شبير هاليپوٽو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
شبير هاليپوٽو
Shabir Halepoto

شبير هاليپوٽو
پيدائش غلام شبير هاليپوٽو
24 فيبروري 1974ع
ڳوٺ عبدالمجيد هاليپوٽو،هالاڻي، نوشهرو فيروز ضلعو، سنڌ، پاڪستان
وفات 9 مئي 2014ع
حیدرآباد سنڌ
مدفون هالاڻي
قلمي نالو شبير هاليپوٽو
ڌنڌو شاعر،
ٻولي سنڌي ٻولي
قوميت پاڪستانپاڪستان
تعليم ايم اي سنڌي ادب
مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
صنف وائي، غزل، نظم، گيت
موضوع شاعري
مُکيه ڪم گيت منهنجا ميت
تو بن ڪجهه به نه مان
آهين منهنجي جان

شبير هاليپوٽو (انگريزي:Shabir Halepoto) سنڌ، پاڪستان ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻولي جي جديد سنڌي شاعريءَ جي ڌارا جو منفرد ۽ مقبول شاعر هو. سندس ڪافي ڪتاب پڻ ڇپيل آهن.[1][2]

زندگي جو احوال[سنواريو]

شبير هاليپوٽي جو اصل نالو غلام شبير هو. هيءُ  24 فبروري 1974ع تي ڳوٺ عبدالمجيد هاليپوٽي نوشهرو فيروز ضلعو جي هالاڻي تعلقو ۾ عبدالمجيد هاليپوٽي جي گهر ۾ پيدا ٿيو.[3]

تعليم[سنواريو]

شبير شروعاتي تعليم پرائمري اسڪول هالاڻي مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ ووڪيشنل پوليٽيڪنڪ اسڪول سکر مان ڪيائين ۽ انٽر سائنس گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪنڊيارو مان پاس ڪيائين. انٽر بعد  اکين جي بيماري سبب ڏسي سگهڻ کان محروم ٿي ويو پر هن همت نه هاري ۽  خاص ٻارن جي اسڪول مان بريل ذريعي تعليم پرائڻ شروع ڪئي . هن سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشورو مان سنڌي ادب ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ ايم اي ڪئي.[3]

علمي ادبي خدمتون[سنواريو]

شبير هاليپوٽي ننڍ پڻ کان شاعري شروع ڪئي. سندس شاعري سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي ٽماهي مهراڻ کان سواءِ ٻين ڪيترن ئي اهم رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيل آهي. هن پنهنجي منفرد انداز ۾  شعر لکڻ سبب شهرت حاصل ڪئي. هن وائي، غزل، ۽ نظم جي صنفن تي وڌيڪ طبع آزمائي ڪئي.[4] شبير علمي خدمتن جي سلسلي ۾ اول ڪجهه وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ريسرچ ايسوسيئيٽ طور ڪم ڪيائين. .بعد ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو  امتحان پاس ڪري گورنمينٽ  استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادوءَ ۾ سنڌيءَ ادب جو ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ علمي خدمتون سرانجام ڏنائين.[3][5]

ڪتاب[سنواريو]

  • گيت منهنجا ميت
  • هينئڙو هيرڻ پن
  • تو بن ڪجهه به نه مان
  • موکي مٽ اپٽيا
  • آهيو منهنجي جان[6]

وفات[سنواريو]

شبير هاليپوٽي 9 مئي 2014ع تي دل جي دوري سبب وفات ڪئي .سندس آخري آرامگاھ هالاڻيءَ ۾ آهي.[3]

حوالا[سنواريو]

  1. Buriro, Riazat. "سنڌي ادب ۾ تنقيدون ۽ تجزيا: شبير هاليپوٽي جي شخصيت ۽ شاعري - احسان دانش (Ahsan Danish)". سنڌي ادب ۾ تنقيدون ۽ تجزيا. حاصل ڪيل 2021-09-09. 
  2. جي مون سانڍيا ساهه ۾. http://www.punjnud.com/PageList.aspx?BookID=16780&BookTitle=Jy-Mon-Sarya-Sah-Men. 
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 "شبير هاليپوٽو : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-09-09. 
  4. "Sindhi Adabi Board Online Library (Stories)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2021-09-09. 
  5. "شبير هاليپوٽو". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2021-09-09. 
  6. "Shabir Halepoto Archives". Indus Book : Pakistan's Online Bookstore. حاصل ڪيل 2021-09-09.