سائيڪل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سائيڪل هڪ اهڙي ٻه پيري سواري (vehicle) کي چيو ويندو آهي جنهن کي ڌڪڻ لاء مثالي ۽ تاريخي طور تي سوار يا هلائيندڙ جي پنهنجي طاقت جي ضرورت هوندي آهي جيڪا هو پيڊلن تي لڳائيندو آهي۔ هن کي انگريزي ۾ Cycle ۽ Bicycle چيو ويندو آهي.

تفصيل[سنواريو]

بائيسڪِل/ سائيڪل: ٻن ڦيٿن واري گاڏي، جا پيڊلن (پيرڙين) سان هلائبي آهي، جيڪا 1839ع ۾ مئڪ ملن جرمنيءَ ۾ ايجاد ڪئي. سال 1880ع تائين انهيءَ -سائيڪل- ۾ تبديليون اينديون رهيون، آخر ۾ هڪ جيترا ڦيٿا، -بال- بيرنگ، تارن وارا ڦيٿا ۽ چين (زنجير) سان هلندڙ گراڙين واري -سائيڪل- ٺهي تيار ٿي. سال 1888ع ۾ ٽائرن ٽيوبن واري تبديليءَ سان -سائيڪل- جو موجوده خاڪو تيار ٿيو. هن وقت سنڌ توڙي دنيا جي اڪثر ملڪن جي ننڍن ننڍن ڳوٺن ۽ وڏن شهرن ۾ -سائيڪل- هلڪي ۽ آسان سواري ليکي ويندي آهي.[1]

تصويرون[سنواريو]

حوالا[سنواريو]