ڪاغذ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
ڪاغذي شيون: ڪتاب، ٽوائليٽ پيپر، پيپر جو ويٽو، ڪاغذي ڊٻو، آنن جو دٻو

سانچو:Infobox Chinese پنو يا ڪاغذ ڪاٺ، اڳڙين ۽ گاھ مان ملندڙ سيليلوز جي گھميل فائبر کي پريس ڪري سنھن تھن ۾ بدلائي ٺاھبو آهي.ان جو استعمال گھڻ رخو آهي جو ان کي لکڻ، ڇاپن، پيڪنگ، صفائي وغيره لاءِ ٿيندو آهي. لڳ ڀڳ ٻين صدي عيسويءَ ۾ ڪاغذ جي ايجاد چين ۾ ٿي.[1] ان ايجاد کي ھان گھراڻي جي شاھي درٻار جي خواجہ سرا eunoch ڪائي لون سان منصوب ڪيو ويو آهي [2] ھاڻوڪي دؤر ۾ چين ۽ آمريڪا ڪاغذ جي پيدوار ۾ دنيا ۾ سرفھرست آھن.


وڌيڪ تفصيل[سنواريو]

ڪاغذ ڪاٺ مان ٺھيل ھڪ سنھو تھ جيڪو عام طور تي لکڻ يا شين کي ويڙھڻ ۾ ڪم ايندو آھي.

ڪاغذ

ڪاغذ کي سنڌي ۾ پنو چوندا آهن.ڪيترن ملڪن ۾ ماڻهو وڻن جي پنن تي لکندا هئا، ۽ اها ساک ڪي لفظ به ڀرين ٿا. مثلاً سنڌي ”پن“ (Leaf) ۽ ”پنو“ (ڪاغذ) ساڳئي سنسڪرت لفظ ”پرڻ“ مان ٺهيا آهن. انگريزي لفظ ”ليف“ (Leaf) جي به هڪڙي معنيٰ آهي ”وڻ جو پن“ ۽ ٻي معنيٰ ”ورق“ (ڪتاب جو). خود عربي لفظ ”ورق“ جو به اهي ٻئي معنائون آهن. هن مان ظاهر آهي ته يورپ، عربستان ۽ هندستان ۾ وڻن جي پنن تي لکڻ جو رواج عام هو، ۽ اهو رواج ڪئين صديون ساندهه هلندو پئي آيو. هوان شيانگ نالي هڪ چيني مسافر عيسوي ستين صديءَ ۾ هندستان ۾ سير ڪرڻ آيو هو، ۽ سنڌ به گهمي ويو هو. هن صاحب پنهنجي سفرنامي ۾ ڄاڻايو آهي ته هندستان ۾ ڪيترن هنڌ مون ماڻهن کي وڻن جي پنن تي لکندو ڏٺو. سنسڪرت ساهت مان به معلوم ٿئي ٿو ته اڳي ”ڀوڄ وڻ“ (Birch Tree) جا پن عام طرح لکڻ لاءِ ڪم آڻيندا هئا. اڄ تائين شريمد ڀاڳوت، گرڙ پراڻ ۽ بيا ڪيترا ڌرمي پستڪ براهمڻن وٽ ٿها ٿيا رکيا آهن، ۽ جلد ٻڌل ڪين اٿن. هندو ماڻهو جڏهن گهرن ۾ شريمد ڀاڳوت وغيره جو پارائڻ رکائيندا آهن، تڏهن براهمڻ هڪ هڪ پرت پڙهندا، ٿهي جي هيٺان رکندا ويندا آهن. اڳي به ائين ڪندا هئا، پر متان ڪنهن وقت پنن جو ٿهو ڪري پوي، ۽ پن پن کان ڌار ٿي وڃي، تنهن ڪري ڀوڄ وڻ جو ڇوڏو انهن پنن جي ٿهي مٿان رکي، پوءِ ڇوڏي ۽ پنن جي آرپار ٽنگ ڪندا هئا، ۽ انهيءَ ٽنگ مان ڌاڳو لنگهائي، ڳنڍ ٻڌي ڇڏيندا هئا، ته سنئون سولو ڪتاب ٿي پوندو هو. انهيءَ کي سڏيندا هئا گرنٿ، جنهن جي هڪڙي معنيٰ اهي ”پستڪ يا ڪتاب،، ۽ ٻي معنيٰ آهي ”ڳنڍ“. سکن جي گرن جي ٻاڻي جنهن ڪتاب ۾ لکيل آهي، تنهن کي ادب ۽ عزت وچان ”گرنٿ صاحب“ چوندا آهن، نه ته اصل معنيٰ اٿس ”ڪتاب“، ۽ پوءِ خاص طرح معنيٰ ٿيس ”گرن جي ٻاڻيءَ جو ڪتاب“. ساڳيءَ طرح مسلمانن جو پاڪ ڪتاب ”قرآن“ يا ”القران“ سڏجي ٿو، جنهن جي به اکري معنيٰ آهي ”ڪتاب“ (The Book) – (قرء معنيٰ پڙهڻ). ان کي ”مصحف“ يا ”المصحف“ به چوندا آهن. انهيءَ لفظ جي بنيادي معنيٰ اهي ”ڪتاب“ (صحف معنيٰ لکيل پرت، ۽ اهو ”الڪتاب“ به سڏبو آهي. ائين لفظن کي ڪي خاص معنائون ملن ٿيون. مٿي جيڪي چيو ويو آهي، تنهن مان معلوم ٿيندو ته ويدڪ زماني ۾ بلڪ تنهن کان ڪئين صديون پوءِ به هاڻوڪي وانگر ڪتاب ڪين هئا. ڪاغذن يا پنن جوڙڻ جو هنر اسان جا ماڻهو گهڻو گهڻو پوءِ سکيا، ۽ اها ڄڻ ته ڪلهه ڪلهوڻي ڳالهه آهي. انسئڪلو پيڊيا برٽنيڪا مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪاغذن يا پنن جوڙڻ جو رواج چين ولايت ۾ عيسوي سنه شروع ٿيڻ کان به اڳي هو. سنه 751ع ۾ عربن سمرقند تي ڪاهيو، ته چين جو لشڪر سامهون ٿين. ان وقت عربن ڪي چينائي گرفتار ڪيا، ۽ کين پاڻ وٽ نظربند رکيائون. انهن گرفتار ٿيل چيناين عربن کي چيو ته .جيڪڏهن توهين اسان کي آزاد ڪندا، ته انهيءَ مهربانيءَ جي عيوض اسين اوهان کي هڪ عمدو هنر سيکارينداسين.“ عربن اها ڳالهه قبول ڪئي. انهيءَ تي چيناين کين ڪاغذ جوڙڻ جو هنر سيکاريو. عربن به پنهنجو ٻول پاڙي انهن قيدين کي آزاد ڪيو. اهو هنر پوءِ هندستان بلڪ يورپ جي ماڻهن کي پاڻ سيکاريائون. انهيءَ کان اڳي حسابي علم ۽ ٻيا ڪي علم عربن کي هندستان جي ماڻهن سيکاريا هئا. عربيءَ ۾ حسابي علم کي چون ئي .علم هندسه“، ڇاڪاڻ ته اهو علم هندستان مان پرايو هئائون. پوءِ پنن جوڙڻ جو هنر هندستان جي ماڻهن کي پاڻ سيکاريائون. ائين هڪ ٻئي جو ٿورو لاهي ڇڏيائون.[3]

طب[سنواريو]

نالا: ع. قرطاس، ف. ڪاغذ، هه. وغيره___ ڪاغذ، ڪريتن، ڪوتسيا ۽ سنجا ميفور.

اثر: سرد خشڪ، نقصان: ___-، ميل: ___-، عيوض: ___-، وزن: هڪ کان ٽي ماسا.


سڃاڻپ: هيءَ مشهور شيءِ آهي جا ڪن گاهن ۽ ٻين شين مان ٺاهيندا آهن.


خاصيت: هن کي ساڙي خاڪ ڪري ناس ڪرائجي ته نڪهير ۽ اڌ مٿي جي سور کي مفيد آهي. اها خاڪ زيتون ۾ ملائي، اهو تيل ڏڍ ۽ چٽيءَ جي داغن تي مکجي ته داغ لهندا، ڏندن کي مهٽجي ته ڏندن جي سور ۽ ڏندن مان رت جي اچڻ کي فائدو ڪندو. سرڪي ۾ ملائي کائڻ سان سيني جي سور آنڊن جي ڦٽ کي لاهيندا..[4]

حوالا[سنواريو]

  1. Hogben, Lancelot. "Printing, Paper and Playing Cards". Bennett, Paul A. (ed.) Books and Printing: A Treasury for Typophiles. New York: The World Publishing Company, 1951. pp. 15–31. p. 17. & Mann, George. Print: A Manual for Librarians and Students Describing in Detail the History, Methods, and Applications of Printing and Paper Making. London: Grafton & Co., 1952. p. 77
  2. Tsien 1985, p. 38
  3. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page27.html#_ftnref2.  Missing or empty |title= (help)
  4. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: ۲۰۰۷؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو