مير ڪاظم شاھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مير ڪاظم شاھ (انگريزي: Mir Kazam Shah ) ھڪ شاعر ھيو. مير ڪاظم شاهه ولد اسماعيل شاهه، حيدرآبادي ٽالپرن پاران، شڪارپور جو پهريون گورنر مقرر ٿي آيو. پنهنجي وڏي ڀاءُ عابد شاهه وانگر فارسي زبان جو سٺو شاعر ٿي گذريو آهي. سنڌ جي ادبي تاريخن ۽ فارسي تذڪرن ۾ سندس نالو نمايان نظر اچي ٿو. شڪارپور جي بلند پايه فارسي گو شاعر آخوند صاحبڏني سان سندس تعلقات گهرا هئا، کيس شڪارپور شهر گهڻو پسند هيو[1].

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب جو نالو: شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾ مصنف:نقش ناياب منگي / حسيب ناياب منگي؛ ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد شايع ٿيڻ جو سال:2017 [1] آرڪائيو ڪيا ويا 2020-12-02 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. -