هالاڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ھالاڻي
شھر
ھالاڻي is located in سنڌ
ھالاڻي
ھالاڻي
ھالاڻي is located in Pakistan
ھالاڻي
ھالاڻي
جاگرافي بيهڪ: 27°02′44″N 68°11′29″E / 27.045544°N 68.191333°E / 27.045544; 68.191333
ملڪ  پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو نوشھرو فيروز ضلعو
تعلقو محراب پور تعلقو
آبادي ([1]2017)
 •  ڪاٿو

  [1]2017

23,419


ھالاڻي'(انگريزي: Halani) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي نوشھرو فيروز ضلعي جي محراب پور تعلقي ۾ ھڪ ننڍڙو شھر يا ٽائون ڪميٽي آھي جيڪو نيشنل ھاء وي (N-5) تي واقع آھي. محراب پور شھر ھتان 9 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي. شھر جي لڳ 2 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي بھلاڻي واقع آهي. شھر جي آبادي 23,419 آهي[1]. ھن شھر م ھالاڻي ٿاڻو پڻ واقع آهي. شھر جي ڏکڻ طرف اڌ ڪلوميٽر فاصلي تي روھڙي ڪئنال وھي ٿو. هن شهر ۾ پرائيمري کان سيڪنڊري سطح تي تعليم جي سهوليت موجود آهي.[2][3]

تاريخ[سنواريو]

ھي شھر تاريخي اھميت وارو آھي ڇوتہ ھتي سنڌ جي ڪلھوڙا خاندان جي حاڪمن ۽ ٽالپرن جي وچ ۾ ھڪ وڏي جنگ لڳي ھئي جنھن ۾ ڪلھوڙن شڪست کاڌي ۽ سنڌ ۾ ٽالپر خاندان جي حڪمراني جي شروعات ٿي ھئي. اھا جنگ ھالاڻي واري جنگ (انگريزي: Battle of Halani) جي نالي سان مشھور آھي. محرابپور ڳوٺ جي اڏجڻ کان اڳ، ڀر وارا تاريخي شهر هالاڻي ۽ بهلاڻي آباد هيا؛ جيڪي ان وقت واپار ۽ علم جا مرڪز هيا. جي ايم سيد جو استاد قاضي حامد علي ميمڻ (قاضي فيض محمد جي زال جو سڳو چاچو.) به هالاڻيءَ جو هيو، هندستان جي ’درگاهه اجمير شريف‘ جي مجاورن وٽ اڄ به هالاڻيءَ جي ماڻهن کي وڏي عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي. هالاڻي ڪلهوڙن جي دور ۾ ساهتيءَ جو نمايان شهر رهيو[4].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 https://www.citypopulation.de/Pakistan-Sindh.html?cityid=27481-
  2. "halani - گوگل ڳولا". www.google.com. حاصل ڪيل 2019-07-06. 
  3. Dunya, Sindhi. "Mehrab Mosque: The Miraculous Heritage". Sindhi Dunya. حاصل ڪيل 2019-07-06. 
  4. ڪتاب جو نالو: محرابپور جي عزاداري؛ ليکڪ: مولائي ملاح ڇاپو: پهريون سال: ©2017ع ڇپيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد، سنڌ-[1][مئل ڳنڍڻو] -