نقش ناياب منگي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

نقش ناياب منگي جو اصل نالو حق نواز منگي هو، پاڻ شڪارپور، سنڌ ۾ 7 ڊسمبر 1948ع تي عبدالمجيد منگي جي گهر ۾ پيدا ٿيا. ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري هاٿيدر اسڪول شڪارپور مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ جو امتحان گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪشمور مان پاس ڪيائين. 1962ع ۾ آذر ناياب صديقي ۽ شعبان بخت جي رهبري ۾ شاعر ٿيو. نثر ۽ نظم ٻنهي ۾ پنهنجي صلاحتن سان پاڻ ملهايائين. 1970ع کان آبپاشي کاتي جيڪب آباد ۾ اڪائونٽس ڪلارڪ مقرر ٿيو. کلمک سچو ۽ کرو انسان هو. 7 آڪٽوبر 2011 تي گذاري ويا. پاڻ سنڌي، اردو ۽ سرائڪي زبانن ۾ شعر لکيو اٿن ۽ تحقيق جي حوالي سان شڪارپور ۾ کيس پنهنجو هڪ خاص مقام حاصل آهي. شڪارپور هڪ اڀياس ۽ شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾ سندس ڇپيل ڪتاب آهن.