محمد اقبال

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
علامہ محمد اقبال
Muhammad Iqbal
محمد اقبال

علامه اقبال
پيدائش محمد اقبال
9 نومبر 1877(1877-11-09)
سيالڪوٽ
وفات 21 اپريل 1938 (عمر 60 سال)
لاھور
قوميت برٽش سبجيڪٽ
مادر علمي *اسڪاچ مشن ڪاليج مان ٻارھين جماعت
  • گورنمينٽ ڪاليج لاھور مان بي اي ۽ ايم اي
  • يونيورسٽي آف ڪيمبرج مان بي اي
  • يونيورسٽي آف ميونخ مان پي ايڇ ڊي
مشھور ڪم *اسرار خودی
عهد ويھين صديءَ جي فلاسافي
علائقو اسلامي دنيا
مڪتبه فڪر اسلامي فلسفو
شعبه عمل
اسلام،اردو شاعري، فارسي شاعري
اهم نظريا
الھ آباد
علامه اقبال

ڊاڪٽر علامه محمد اقبال:علامہ اقبال: Allama Muhammad Iqbal: اقبال: تاريخ 9 نومبر 1877ع تي پنجاب جي شهر سيالڪوٽ ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو شيخ نور محمد هو. پاڻ ڪشميري خاندان سان لاڳاپو رکندو هو.

تفصيلي تعارف[سنواريو]

اقبال شروعاتي تعليم قرآن شريف جي حاصل ڪئي. ان کان پوءِ مشن هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو. مري ڪاليج مان ايف اي جو امتحان پاس ڪيائين. پنجابي ايليٽ ڪلاس علامه اقبال کي پاڪستان جو ذهني باني يا مفڪر پاڪستان سڏائي ٿو، پر هُو گڏيل هندستان جو حامي هو. پاڻ اعلى پايي جو شاعر هو. هندستان جو مقبول ترين قومي گيت ساري جهان سي اڇا هندوستان همارا جو شاعر علامه اقبال آهي. پاڻ ڪيئي ڪتاب لکيائين جن ۾ بانگ درا، بال جبريل، شڪوه، جواب شڪوه ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب مشهور آهن. علامه اقبال 21 اپریل 1938ع تي لاهور ۾ وفات ڪئي. سندس مقبرو بادشاهي مسجد لاهور جي ڀرسان آهي.

شاعر مشرق علامه ڊاڪٽر محمد اقبال سيالڪوٽ ۾ 9 نومبر 1877ع ۾ پيدا ٿيو. هن جو تعلق ڪشميري برهمڻ خاندان سان هو، جيڪو خاندان سوا ٻه سئو سال پهرين اسلام قبول ڪري چڪو هو. اصل ۾ رَتن لال جيڪو هندو پنڊت هو سو مسلمان ٿي ويو، جنهن جو نالو نور محمد رکيو ويو. [1][2] اڳتي هلي رتن لال (نور محمد) مان محمد اقبال جنم ورتو. جنهن اڳتي هلي 1897ع ۾ احمدي فرقو اختيار ڪيو. ان کانپوءِ ويھ ٻاويھ ورهين سندس سر طفر الله سان سياسي اختلاف پيدا ٿي پيا، جنهن جي نتيجي ۾ سر محمد اقبال احمدي مان واري مسلمان ٿي ويو هو ۽ اهو ڪٽنب ڪشمير مان لڏي سيالڪوٽ ۾ اچي آباد ٿيو. سندس والد جو نالو شيخ نور محمد ۽ والده جو نالو امام بيبي هو. ننڍڙي اقبال کي ابتدائي تعليم لاءِ مڪتب ۾ ويهاريو ويو ۽ پوءِ 1883ع ۾ اسڪاچ مشن بهائي اسڪول ۾ داخل ٿيو، جتي کيس عربي ۽ فارسي علمن جي تعليم لاءِ سيد مير حسن جهڙو استاد ۽ رهبر مليو. 1899ع ۾ پنجاب يونيورسٽيءَ مان فلسفي ۾ ايم. اي ڪيائين ۽ ڪجهه عرصو اورنٽيئل ڪاليج ۽ گورنمينٽ ڪاليج لاهور ۾ (1903ع 1905ع) فلسفي ۽ تاريخ جو استاد رهيو. ”علم الاقتصاد“ سندس انهيءَ دور جي تصنيف آهي. 1905ع ۾ بئريسٽري لاءِ انگلينڊ ويو، سيپٽمبر 1905ع ۾ ٽرنٽي ڪاليج ڪيمبرج ۾ داخل ٿيو ۽ -جولاءِ- 1907ع ۾ گريجوئيشن ڪيائين. 12 آگسٽ 1907ع تي جرمن جي سومونڪ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتائين ۽ اتان ادب ۾ ڊي. لٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين.

علامه اقبال جولاءِ 1908ع ۾ بئريسٽريءَ جو امتحان پاس ڪيو، ڪجهه مهينا يونيورسٽي ڪاليج لنڊن ۾ پروفيسر آرنلڊ جي وڃڻ کانپوءِ ان جي جڳهه تي عربيءَ جو استاد مقرر ٿيو، پوءِ گورنمينٽ ڪاليج لاهور ۾ فلسفي جو اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو ۽ 1913ع تائين اها خدمت سرانجام ڏنائين. 1922ع ۾ حڪومت برطانيا سندس ادبي خدمتن جي سلسلي ۾ کيس ”سر“ جو خطاب ڏنو. 1928ع ۾ مدراس حيدرآباد ۽ علي ڳڙهه ۾ ليڪچر ڏنائين ۽ 27 سيپٽمبر 1931ع ۾ ٻي گول ميز ڪانفرنس (Round table conference) ۾ شرڪت لاءِ لنڊن ويو، لنڊن ۾ قيام دوران مختلف انجمنن ۽ تقريبن ۾ شرڪت ڪرڻ کان سواءِ اسلامي ملڪن جي معزز شخصيتن سان ملاقاتون ڪيائين. ٽين گول ميز ڪانفرنس ۾ ارسٽوٽولين سوسائٽيءَ جي هيٺ لنڊن ۾ ڪيا مذهب ڪا امڪان هي جي موضوع تي تقرير ڪيائين. ٽن هفتن کانپوءِ اسپين (Spain) جي سياحت لاءِ روانو ٿيو ۽ انهيءَ سياحت دوران ڪجهه -اردو- نظم لکيائين، -جن- ۾ مشهور نظم ”مسجد قرطبه“ (Mosque of Córdoba) به شامل آهي. 26 جنوري 1933ع تي اسپين مان واپسيءَ وقت پيرس پهتو ۽ 1933ع جي آخر ۾ افغانستان جو دورو ڪيائين. علامه صاحب 1935ع ۾ پنهنجي گهرواريءَ جي وفات کانپوءِ بيمار رهڻ لڳو. انهيءَ ڪري وڪالت به ڇڏي ڏنائين. ڀوپال جي نواب سندس اها حالت ڏسي هن لاءِ 500 رپيا ماهوار وظيفو مقرر ڪيو.

سندس هيٺيون تصنيفون (1) علم الاقتصاد (1903)، (2) تشڪيل جديد الاهيات اسلاميه، (3) ايران مابعد الطبيعيات ڪا ارتقا، (4) اسرار خودي (فارسي)، (5)- رموز بيخودي (فارسي)، (6) پيام مشرق (فارسي)، (7) بانگ درا (اردو)، (8) زبور عجمه (فارسي)، (9)- جاويد نامه (فارسي)، (10)بال جبريل(اردو)، (11)ضرب ڪليم (اردو)، (12)پس چه بايد کرد، (13) اي اقوام شرق، (14) ارمغان حجاز (فارسي)، (15) آئينه عجم (فارسي شاعرن جو انتخاب)، کانسواءِ علامه صاحب درسي ڪتاب به لکيا، اقبال جي استادن ۾ شڪارپور تعلقي جو علامه علي محمد ڪاڪيپوٽو به شامل هو. جنهن کيس فلسفي ۽ منتق جي تعليم ڏني. علامه صاحب جي مثنوين جو منظوم سنڌي ترجمو لطف الله بدوي ڪيو آهي.[3]

اقبال ۽ پاڪستان[سنواريو]

علامه اقبال ان دور جي سياسي حالتن جي حوالي سان محمد علي جناح کي خط ۾ لکيو: هندوستان ۾، مسلمانن جي حيثيت سان، اوهان جي شخصيت آهي، جنهن کان قوم اها اميد رکي ٿي ته، اتر اولهه يا سڄي هندوستان ۾ جيڪو سياسي طوفان اچي رهيو آهي، ان ۾ اوهان ئي قوم جي صحيح اڳواڻي ڪري سگهو ٿا.

ان نموني علامه اقبال، قائداعظم سان سياسي رفيق ٿي ڪم ڪيو. هندن ۽ مسلمانن جي اختلاف کان متاثر ٿي 1930ع ۾ مسلم ليگ جي اجلاس، الهه آباد، ۾ چيائين ته: هندوستان جي وفاق ۾ مسلم گهڻائي وارن پرڳڻن ۾ خودمختيار رياستون قائم ڪيون وڃن.

ڪن چيو ته پاڪستان جي تحريڪ خود انگريزن جي پيدا ڪيل آهي. آخري وائسراءِ هند، لارڊ مائونٽبيٽن ان جي ترديد ڪئي.

هندن جي مشهور عالم، محقق، ماهر تعليم ۽ مورخ، پنڊت سندر لال جي هڪ تقرير جيڪا جون 1966ع ۾ ڇپي، ۾ چيو اٿس: منهنجي هڪ پراڻي ساٿيءَ، لالا لجبرام، هندو مسلم جهڳڙي کي ختم ڪرڻ لاءِ سڀ کان اول اها تجويز پيش ڪئي هئي ته مسلم اڪثريت جو علائقو، الڳ ڪيو وڃي. پر محمد علي جناح ملڪ جي ورهاڱي جي بلڪل خلاف هو، لاهور ريزوليشن ۾، ملڪ جي ورهاڱي بابت ڪو به ذڪر ناهي! ورهاڱي جو ڏوهاري، محمد علي جناح نه آهي، هو ملڪ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي خلاف هو. مون کان ٻڌو! ملڪ جي تقسيم جي تجويز ڪنهن پيدا ڪئي. اوهان لالا لجپتراءِ جو نالو ٻڌو آهي؟ منهنجو دوست هو ۽ وڏو انقلابي هو، پر جڏهن ذهن ۾ بگاڙو آيو، تڏهن تنگ نظريءَ جي فضا قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ هن سڀني کان وڌيڪ حصو ورتو. ان ئي سڀ کان پهرين، مسلم گهڻائي جي علاقن کي الڳ ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي. ۽ تحرير ۽ تقرير ۾ ان جي تبليغ ڪيائين. ان کان متاثر ٿي، انگريزن هندوستان کي پنجن حصن ۾ ورهائڻ جي اسڪيم بڻائي، دراوڙستان، راجستان، هندوستان، پاڪستان ۽ سکستان. ان کان گهڻو پوءِ، رحمت الله چوڌري، سر محمد اقبال، خالد لطيف گابا، وغيره جا نالا اچن ٿا، جن ان تجويز متعلق پنهنجا رايا پيش ڪيا. مسٽر گوڪلي به مسئلي کي گڏجي حل ڪرڻ جو خواهشمند هو.[4][5]

لاڏاڻو[سنواريو]

علامه اقبال 21 اپريل 1938ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو ۽ کيس بادشاهي مسجد لاهور جي دروازي ويجهو دفن ڪيو ويو.[6]



حوالا[سنواريو]