پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي(انگريزي: Professor Sheva ram pherwani ) جو پورو نالو پروفيسر شيوارام نرسنگهداس ڦيرواڻي ھيو ۽ ان جو جنم سنه 1867ع ڌاري شڪارپور ۾ ٿيو (1950ع ۾ ديهانت ڪيائون) . سن 1912ع کان 1924ع تائين بمبئي يونيورسٽي ۾ پروفيسر جي عهدي تي فائز رهيو. پوءِ اباڻي شهر شڪارپور جي اُڪير کنيس ته اچي ميونسپالٽي جي مختلف عهدن تي ڪم به ڪندو رهيو ته ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي تعليم کي زور وٺائڻ لاءِ “پرائمري سڪول بورڊ ميونسپالٽي شڪارپور” نالي هڪ ڪاميٽي جوڙي ان جي صدارت سنڀاريندي تعليم جي واڌاري لاءِ به پاڻ پتوڙيندو رهيو[1]. وڇوڙي جو واءُ گهليو ته پنهنجي اَباڻن ڪکن کي ڇڏي پرڏيهه اَسيو. تحقيق جي عملي ميدان ۾ سندس ليک جيڪي ماهوار اخبار تعليم حيدرآباد، ماهوار سنڌو شڪارپور، روزانه قرباني شڪارپور ۽ روزانه سوراج شڪارپور ۾ وقت بوقت ڇپبا رهيا[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 ڪتاب جو نالو: شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾ مصنف:نقش ناياب منگي / حسيب ناياب منگي؛ ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد شايع ٿيڻ جو سال:2017 [1] آرڪائيو ڪيا ويا 2020-12-02 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. -