مواد ڏانھن هلو

حاجي شير محمد شيرل چغدو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

حاجي شير محمد ”شِيرل“ چغدو(انگريزي: Haji Sher Muhammad Sheral Chughto ) شير محمد شيرل ولد حاجي محمد صالح چغدو، 9 نومبر 1880ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. مختلف تعليمي سندون حاصل ڪري 27 فيبروري 1900ع تي پرائمري استاد مقرر مقرر ٿيو[1]. ملازمت جو ڪافي عرصو همايون ۾ گذاريندي حضرت مولانا عبدالغفور مفتون همايوني جي صحبت ۾ رهيو. 10 اپريل 1919ع تي ڳڙهي ياسين ميونسپل اسڪول جو هيڊ ماستر ٿيو ۽ 1932ع ڌاري ڊپٽي انسپيڪٽر جي عهدي تي رهندي رٽائرڊ ڪيائين. شعروشاعريءَ سان جواني کان لڳاءُ هيس، سندس شمار شڪارپور جي ناميارن شاعرن ۾ ٿيندو هو. پاڻ 14 آڪٽوبر 1963ع تي شڪارپور ۾ وفات ڪري ويو[1]. هن جي هيٺ شڪارپور متعلق سندر ڪويتا پيش ڪجي ٿي:

مشهور شهر آهي سهڻو شڪارپور،

موزون ملڪ آهي جلوو شڪارپور. حسن سندي آ هلچل سهڻن وٽ مڪمل، سودو حسن جو آهي هوڪو شڪارپور. رفتار سهڻن جي سان اٿي خاڪ اڪثر، ڪجل الجواهر ڀائين هرڪو شڪارپور. غمزه ۽ ناز سان پڻ هِنِ نازنين مشهر، نيڻن جا تير جهلي سڀڪو شڪارپور. گفتار سهڻن جي مان شڪر ٽمي ٿي چپن، وه وا ٺهي مٺائي حلوو شڪارپور. ڪيڏي گذاري شيرل عمر هتي اجائي، پرين جي پياس ۾ ٿيو پوڙهو شڪارپور.

خانداني پسمنظر

[سنواريو]

حاجي شير محمد ”شيرل“ چغدي جا وڏا اصل ديري غازي خان جا رهواسي هئا. اتان لڏي پهريائين خيرپور ميرس ۾ اچي رهيا ۽ پوءِ شڪارپور ۾ مستقل طور آباد ٿيا. سندس والد محمد صالح چغدو پڻ تعليم جي شعبي سان لاڳاپيل ۽ قابل استاد هو، جيڪو 1906ع ۾ ملازمت تان رٽائر ٿيو.[2]

تعليم ۽ تدريسي زندگي

[سنواريو]

شيرل ابتدائي تعليم شڪارپور جي ورنيڪيولر اسڪول نمبر 2 مان حاصل ڪئي ۽ ورنيڪيولر اسڪول نمبر 1 مان فائنل جو امتحان پاس ڪيائين. ان کان پوءِ استادن جي باقاعدي تربيت حاصل ڪرڻ لاءِ حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج فار مين ۾ داخل ٿيو. تربيت مڪمل ڪرڻ کان پوءِ شڪارپور موٽي آيو ۽ مختلف اسڪولن ۾ تدريسي خدمتون سرانجام ڏنائين.[2]

27 فيبروري 1900ع تي هو پرائمري استاد مقرر ٿيو. ملازمت جو هڪ عرصو همايون شريف ۾ گذاريائين، جتي کيس نامياري عالم ۽ شاعر مولانا عبدالغفور ”مفتون“ همايوني جي صحبت حاصل ٿي. 10 اپريل 1919ع تي کيس ڳڙهي ياسين جي ميونسپل اسڪول جو هيڊ ماستر مقرر ڪيو ويو.[1]

سندس تعليمي خدمتن جو دائرو اڳتي هلي تدريسي ڪم کان تعليمي انتظام تائين وڌيو. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا موجب جون 1929ع کان هو مسلم اسڪولن جو انسپيڪٽر رهيو ۽ 24 سيپٽمبر 1932ع تي انهيءَ عهدي تان رٽائر ٿيو.[2] شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾ سندس آخري عهدي کي ڊپٽي انسپيڪٽر ڄاڻايو آهي.[1]

ادبي زندگي

[سنواريو]

شير محمد ”شيرل“ کي شاعريءَ سان دلچسپي جوانيءَ کان هئي. سندس شاعراڻي تربيت جي شروعات حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران ٿي. اتي قاضي اميد علي سندس استاد ۽ شاعريءَ ۾ رهنما هو، جنهن جي رهنمائيءَ هيٺ هن باقاعدي شعر چوڻ شروع ڪيو.[2]

اڳتي هلي مولانا عبدالغفور ”مفتون“ همايونيءَ جي صحبت پڻ سندس فڪري ۽ ادبي زندگيءَ تي اثرانداز ٿي. همايون ۾ ملازمت دوران کيس مولانا سان ويجهڙائي حاصل ٿي ۽ هو سندس صحبت ۽ پوئلڳيءَ سان وابسته رهيو.[2][1]

شيرل جي ادبي سرگرمي رڳو شاعريءَ تائين محدود نه هئي، پر هن نثر ۾ پڻ لکيو. سندس ڇپيل توڙي اڻڇپيل تصنيفن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سندس لکڻين ۾ ادبي موضوعن سان گڏ اسلامي تاريخ، سيرت، قرآن ۽ اخلاقي موضوعن کي پڻ خاص جاءِ حاصل هئي.[2]

تصنيفون

[سنواريو]

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا موجب شير محمد ”شيرل“ جون چار تصنيفون ڇپجي چڪيون هيون:[2]

  • دل خندان
  • عمر مارئي
  • پهريون بشر
  • سيدالانبياء

ان کان سواءِ سندس ڪيترائي ڪتاب ۽ مسودا اڻڇپيل رهيا. انهن ۾ هيٺيان نالا ڄاڻايا ويا آهن:[2]

  • صداقت القرآن
  • صداقت الرسول
  • سياست فاروقي
  • غزوه بدر
  • اخلاقي مضمون

سندس شاعريءَ جا ٻه اڻڇپيل مجموعا ڪليات شيرل ۽ ديوان شيرل جي نالن سان پڻ ذڪر ڪيا ويا آهن.[2] انهن عنوانن مان سندس ادبي ڪم جي موضوعاتي وسعت جو اندازو ٿئي ٿو، جنهن ۾ شاعريءَ سان گڏ مذهبي، تاريخي ۽ اخلاقي نثر پڻ شامل هو.

شڪارپور بابت شاعري

[سنواريو]

شيرل جو شڪارپور سان گهرو تعلق سندس شاعريءَ ۾ پڻ ظاهر ٿئي ٿو. شڪارپور بابت سندس نظم ۾ شهر جي حسن، ماڻهن، شهري ماحول ۽ پنهنجي شهر سان شاعر جي ذاتي وابستگيءَ جو اظهار ملي ٿو.[1] نظم جي آخري بند ۾ شاعر پنهنجي عمر شڪارپور ۾ گذرڻ ڏانهن اشارو ڪندي پنهنجي تخلص ”شيرل“ کي پڻ استعمال ڪري ٿو.

وفات

[سنواريو]

تعليمي ۽ ادبي زندگيءَ جو وڏو حصو شڪارپور ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ گذارڻ کان پوءِ حاجي شير محمد ”شيرل“ چغدو 14 آڪٽوبر 1963ع تي وفات ڪري ويو.[2][1]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 3 4 5 6 7 ڪتاب جو نالو: شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾ مصنف:نقش ناياب منگي / حسيب ناياب منگي؛ ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد شايع ٿيڻ جو سال:2017 آرڪائيو ڪيا ويا 2020-12-02 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. -
  2. 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 "چغدو حاجي شير محمد 'شيرل'". انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا. سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو. 29 سيپٽمبر 2026 تي حاصل ڪيل.