جولاءِ

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

جولاءِ 31 ڏينهن جو مھينو آھي. ھي شمسي سال جو ستون مهينو آهي. جوليس سيزر هن مهيني ۾ پيدا ٿيو هيو. ھن مهيني ۾ ايشيا کنڊ ۾ گھڻي گرمي ٿيندي آهي. عيسوي سال جي هن مهيني تي اهو نالو جوليس سيزر جي نالي پويان رکيو ويو آهي. ڪنهن زماني ۾ هي مهينو پنجين (5) نمبر تي هو ۽ هن جو نالو “ڪئانٽليس” (Quantilis) هو, جنهنجي معنيٰ آهي پنجون. هن مهيني دوران اتر اڌ گول ۾ موسم گرم رهندي آهي ۽ ڏينهن ننڍا ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن. ڏکڻ اڌ گول ۾ ڏينهن وڏا ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن ۽ سيءُ گهٽ ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي. اتر اڌ گول جي ڪيترن ئي علائقن ۾ هن مهيني دوران مينهن پوندا آهن. [1]

Incomplete-document-purple.svg ھي ھڪ ڪچو مضمون آھي۔ توھان ھن ۾ اضافو ڪري وڪيپيڊيا کي سنواري سگھو ٿا۔

حوالا[سنواريو]