مواد ڏانھن هلو

بادام ناتوان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
بادام ناتوان
اصلي نالو
بادام ناتوان
ڄمڻبادام
7 مارچ1924
شڪارپور ، سنڌ، پاڪستان.
وفات8 فيبروري 1988
شڪارپور، سنڌ، پاڪستان
پيشوليکڪ
قوميتپاڪستاني
اولادنسيم ٿيٻو

بادام ناتوان : مارچ 1924 - 8 فيبروري 1988) سنڌي ٻولي جي ليکڪ هئي. سندس ڀيڻ روشن آرا مغل ۽ ڌيءَ نسيم ٿيبو پڻ مشهور ليکڪا هيون. هوءَ پاڪستان جي پهرين ڪجهه سنڌي عورت ليکڪن مان هڪ هئي. هن ٽي ڪتاب لکيا.

ننڍپڻ ۽ ذاتي زندگي

[سنواريو]

بادام ناتوان 7 مارچ 1924 تي شڪارپور ، سنڌ، پاڪستان ۾ پيدا ٿي. سندس پيءُ جو نالو محمد حسن هو. سندس ماءُ هڪ مقامي اسڪول ۾ هيڊ ماستر هئي. هن بمبئي يونيورسٽي مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. کيس عربي ، فارسي ، انگريزي ۽ سنڌي ٻولين تي سٺي ڪمان هئي. سندس شادي مير عبدالباقي ٿيبو سان ٿي، جيڪو ڳوٺ گهاري، تعلقي ميهڙ ، ضلعي دادو جو رهواسي هو. سندس پٽ مير ٿيبو هڪ مشهور سياسي ڪارڪن ۽ ڪميونسٽ اڳواڻ آهي. سندس ڌيءَ نسيم ٿيبو هڪ مشهور ڪهاڻيڪار هئي جيڪا سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو جي اقتصاديات جي شعبي جي فيڪلٽي ميمبر پڻ هئي. سندس ٻي ڌيءَ بينظير ٿيبو ۽ سندس ڀيڻ روشن آرا مغل پڻ ليکڪ هيون. [1]

ادبي ڪاميابيون

[سنواريو]

بادام ناتوان لکڻ تڏهن شروع ڪيو جڏهن اڪثر ڇوڪرين کي اسڪول وڃڻ جي اجازت به نه هئي. هوءَ پهرين سنڌي عورت ليکڪا ۾ شامل هئي. سندس پهريون ڪتاب شڪسته زندگي ٻن جلدن ۾ 1950ع ۾ شايع ٿيو. هي ڪتاب بشير اينڊ سنز ڪراچي پاران ڇپايو ويو آهي. سندس ٻيو ڪتاب ( خوش خصلت خاتون) 1956ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري پاران ڇپايو ويو. سندس ٽيون ڪتاب ( قلبي اڃ) 1966ع ۾ مولوي محمد عظيم اينڊ سنز، شڪارپور پاران شايع ٿيو. [2]


هن هيٺيان ڪتاب پڻ لکيا آهن جيڪي اڃا تائين شايع نه ٿيا آهن: [3]

  • رنم رت ڦڙا
  • خلوت ۾
  • نماڻي نار

وفات

[سنواريو]

بدام ناتوان 8 فيبروري 1988ع تي وفات ڪئي.[4]

حوالا

[سنواريو]
  1. "بادام ناتوان : (Sindhianaسنڌيانا)". encyclopediasindhiana.org. Retrieved 2020-03-21.
  2. Girami, Ghulam Muhammad (1977) (Sindhi ۾). ويا سي وينجھار. Jamshoro, Sindh, Pakistan: Sindhi Adabi Board. pp. 63–64.
  3. "بادام ناتوان". SindhSalamat. Retrieved 2020-03-21.
  4. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A8%D8%A7%D8%AF%D8%A7%D9%85%20%D9%86%D8%A7%D8%AA%D9%88%D8%A7%D9%86