امام بخش عاصم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

امام- بخش ’عاصم‘ ولد محمد اسحاق ميمڻ، پهرين -آگسٽ- 1939ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. ايم. اي ۽ ايم. ايڊ تائين -تعليم- حاصل ڪيائين. -استاد- طور ملازم ٿيو ۽ اڳتي هلي پروفيسر جي عهدي -تان- رٽائر ٿيو. پاڻ هڪ سٺو شاعر ۽ سٺو نثر نويس هو. سندس لکيل ڪتابن ۾: (1)-اسلام- '>-تاريخ -اسلام- -(يارهين ۽ ٻارهين جماعت لاءِ) (2) -اسلام- '>-تاريخ -اسلام- -(بي. اي لاءِ) (3) اسلاميات (بي. اي پارٽ ون لاءِ) (4) اسلامي -تهذيب- و -ثقافت- (بي. اي. ون ۽ ٽو لاءِ) (5)مـعـاشيات (بي. اي ون ۽ فائنل لاءِ (6) ڏهين جماعت لاءِ ڪيمسٽري ۽ بائلاجي (عبدالمالڪ مـيـمڻ سان گڏ) (7) -الله- جي اطاعت ڇو؟ (8)آخري غلطي (ٻاراڻيون ڪهاڻيون) (9) دال جا دڙڪا(ٻاراڻيون ڪهاڻيون) (10) آدم ۽ -ابليس- شايع ٿيل آهن. هن 1978ع ۾ ٻارن لاءِ ’گلڙا‘ رسالو پڻ -جاري- ڪيو. -امام بخش عاصم- 27 نومبر 2011ع تي وفات ڪئي.[1]

حوالا[سنواريو]