مواد ڏانھن هلو

شبير هاليپوٽو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
شبير هاليپوٽو
Shabir Halepoto
ڄمڻغلام شبير هاليپوٽو
24 فيبروري 1974ع
ڳوٺ عبدالمجيد هاليپوٽو،هالاڻي، نوشهرو فيروز ضلعو، سنڌ، پاڪستان
وفات9 مئي 2014ع
حیدرآباد سنڌ
آرامگاههالاڻي
قلمی نالوشبير هاليپوٽو
پيشوشاعر،
ٻوليسنڌي ٻولي
قوميتپاڪستانپاڪستان
تعليمايم اي سنڌي ادب
مادرِ علمسنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
صنفوائي، غزل، نظم، گيت
موضوعشاعري
نمايان ڪمگيت منهنجا ميت
تو بن ڪجهه به نه مان
آهين منهنجي جان

شبير هاليپوٽو (انگريزي:Shabir Halepoto) سنڌ، پاڪستان ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻولي جي جديد سنڌي شاعريءَ جي ڌارا جو منفرد ۽ مقبول شاعر هو. سندس ڪافي ڪتاب پڻ ڇپيل آهن.[1][2]

زندگي جو احوال

[سنواريو]

شبير هاليپوٽي جو اصل نالو غلام شبير هو. هيءُ  24 فبروري 1974ع تي ڳوٺ عبدالمجيد هاليپوٽي نوشهرو فيروز ضلعو جي هالاڻي تعلقو ۾ عبدالمجيد هاليپوٽي جي گهر ۾ پيدا ٿيو.[3]

تعليم

[سنواريو]

شبير شروعاتي تعليم پرائمري اسڪول هالاڻي مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ ووڪيشنل پوليٽيڪنڪ اسڪول سکر مان ڪيائين ۽ انٽر سائنس گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪنڊيارو مان پاس ڪيائين. انٽر بعد  اکين جي بيماري سبب ڏسي سگهڻ کان محروم ٿي ويو پر هن همت نه هاري ۽  خاص ٻارن جي اسڪول مان بريل ذريعي تعليم پرائڻ شروع ڪئي . هن سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشورو مان سنڌي ادب ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ ايم اي ڪئي.[3]

علمي ادبي خدمتون

[سنواريو]

شبير هاليپوٽي ننڍ پڻ کان شاعري شروع ڪئي. سندس شاعري سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي ٽماهي مهراڻ کان سواءِ ٻين ڪيترن ئي اهم رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيل آهي. هن پنهنجي منفرد انداز ۾  شعر لکڻ سبب شهرت حاصل ڪئي. هن وائي، غزل، ۽ نظم جي صنفن تي وڌيڪ طبع آزمائي ڪئي.[4] شبير علمي خدمتن جي سلسلي ۾ اول ڪجهه وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ريسرچ ايسوسيئيٽ طور ڪم ڪيائين. .بعد ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو  امتحان پاس ڪري گورنمينٽ  استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادوءَ ۾ سنڌيءَ ادب جو ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ علمي خدمتون سرانجام ڏنائين.[3][5]

ڪتاب

[سنواريو]
  • گيت منهنجا ميت
  • هينئڙو هيرڻ پن
  • تو بن ڪجهه به نه مان
  • موکي مٽ اپٽيا
  • آهيو منهنجي جان[6]

وفات

[سنواريو]

شبير هاليپوٽي 9 مئي 2014ع تي دل جي دوري سبب وفات ڪئي .سندس آخري آرامگاھ هالاڻيءَ ۾ آهي.[3]

حوالا

[سنواريو]
  1. Buriro, Riazat (2013-04-04). "سنڌي ادب ۾ تنقيدون ۽ تجزيا: شبير هاليپوٽي جي شخصيت ۽ شاعري - احسان دانش (Ahsan Danish)". سنڌي ادب ۾ تنقيدون ۽ تجزيا. 2021-09-09 تي حاصل ڪيل.
  2. جي مون سانڍيا ساهه ۾. اصل نسخو مان 2021-09-25 تي محفوظ ڪيل. 2021-09-09 تي حاصل ڪيل. {{cite book}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد) آرڪائيو ڪيا ويا 2021-09-25 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  3. 1 2 3 4 "شبير هاليپوٽو : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org. 2021-09-09 تي حاصل ڪيل.
  4. "Sindhi Adabi Board Online Library (Stories)". www.sindhiadabiboard.org. 2021-09-09 تي حاصل ڪيل.
  5. "شبير هاليپوٽو". SindhSalamat. 2021-09-09 تي حاصل ڪيل.
  6. "Shabir Halepoto Archives". Indus Book : Pakistan's Online Bookstore (آمريڪي انگريزي ۾). 2021-09-09 تي حاصل ڪيل.