محمد عارف صنعت اعواڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

محمد عارف “صنعت” اعواڻ جو ڳاڻاٽو، سنڌ جي مشهور شاعرن ۾ ٿئي ٿو. هو فارسي زبان جو صاحبِ ديوان شاعر ٿي گذريو آهي[1]. “صنعت” جي ڪلام جي باري ۾ پير حسام الدين شاهه راشدي لکي ٿو ته: سندس ڪلام ۾ ايرانيت جو عنصر زياده آهي. جيڪڏهن ڪو غير واقف پڙهندو ته محسوس نه ڪري سگهندو ته ڪنهن سنڌي شاعر جو چيل آهي. روزاني، آمد سلاست ۽ زورِ بيان جا خوب جوهر ڏيکاريل آهن[1]. تذڪره لطفي جو بيان آهي ته، “صنعت” ڪلهوڙن جي دؤر ۾ پيدا ٿيو، ميرن جو دؤر ڏسي، انگريزن جي دؤر ۾ 2-صفر 1266ھ تي وفات ڪيائين[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 ڪتاب جو نالو: شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾ مصنف:نقش ناياب منگي / حسيب ناياب منگي؛ ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد شايع ٿيڻ جو سال:2017 [1] آرڪائيو ڪيا ويا 2020-12-02 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. -