گرداس واڌواڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گرداس واڌواڻي

Gurudas Wadhwani

پيدائش 7 جون 1911ع

حيدرآباد، سنڌ، برطانوي هندستان

وفات 1997
ٻولي سنڌي
رهائش ڪراچي
قوميت سنڌي
تعليم مئٽرڪ
ڌنڌو صحافي، ڪھاڻي ڪار، ڪالم نگار، ترجمي نگار
لقب دادا، گُرُو
دور برطانوي هندستان ۽ پاڪستاني دور

گرداس واڌواڻيءَ جو جنم 7 جون 1911ع ۾ حيدرآباد ۾ ٿيو.[1] سندس واسطو حيدرآباد جي عامل گهراڻي سان هو. گرداس واڌواڻيءَ پنهنجي ادبي زندگيءَ جي شروعات شاگرديءَ واري زماني کان ڪراچي مان ڪئي. سنڌي ۽ انگريزي صحافت واري پيشي ۾ بِ پنھنجو ڪردار ادا ڪري نالو ڳڻايائين.[2]

هن 1948ع ۾ ڪراچي ۾ ٿيندڙ هندو مسلم فسادن جي بيباڪيءَ سان رپورٽنگ ڪئي. گرداس واڌواڻيءَ کي سندس صحافتي خدمتن جي ڪري ”گرو“ ڪري سڏيو ويندو هو. هن سنڌي ڪھاڻين لِکڻ سان گڏوگڏ ڊينمارڪ جي مشهور ٻارن جي ليکڪ اينڊرسن جون ڪهاڻيون پڻ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيون، جيڪي ”شاهي بلبل“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيون. سندس ڪتاب ساروڻيون، جيڪو 1981ع ۾ شايع ٿيو، تنھن کي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ پاران انعام پڻ ڏنو ويو.[3]

شروعاتي زندگي ۽ تعليم[سنواريو]

گرداس واڌواڻيءَ ابتدائي تعليم حيدرآباد ۽ پوءِ ڪراچيءَ مان پرائي. هن مئٽرڪ 1929ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪئي انهي وقت سنڌ جا سڀ اسڪول ۽ ڪاليج بمبئي يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل هئا.[4]

پيشو[سنواريو]

گرداس واڌواڻي ويهن سالن جي عمر ۾ صحافت اختيار ڪئي ۽ سنڌي روزنامه ”ديش متر“ سان لاڳاپو ٿيس. انهيءَ اخبار جو ايڊيٽر ناليوارو صحافي "کيمچند دتارام" هو. گرداس واڌواڻي 1931ع کان 1939ع تائين هڪ رپورٽر ۽ پوءِ ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪم ڪيو. انهي دوران گرداس واڌواڻي سنڌ جي بمبئي کان جدائي واري تحريڪ جي سلسلي ۾ مختلف شخصيتن، دانشورن، سياستدانن کان انٽرويو ورتا، جيڪو سلسلو گهڻو مقبول ويو ۽ ڪراچي جي وڏي سنڌي اخبار ”الوحيد“ انهن انٽرويوئن کي جيئن جو تيئن شايع ڪيو. تنهن بعد هن انگريزي صحافت جوائن ڪئي ۽ ”سنڌ آبزرور“ ۾ پروف ريڊر جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ لڳو. ”مسٽر ڪي پنيا“ انهيءَ اخبار جو ايڊيٽر هو. 1943ع ۾ ڊاڪٽر تارا چند لالواڻي شام جي پهرين اخبار ”ڪراچي ڊيلي“ شروع ڪئي ته هن انهيءَ ۾ رپورٽر جي حيثيت سان ڪم شروع ڪيو. سندس ڪم کي ڏسندي ڊاڪٽر تاراچند کيس سنڌ جي ٻي وڏي اخبار ”ڊيلي گزيٽ“ ۾ رکيو. 1947ع ۾ ورهاڱو ٿيو ته گرداس واڌواڻيءَ جو سڄو ڪٽنب هندستان لڏي ويو، پر هي هتي ئي رهي پيو. جيتوڻيڪ ڪجهه دوستن سندس سلامتي جي خيال کي نظر ۾ رکندي کيس سنڌ ڇڏڻ جو مشورو ڏنو. پر هن انڪار ڪيو ۽ ڪراچي ۾ سدائين لاءِ رهي پيو ۽ پنهنجي ڪرت يعني صحافت کي لڳو رهيو. 1948ع ۾ ڪراچي ۾ ٿيندڙ هندو مسلم فسادن جي بيباڪيءَ سان رپورٽنگ ڪيائين. "سنڌ آبزرو“ بند ٿي ته دادا گرداس ”ڊيلي گزيٽ“ ۾ شامل ٿيو. جنهن جو ايڊيٽر هڪ انگريزرابرٽ ٽيلرڪو سارن“ هو، پر ڪجهه وقت کانپوءِ اها اخبار بند ٿي ويئي. انهي کانپوءِ گرداس واڌواڻي ”هندستان اسٽينڊرڊ“ ۽ مدراس جي ”هندو“ اخبار جو رپورٽر مقرر ٿيو. 1961ع ۾ ”مارننگ نيوز“ جوائن ڪيائين. 1965ع جي پاڪ ڀارت جنگ جي ڪري ”هندستان اسٽينڊرڊ“ ۽ "هندو" ڇڏڻيون پيش. ائين گرداس واڌواڻيءَ زندگيءَ جا ايڪيتاليهہ وره صحافت کي ڏنا، پوءِ نيٺ 1972ع ۾ صحافت ڇڏي ڏنائين.[5]

تخليقون[سنواريو]

گرداس واڌواڻي پنهنجي ادبي زندگي جي شروعات شاگرديءَ واري زماني کان ڪراچي مان ڪئي.[6] سنڌ آبزرور ڪراچيءَ واري اخبار ۾ سندس صحافت جو دور شروع ٿيو. رهندو جمشيد ڪوارٽرس ۾ هو ۽ جڏهن رات جي ڊيوٽي ختم ٿيندي هئس، تڏهن پنجين وڳي سائيڪل تي چڙهي گهر موٽي ويندو هو. هڪڙي لڱا گارڊن روڊ ٽپي انڪم ٽيڪس آفيس وٽ پھتو تَ هڪ ڪُتي اچي ورايس. ڊپ ۾ واڌواڻي هيٺ، تَ سائيڪل مٿي. سندس رڙين ۽ واڪن تي ڪُتو تَ الُوپ ٿي ويو پر واڌواڻي اٿي نَ سگهي. هڪ تار وارو (ٽيليگرام پھچائڻ وارو) ويو پئي ۽ ڪڻس ڏسي ورتائين. ڪڻس پنھنجي سائيڪل تي ويھاري سندس سائيڪل کي بي گهيليندي جمشيد ڪوارٽرس ۾ اچي گهر پڄايائين. ان واقعي کان پوءِ سندس پھرين ڪھاڻيءَ جو ڄاپ ٿيو. ڀاءُ کي چيائين تَ؛ ڪاغذ ۽ قلم کڻي ڏي. ڪھاڻي لکي ڏنائينس تَ هفتيوار مئگزين "هندستان" جي ايڊيٽر ٻلرام کي ڏئي اچ. ڪھاڻي "هي منھنجو پير ٿو مُڙي" نالي ڇپيو.[7] سندس هڪ ڪھاڻي حيدرآباد جي ڪاليج جي "ڦليلي"  مئگزين ۾ بِ 1932 ۾ ڇپي هئي.[8] هن 1974ع ۾ روزاني ’هلال پاڪستان‘ ۾ ’جيڪي ڏٺو مون‘ جي عنوان سان ڪالم لکڻ شروع ڪيا، جن ۾ هو پنهنجي زندگيءَ جا انيڪ تجربا بيان ڪندو رهيو. هن ٻارن لاءِ به ڪافي لکيو. ڊينمارڪ جي ٻارن جي مشهور ليکڪ اينڊرسن جون ڪهاڻيون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين.[9]

ڪتاب[سنواريو]

گرداس واڌواڻي جي ساروڻين ۽ ڪالمن جا چار ڪتاب (1)جيڪي ڏٺو مون (1980ع) (2)ساروڻيون (1981ع) جنهن کي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي انعام پڻ ڏنو (3)ڳالھہ ٻولھہ (1982ع) ۽ (4)جڏهن آدم آيو (1987ع) شايع ٿيل آهن.[10] جڏھن سندس پھريون ڪتاب "جيڪي ڏٺو مون" ڇپيو ته ھن جي ڄمار ستر وره ھئي.[11] ناز سنائيءَ، ڪاڪي گرداس واڌواڻيءَ جون تحريرون -1، نالي سان ھڪ ڪتاب سھيڙي، سنڌي ساھت گھر حيدر آباد طرفان سال 2013ع ۾ ڇپايو آھي، جنھن ۾ موصاف جا چار ڪتاب گڏي ڇپايا ويا آھن. منجھن چوٿون ڪتاب، جڏھن آدم آيو، نالي سان آخر ۾ ڏنل آھي.[12]

وفات[سنواريو]

گرداس واڌواڻِيءَ 86 وَرِهنِ جي ڄمار ۾ ڪراچيءَ ۾ 1997ع ۾ پرلوڪ پڌاريو.[13]

حوالا[سنواريو]

  1. Pathan, Dr. "JUNE". www.drpathan.com. حاصل ڪيل 2020-12-12. 
  2. سنڌي ادب هڪ سئو سنڌي اديب. http://www.punjnud.com/PageList.aspx?BookID=16784&BookTitle=Sindhi-Adab-Haq-Sio-Sindhi-Adeeb. 
  3. سنڌي ادب هڪ سئو سنڌي اديب. http://www.punjnud.com/PageList.aspx?BookID=16784&BookTitle=Sindhi-Adab-Haq-Sio-Sindhi-Adeeb. 
  4. سنڌي ادب هڪ سئو سنڌي اديب. http://www.punjnud.com/PageList.aspx?BookID=16784&BookTitle=Sindhi-Adab-Haq-Sio-Sindhi-Adeeb. 
  5. سنڌي ادب هڪ سئو سنڌي اديب. http://www.punjnud.com/PageList.aspx?BookID=16784&BookTitle=Sindhi-Adab-Haq-Sio-Sindhi-Adeeb. 
  6. سنڌي ادب هڪ سئو سنڌي اديب. http://www.punjnud.com/PageList.aspx?BookID=16784&BookTitle=Sindhi-Adab-Haq-Sio-Sindhi-Adeeb. 
  7. Sindhipeoples. "سنڌي شخصيتون: ڪاڪو گُرداس واڌواڻي - نصير اعجاز". سنڌي شخصيتون. حاصل ڪيل 2020-12-18. 
  8. Sindhipeoples. "سنڌي شخصيتون: ڪاڪو گُرداس واڌواڻي - نصير اعجاز". سنڌي شخصيتون. حاصل ڪيل 2020-12-18. 
  9. "دادا گرداس واڌواڻي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-12-18. 
  10. سنڌي ادب هڪ سئو سنڌي اديب. http://www.punjnud.com/PageList.aspx?BookID=16784&BookTitle=Sindhi-Adab-Haq-Sio-Sindhi-Adeeb. 
  11. Sindhipeoples. "سنڌي شخصيتون: ڪاڪو گُرداس واڌواڻي - نصير اعجاز". سنڌي شخصيتون. حاصل ڪيل 2020-12-23. 
  12. Sindhipeoples. "سنڌي شخصيتون: ڪاڪو گُرداس واڌواڻي - نصير اعجاز". سنڌي شخصيتون. حاصل ڪيل 2020-12-23. 
  13. Sindhipeoples. "سنڌي شخصيتون: ڪاڪو گُرداس واڌواڻي - نصير اعجاز". سنڌي شخصيتون. حاصل ڪيل 2020-12-23.