پاڃاري
ڏيک


پاڃارِي (انگريزي: Yoke) هڪ قسم جو زرعي اوزار آهي جيڪو ڪاٺ مان ٺھيل هوندو آهي. سنڌ توڙي دنيا ۾ استعمال ٿئي ٿو. پاڃاري نار، ڍڳي گاڏي، ڇَڪڙي ۾ جانور جوٽڻ ۾ پڻ ڪم ايندي آهي. پاڃاري جا ٻہ خانا يا حصا ٿين ٿا جن ۾ هر ۾ جوٽيل جانورن جون ڳچيون ڦاسايون وينديون آھن. پاڃاري ۾ جانورن جي ڳچين سوگهو ڪرڻ لاءِ ڏورڻا هوندا آهن. پاڃاري جي ڇيڙن ۾ سوراخ هوندا آهن جن ۾ ڏورڻا پوندا آهن. پاڃارين جا مختلف نمونا ۽ بناوتون ٿيندين آهن. ڪي سڌيون ٿين ڪي خوبصورتي لاءِ وڪڙن واريون ٿين ٿيون.[1][2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "پاڃاري | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون", dic.sindhila.edu.pk, حاصل ڪيل 11 آگسٽ 2019۔
- ↑ "پاڃاري : (Sindhianaسنڌيانا)", www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 11 آگسٽ 2019۔