تاج محل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
تاج محل

تاج محل ڀارت جي شهر آگرہ ۾ واقع هڪ مقبرو آهي۔ هن جي تعمیر مغل بادشاہ شاهہ جهان پنهنجي گهرواري ممتاز محل جي یاد ۾ ڪرائي هئي۔

تاج محل مغل طرز تعمیر جو عمدہ نمونو آهي۔ هن جو تعمیراتي طرز فارسي، ترڪ، ڀارتي ۽ اسلامي طرز تعمیر جي جزن جو انوکو ميلاپ آهي۔ 1983ء ۾ تاج محل کي اقوام متحدہ جي اداري برائي تعلیم، سائنس ۽ ڪلچر عالمي ثقافتي ورثي ۾ شمار ڪيو۔ تاج محل کي ڀارت جي اسلامي فن جو عملي ۽ نایاب نمونو بہ چيو ويو آهي ۔ هي تقریباً 1648ء ۾ مڪمل تعمیر ڪيو ويو. استاد احمد لاهوري کي عام طور تي هن جو معمار خیال ڪيو ويندو آهي.

اڏاوت[سنواريو]

مغل بادشاهه شاهجهان جي گهرواري ممتاز محل جو مقبرو جيڪو ڀارت جي شهر آگره ۾ واقع آهي۔ چيو ويندو آهي ته عيسيٰ شيرازي نالي هڪ ايراني انجنيئر هن جو نقشو تيار ڪيو هو، پر بادشاهه نامي لکيل آهي ته خود شاهجهان هن جو خاڪو تيار ڪيو۔ هي عمارت 1632ء کان 1650ء تائين ڪل25 سالن ۾ مڪمل ٿي۔ هن جي اڏاوت ۾ ساڍا چار ڪروڙ روپيا صرف ٿيا ۽ ويهه هزار رازن ۽ مزدورن هن جي تڪميل ۾ حصو ورتو۔ تمام عمارت سنگ مرمر جي آهي۔ هن جي ڊيگهه ۽ ويڪر 130 فٽ ۽ اوچائي 200 فٽ آهي۔ عمارت جي مرمري ديوارن تي رنگ برنگن پٿرن سان نهايت خوبصورت پچي ڪاري ٿيل آهي۔ مقبري جي اندر ۽ ٻاهر پچي ڪاري جي صورت ۾ قرآن شريف جون آيتون چٽيل آهن۔ عمارت جي چئني ڪنڊن تي هڪ هڪ مينار آهي۔ عمارت جو چبوترو، جيڪو زمين جي سطح کان 7 ميٽر اوچو آهي ، سنگ ڳاڙهو آهي۔ هن جي پٺيان جمنا درياهه وهندو آهي ۽ سامهون جي طرف ، ڪرسي جي هيٺان هڪ حوض آهي۔ جنهن ۾ ڦهارا لڳل آهن ۽ مغليه طرز جو خوبصورت باغ به آهي هن مقبري جي اندر ملڪه ممتاز محل ۽ شاهجهان جون قبرون آهن۔


سياحت[سنواريو]

هر سال هن تاريخي يادگار کي 30 لک ماڻهون ڏسڻ ايندا آهن۔ هي تعداد ڀارت جي ڪنهن به سياحتي جڳهه تي ايندڙ ماڻهن جي مقابلي ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي ۔تاج محل مغليه دور جي فن تعمير جو هڪ عظيم شاهڪار آهي ۽ هڪ اهڙي بي مثال عمارت آهي جيڪا اڏاوت بعد ئي دنيا ڀر جي سياحن جي توجهه جو مرڪز بڻي۔ محبت جي هي لازوال نشاني شاعرن، اديبن، مصورن ۽ فنڪارن جي لاء وجدان جو محرڪ رهي آهي پر حقيقت ۾ هڪ مقبرو آهي۔سن 1874 ۾ برطانوي سياح ايڊورڊ لئير چيو هو ته

دنيا جي باشندن کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو هڪ اهي جن تاج محل جو ديدار ڪيو ۽ ٻيا جيڪي هن کان محروم رهيا ۔


پيلو تاج محل[سنواريو]

آگره ۾ وڌندڙ هوائي گندگي جي ڪري محبت جي هن عظيم يادگار جو رنگ اڇي مان پيلو ٿي ويو آهي ۔ هي ڳالهه مئي 2007ء ۾ ڀارتي پارليامينٽ ۾ پيش ڪئي وئي هڪ رپورٽ ۾ ٻڌائي وئي۔ هن رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آگره ۾ وڌندڙ هوائي گندگي سان تاج محل جي چمڪندڙ اڇي سنگ مرمر کي نقصان پهتو۔ گندگي جي ڪري هن تاريخي يادگار جي حقيقي خوبصورتي متاثر ٿي رهي آهي۔ رپورٽ ۾ تاج محل جي خوبصورتي بچائڻ ۽ سنگ مرمر کي انجي اصل شڪل ۾ برقرار رکڻ جي لاء ان کي صاف ڪرڻ جي کی سفارش ڪئي وئي۔ [1]

عجوبو[سنواريو]

2007ء ۾ هڪ بين الاقوامي مقابلي جي ذريعي طي ٿيڻ وارن دورِ جدید جي ست عجوبن ۾ آگره کي تاج محل کي به شامل ڪيو ويو.[2]

تاج محل جي نقل ۾ اڏاوتون[سنواريو]

تاج محل کي نقل ڪندي دنيا ڀر ۾ ڪافي عمارتون تعمير ڪيون ويون، انهن مان ڪجهه هي آهن:

حوالا[سنواريو]

  1. روزاني جنگ ڪراچي 16 مئي 2007ء
  2. بي بي سي اردو 7 جولاء 2007ء