم جو مرڪز بيليجم جي شهر ’برسلز‘ ۾ آهي. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد