برج خليفہ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
برج خليفہ
برج خليفة

برج خليفه جي نڪتل تصوير آڪٽوبر 2012ع ۾
اڳوڻا نالا برج دبئي
رڪارڊ اوچائي
Tallest in the world since 2009[I]
کان اوچي Taipei 101
عام معلومات
رتبو Complete
قسم Mixed-use
آرڪيٽڪچرل نمونو Neo-futurism
مڪانيت 1 شيخ محمود بن راشد بليورڊ , دبئي, گڏيل ارب امارات
مڪانيت Coordinates: Unknown argument format
Invalid arguments have been passed to the {{#coordinates:}} function
اڏاوت شروع ٿيڻ جي تاريخ 6 جنوري 2004
مڪمل ٿيل 31 ڊسمبر 2009[1]
خرچ USD $ 1.5 billion[3]
اوچائي
آرڪيٽيڪچرل 828 m (2٬717 ft)[4]
چوٽي 829.8 m (2٬722 ft)[4]
ڇت 828 m (2٬717 ft)
آخري ماڙ 584.5 m (1٬918 ft) (Level 154)[4]
مشاھدوگاھ 555.7 m (1٬823 ft) (Level 148)[4]
تڪنيڪي تفصيل
مٽيريل شيشو, اسٽيل, ايلومينيم, قوي ڪنٽرول
ماڙين جو انگ 163 above ground. 154 usable floors[4][5]
plus 9 maintenance levels (46 spire levels)[6] and 2 below-ground parking levels
ماڙين جي ايراضي 309٬473 m2 (3٬331٬100 sq ft)[4]
ڏاڪڻيون 57 (55 single deck and 2 double deck), made by Otis Elevator Company
ڊزائن ۽ تعمير
آرڪيٽيڪٽ اينڊرن سمٿ at SOM
ترقي ڏيندڙ Emaar Properties[4]
بناوٽي انجنيئر بل بيڪر at SOM[7]
مک ٺيڪيدار

برج خليفہ (انگريزي ٻولي: Burj Khalifa) متحده عرب امارات جي صدر ۽ ابوظهبي جي حڪمران شيخ خليفه بن زيد النهيان جي نالي پٺيان دبئي ۾ ٺاهيل ”برج خليفه“ (Burj Khalifa) دنيا جي اوچين عمارتن جا رڪارڊ ٽوڙي، دنيا جي سڀ کان اوچي عمارت وارو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي.[9]

نالي جو سبب[سنواريو]

2004ع ۾ جڏهن هن عمارت جو تعميراتي ڪم شروع ڪيو ويو هو ته، ان جو نالو ”برج دبئي“ رکيو ويو هو، پر بعد ۾ 4 جنوري 2010ع تي افتتاحي تقريب دوران ان جو نالو تبديل ڪري ”برج خليفه“ رکيو ويو، ڇاڪاڻ ته شيخ خليفه بن زيد النهيان، دبئيءَ جو 10 ارب ڊالرن جو قرض لاهي دبئي کي قرض کان نجات ڏياري هئي.[9]

اڏاوت جا تفصيل[سنواريو]

افتتاحي تقريب وقت سرڪاري طرح ”برج خليفه“ جي اوچائي 828 ميٽر يعني 2716.5 فوٽ ٻڌائي وئي. هي دنيا جي اوچي ۾ اوچي عمارت برطانوي آرڪٽيڪٽ ايڊرائن سمٿ (Adrian Smith) ڊزائين ڪئي، جنهن ۾ 160 فلور آهن. ڪنهن خراب موسم سبب مڙڻ يا ٽٽڻ کان ٽاور کي بچائڻ لاءِ ان کي انگريزي اکر ”واءِ“ (Y) جي شڪل ۾ ٺاهيو ويو آهي، جنهن جا ٽي پاسا (Wings) آهن. ”برج خليفه“ عمارت شڪاگو (آمريڪا) جي سڀ کان اوچي عمارت وِلسِ ٽاور (Wills Tower) کان به 50 ماڙيون وڌيڪ بلند آهي. ”برج خليفه“ جو تعميراتي ڪم ڏاڍي تيزيءَ سان جاري رهيو، جنهن ۾ هزارين مزدورن حصو ورتو، جن ۾ اڪثريت جو تعلق هندستان سان هو، جنوري 2007ع ۾ هن جون 100 ماڙيون مڪمل ڪيون ويون هيون. انسان جي ٺاهيل هن نئين عجوبي جي افتتاحي تقريب ۾ هر قوم ۽ نسل سان واسطو رکندڙ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، افتتاحي تقريب دوران وڏي آتشبازي به ڪئي وئي. برج خليفه تان دبئي شهر جو نظارو ڪرڻ لاءِ ان ۾ هڪ ڊيڪ ٺاهي وئي آهي، جنهن ۾ لڳل ڪمپيوٽرائيزڊ دوربينن جي مدد سان ماڻهو هيٺين دنيا جو نظارو ڪري سگهن ٿا.[9]

مٽيريل[سنواريو]

”برج خليفه“ ۾ 3 لک 30 هزار ڪيوبڪ ميٽر ڪنڪريٽ ۽ هڪ لک 3 هزار چورس شيشو استعمال ٿيو آهي. برج جي مالڪ پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق عمارت ۾ ٻاهران لڳائڻ لاءِ جيڪو شيشو ۽ اسٽيل/لوهه استعمال ڪيو ويو، اهو ايترو هو جو، جو جيڪڏهن ان کي فوٽ بال جي ميدانن تي پکيڙيو وڃي ته، فوٽ بال جا 17 ميدان ان سان ڀرجي وڃن ها. ان ۾ جيڪا ڪنڪريٽ ڪم آندي وئي آهي، ان مان هڪ هزار 2 سئو 83 ميل رستو ٺهي سگهي ٿو. اولمپڪ سوئمنگ پول ڀرجي سگهن ٿا.[9]

خصوصيتون[سنواريو]

برج خليفہ ۾ دنيا جي تيز ترين لفٽ بہ نصب ڪيل آھي جيڪا 18 ميٽر في سيڪنڊ (65 ڪلوميٽر في ڪلاڪ، 40 ميل في ڪلاڪ) جي رفتار سان سفر ڪري ٿي۔ ان کان پھرين دنيا جي تيز ترين لفٽ تائي پَي 101 ۾ نصب ٿيل ھئي جيڪا 16.83 ميٽر في سيڪنڊ (60.6 ڪلوميٽر في ڪلاڪ، 37.5 ميل في ڪلاڪ) جي رفتار سان ھلي ٿي۔

پوري عمارتي منصوبي ۾ 30 ھزار رھائشي گھر، 9 ھوٽل، 6 ايڪڙ باغ،19 رھائشي ٽاور ۽ برج خليفہ جھيل شامل آھن۔ ان جص تعمير تي 8 ارب ڊالرز جي لاڳت آئي۔ تڪميل کان بعد ٽاور 20 ملين چورس ميٽر جي رقبي تي پکڙجي ويو.

ان کان علاوه برج خليفه ٽاور ۾ دنيا جي سڀ کان بلند ترين مسجد واقع آھي جيڪا 158 ھين منزل تي موجود آھي۔ ان کان اڳ دنيا جي بلند ترين مسجد رياض، سعودي عرب جي برج المملڪہ ۾ ھئي۔

گئلري[سنواريو]

ڀيٽ[سنواريو]

Burj Khalifa compared with some other well-known tall structures

اڏاوت[سنواريو]

1 February 2006
1 February 2006
 
29 August 2006
29 August 2006
 
19 November 2006
19 November 2006
 
21 March 2007
21 March 2007
 
9 May 2007
9 May 2007
 
15 July 2007
15 July 2007
 
2 December 2007
2 December 2007
 
4 December 2007
4 December 2007
 
10 December 2007
10 December 2007
 
11 March 2008
11 March 2008
 
8 May 2008
8 May 2008
 
8 May 2008
8 May 2008
 

ڦوٽو[سنواريو]

The Burj Khalifa's nameplate
The Burj Khalifa's nameplate
 
The skyline of Dubai. The tallest visible building is the Burj Khalifa.
The skyline of Dubai. The tallest visible building is the Burj Khalifa. 

حوالا[سنواريو]

  1. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2015-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-12-29 
  2. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named opening
  3. Stanglin, Douglas (2 January 2010). "Dubai opens world's tallest building". Dubai: USA Today. http://content.usatoday.com/communities/ondeadline/post/2010/01/dubai-opens-world-tallest-building/1. Retrieved 4 January 2010. 
  4. 4.0 4.1 4.2 4.3 4.4 4.5 4.6 "Burj Khalifa – The Skyscraper Center". Council on Tall Buildings and Urban Habitat. 
  5. Baldwin, Derek (1 May 2008). "No more habitable floors to Burj Dubai". Gulfnews. http://gulfnews.com/news/gulf/uae/general/no-more-habitable-floors-to-burj-dubai-1.452275. Retrieved 7 January 2010. 
  6. "The Burj Khalifa". Glass, Steel and Stone. وقت 3 January 2010 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 8 January 2010. 
  7. Blum, Andrew (27 November 2007). "Engineer Bill Baker Is the King of Superstable 150-Story Structures". Wired. http://www.wired.com/culture/design/magazine/15-12/mf_baker. Retrieved 11 March 2008. 
  8. 8.0 8.1 8.2 8.3 "Burj Dubai (Dubai Tower) and Dubai Mall, United Arab Emirates". designbuild-network.com. حاصل ڪيل 23 March 2009. 
  9. 9.0 9.1 9.2 9.3 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.