دوزخ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
يورپ جي وچولي دؤر دوران 1180 جي عيسائين جي ھڪ قلمي مسودي ۾ دوزخ جو خاڪو ڏيکاريل

دوزخ:(انگريزي: Hell) فارسي ٻولي جو لفظ آهي جنھن کي عربي ۾ جحيم ۽ ھندي ۾ نرگ چوندا آهن. اھا ھڪ اھڙي تصوراتي جاء آھي جتي مختلف مذھبن جي تصورن مطابق دنيا جي اندر برائي تي ھلندڙ ماڻھو موت کانپوءِ سزا طور ھميشه ان ۾ رھندا. عام طور تي دوزخ جنت يا بھشت جو ابتڙ آهي.

اسلام ۾ دوزخ جو تمثيلي تصور[سنواريو]

علامه نياز فتح پوري لکيو آهي تہ دوزخ جو مفھوم قرآن ۾ ماديت سان تعلق نہ ٿو رکي جنھن جو ثبوت قرآن جي سورة الھمزہ جي آيت نمبر 6 ۽ 7 آھي.

نار اللّه الموقده (6) التى تطلع على الافئده (7)

— سورة الھمزہ

اھا خدا جي ٻاريل باھ آھي - جيڪا دلين تائين پھچندي

علامه نياز فتح پوري مطابق جيڪڏهن دوزخ جي باھ دنيا جي باھ وانگر ھجي ھا تہ ان جو ذڪر الله جي ٻاريل باھ جي حيثيت ۾ نہ ٿئي ھا نہ ئي ان جو ذڪر دل سان ڳنڍي ڪيو وڃي ھا. دل جي اندر پھچندڙ باھ اھا ٿي سگھي ٿي جيڪا انسان کي روحاني تڪليف ۾ مبتلا ڪري اھڙي طرح ان باھ جي ڀيٽ دنيا جي ظاھري باھ سان نہ ٿو ڪري سگھجي[1].

اسلام ۾ دوزخ جو مادي تصور[سنواريو]

عام طور تي اسلام ۾ عالمن قرآن ۽ حديث مان دوزخ جي مادي تصور جو ذڪر ڪيو آهي جنھن مطابق اھا ھڪ وسيع جاء آھي جنھن ۾ مختلف حصا آهن جن جا مختلف نالا پڻ آهن. ان جا ست در آھن ۽ جن جو چوڪيدار ملائڪ آھي يا ملائڪ آھن. اھا عذاب واري جاء آھي جتي ھر طرف باھ آھي جتي انسان ۽ پٿر ان جو کاڄ ٿيندا.


عيسائيت ۾ دوزخ جو تصور[سنواريو]

عيسائيت ۾ بہ دوزخ جو تصور مادي آھي جتي شيطان ۽ بدروح رھن ٿا. ڊينيئل واري ڪتاب ۾ لکيل آهي تہ جيڪي مٽي ۾ دفن ٿيل آھن اھي ٻيھر ضرور اٿندا جن مان ڪجهه ھميشه واري زندگي گذاريندا ۽ ڪجهه ھميشه واري ڌڪاريل ۽ شرمناڪ زندگي گذاريندا.[2]

ٻڌ مذهب جو تصور[سنواريو]

تبت جي ٻڌن مطابق دوزخ جو ھڪ قسم اھڙو آھي جيڪو گرم آھي ۽ ھڪ قسم وري ٿڌو آھي. ٻنھي قسمن جو وري برابر تعداد آهي.

يھوديت ۾ دوزخ جو تصور[سنواريو]

يھودي مذھب ۾ دوزخ جو ڪوبہ مادي تصور ناھي. پر اھو ھڪ شرمناڪ ھجڻ جو ھڪ احساس آهي.

قديم مذھبن ۾ دوزخ جو تصور[سنواريو]

قديم ميسوپوٽاميا جي مذھبن ۾ موت کانپوءِ زندگي جو تصور زمين اندر ھيو جتي روح مٽي کائيندا ھئا ۽ ان زير زمين دنيا جي نگراني مخصوص ديوتا ڪندا هئا.موت کان پوءِ جي زندگي جو تصور سڀ کان اول يونانين ڏنو.

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. من يزداں، حصہ اول اور دوم (مکمل) ، فکشن ہائوس ، لاہور، اشاعت : 2014
  2. Denial 12:2