يونيسڪو عالمي ثقافتي ورثو

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا
يونيسڪو جو لوگو

"يونيسڪو عالمي ثقافتي ورثو" اھڙيون جڳھون (جھنگ، جبل، ڍنڍ، ريگستان، يادگار، عمارت يا شھر) کي چيو ويندو آھِي جنھن کي بين الاقوامي عالمي ثقافتي ورثو پروگرام جي تحت گڏيل قومن جو تعليمي سائنسي ۽ ثقافتي ادارو (يونيسڪو) جي عالمي ثقافتي ورثو ڪميٽي جي مرتب ڪيل فهرست جي لاءِ نامزد يا ان ۾ شامل ڪيو ويو ھجي۔ هي منصوبو ثقافتي يا قدرتي اهميت جي حامل جڳھن جي فھرست مرتب ڪرڻ ۽ ان جي حفاظت ڪرڻ جي لاءِ بڻايو ويو آھي۔ مختلف شرطن جي تحت مندرج جڳھن کي عالمي ورثو فنڊ مان رقمون فراھم ڪيون وينديون آھن۔ ھي منصوبو "عالمي ثقافتي ۽ قدرتي ورثي جي حفاظت جي حوالي سان ميثاق" جي ذريعي شروع ٿيو جنھن کي يونيسڪو جي مجلس عمومي 16 نومبر 1972ء تي اختيار ڪيو۔ ان وقت کان 184 ملڪ (بمطابق جولاءِ 2007ء) هن ڪنوينشن جي توثيق ڪري چڪا آھن۔ 2007ء جي مطابق 142 ملڪن جون 851 جڳھون ھن فھرست ۾ شامل آھن جن ۾ 660 ثقافتي، 166 قدرتي ۽ 25 مخلوط خصوصيتن جون حامل آھن۔ هر عالمي ورثي جي حامل جڳھ ان ملڪ جي ملڪيت آھي جتي اھو واقع آھي پر مستقبل ۾ بني نوع انسان جي لاءِ انکي محفوظ رکڻ عالمي برادري جي ذميداري آھي مختلف خطن ۾ واقع جڳھن جون خصوصيتون هيٺ ڏنل آهن:

خطو قدرتي ثقافتي مخلوط ڪل  %
آفريڪا 33 38 3 74 9%
عرب رياستون  3 58 1 62 7%
ايشيا بحر الڪاھل 45 126 11 182 21%
يورپ ۽ اتر آمريڪا  51 358 7 416 49%
لاطيني آمريڪا ۽ ڪيريبين 34 80 3 117 14%

عالمي ثقافتي ورثو ڪميٽي اجلاس[سنواريو]

عالمي ثقافتي ورثو ڪميٽي فهرست ۾ شامل جڳھن ۾ انتظامي معاملن تي غور جي حوالي سان سال ۾ متعدد ڀيرا اجلاس منعقد ڪندي آهي پر World Heritage Committee Session نالي اجلاس سال ۾ هڪ ڀيرو ٿيندو آهي جنھن ۾ مختلف جڳھن کي عالمي ثقافتي ورثو فھرست ۾ شامل ڪيو ويندو آھي۔ ساليانو اجلاس دنيا جي مختلف شھرن ۾ منعقد ٿيندو آھي۔ پيرس (فرانس) ، جتي يونيسڪو جا صدر دفتر واقع آھڻ ، کان علاوه ھي اجلاس صرف عالمي ثقافتي ورثو ڪميٽي جي رڪن ملڪن ۾ ئي منعقد ٿي سگھي ٿو جنھن جي لاءِ انھن کي ڪميٽي جي منظوري درڪار ھوندي آهي۔

اجلاس سال تاريخ ميزبان شھر ملڪ
1 1977 27 جون کان پھرين جولاءِ پيرس Flag of France.svg فرانس
2 1978 5 کان 8 سيپٽمبر واشنگٽن ڊي سي Flag of the United States.svg ریاستہائے متحدہ امریکہ
3 1979 22 کان 26 آڪٽوبر قاھره ۽ لگزور Flag of Egypt.svg مصر
4 1980 پھرين کان 5 سيپٽمبر پيرس Flag of France.svg فرانس
5 1981 26 کان 30 آڪٽوبر سڊني Flag of Australia.svg آسٹریلیا
6 1982 13 کان 17 ڊسمبر پيرس Flag of France.svg فرانس
7 1983 5 کان 9 ڊسمبر فلورنس Flag of Italy.svg اطالیہ
8 1984 29 آڪٽوبر کان 2 نومبر بيونس آئرس Flag of Argentina.svg ارجنٹائن
9 1985 2 کان 6 ڊسمبر پيرس Flag of France.svg فرانس
10 1986 24 کان 28 نومبر پيرس Flag of France.svg فرانس
11 1987 7 کان 11 ڊسمبر پيرس [./ملف:Flag_of_France.svg Flag of France.svg] فرانس
12 1988 5 کان 9 ڊسمبر براسيليا [./ملف:Flag_of_Brazil.svg Flag of Brazil.svg] برازيل
13 1989 11 کان 15 ڊسمبر پيرس Flag of France.svg فرانس
14 1990 7 کان 12 ڊسمبر بانف Flag of Canada.svg کینیڈا
15 1991 9 کان 13 ڊسمبر ڪارٿيج Flag of Tunisia.svg تونس
16 1992 7 کان 14 ڊسمبر سانتا في Flag of the United States.svg ریاستہائے متحدہ امریکہ
17 1993 6 کان 11 ڊسمبر ڪارٽينا Flag of Colombia.svg کولمبیا
18 1994 12 کان 17 ڊسمبر فوڪٽ Flag of Thailand.svg تھائی لینڈ
19 1995 4 کان 9 ڊسمبر برلن Flag of Germany.svg جرمنی
20 1996 2 کان 7 ڊسمبر مريدا Flag of Mexico.svg میکسیکو
21 1997 پھرين کان 6 ڊسمبر نيپلز Flag of Italy.svg اطالیہ
22 1998 30 نومبر کان 5 ڊسمبر ڪيوٽو Flag of Japan.svg جاپان
23 1999 29 نومبر کان 5 ڊسمبر مراڪش شھر Flag of Morocco.svg مراکش
24 2000 27 نومبر کان 2 ڊسمبر ڪيرنز Flag of Australia.svg آسٹریلیا
25 2001 11 کان 16 ڊسمبر ھيلسنڪي [./ملف:Flag_of_Finland_(bordered).svg Flag of Finland (bordered).svg] فن لينڊ
26 2002 24 کان 29 جون بڊاپسٽ Flag of Hungary.svg مجارستان
27 2003 30 جون کان 5 جولاءِ پيرس Flag of France.svg فرانس
28 2004 28 جون کان 7 جولاءِ سوزو Flag of the People's Republic of China.svg چین
29 2005 10 کان 17 جولاءِ ڊربن Flag of South Africa.svg جنوبی افریقہ
30 2006 8 کان 16 جولاءِ ولنيئس [./ملف:Flag_of_Lithuania.svg 30x30px] لٿووينيا
31 2007 23 جون کان پھرين جولاءِ ڪرائسٽ چرچ Flag of New Zealand.svg نیوزی لینڈ
32 2008 2 کان 10 جولاءِ ڪيوبڪ شھر Flag of Canada.svg کینیڈا

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]