قلم

قلم (Pen؛
i/pɛn/) لکڻ يا تصوير ٺاهڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ هڪ عام اوزار آهي، جنهن ذريعي ڪنهن سطح (عام طور تي ڪاغذ) تي مس لڳائي ويندي آهي.[1] قلم لکڻ جي لاء قديم زماني کان استعمال ڪيو پيو وڃي، هي مس جي مدد سان لکندو آهي. شروعاتي دور جي قلمن، جهڙوڪ سرڪنڊي جا قلم (reed pens)، پکين جي پرن مان ٺهيل قلم (quill pens)، ڊپ پين (dip pens) ۽ رولنگ پين (ruling pens) ۾ مس جي ٿوري مقدار کي "نب" (nib) تي يا ڪنهن ننڍڙي خاني ۾ رکيو ويندو هو؛ انهن کي بار بار مس جي بوتل (inkwell) ۾ ٻوڙي ٻيهر ڀرڻ جي ضرورت پوندي هئي.[2][3]
اڄڪلهه اهڙا قلم صرف ڪجهه خاص ڪمن، جهڙوڪ تصويري خاڪا ٺاهڻ (illustration) ۽ خوشخطي (calligraphy) لاءِ استعمال ٿين ٿا. لکڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ سرڪنڊي جي قلمن، پرن وارن قلمن ۽ ڊپ پينز جي جاءِ هاڻي بال پوائنٽ، رولر بال، فائونٽين پين ۽ فيلٽ يا سيرامڪ ٽپ وارن قلمن ورتيا آهن.[4]

ٽيڪنيڪل ڊرائنگ ۽ نقشانگاري (cartography) لاءِ استعمال ٿيندڙ ’رولنگ پين‘ جي جاءِ هاڻي "ريپڊوگراف" (Rapidograph) جهڙن ٽيڪنيڪل قلم ورتيا آهن.[5] انهن سڀني جديد قلمن ۾ مس رکڻ لاءِ اندروني خانا هوندا آهن، جنهن ڪري لکڻ دوران انهن کي مس ۾ ٻوڙڻ جي ضرورت نه پوندي آهي.[6]
"قلم گويد ڪه من شاهه جهانم"
قلم چئبو آهي ته مون دنيا جو بادشاهه آهيان.
حوالا
[سنواريو]- ↑ Pen آرڪائيو ڪيا ويا 2021-10-06 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. Merriam-Webster Dictionary
- ↑ Johannessen, Christian Mosbæk; Leeuwen, Theo van (2017-09-18). The Materiality of Writing: A Trace Making Perspective (انگريزي ۾). Routledge. ISBN 978-1-134-98646-0.
- ↑ Greetham, David C. (2015-10-28). Textual Scholarship: An Introduction (انگريزي ۾). Routledge. ISBN 978-1-136-75579-8.
- ↑ "pen." Word Histories and Mysteries. Boston: Houghton Mifflin, 2004. Credo Reference. Web. 13 September 2007.
- ↑ Emmons, Paul (2019-04-01). Drawing Imagining Building: Embodiment in Architectural Design Practices (انگريزي ۾). Routledge. ISBN 978-1-317-17952-8.
- ↑ Silva, Patricia; Pauli, Erika (2009). Modern Times (انگريزي ۾). Marshall Cavendish. ISBN 978-0-7614-4322-3.
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]| وڪيميڊيا العام ۾ سان لاڳاپيل ميڊيا قلم. |
| وڪي قول ۾ Pens جي متعلق قول موجود آھي۔ |
| pen جي لغوي معنائن جي لاءِ وڪي لغت ۾ ڏسو |
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Wikipedia pages with incorrect protection templates
- CS1 انگريزي-language sources (en)
- Commons link is locally defined
- Commons category wi page teetle different than on Wikidata
- LCCN سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- GND سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- قلم
- اسٽيشنري
- لکت جو اوزار
- آفيس جو سامان