دارالعلوم ديوبند

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو


دارالعلوم ديوبند
Darul Uloom Deoband.jpg
دارالعلوم ديوبند جي پراڻي عمارت
قسماسلامي يونيورسٽي
سرگرمسن 31 مئي 1866
۱۵ محرم ۱۲۸۳ھ ڏاڙھون جي هڪ وڻ هيٺ قائم ٿيو
چانسلرمجلس شورا
وائيس چانسلرمفتي عبدالقاسم نعماني
شاگرد7000+
پتوديوبند، سھارانپور، اتر پرديش، انڊيا
ڪيمپسديوبند
ويب سائيٽ

دارالعلوم ديوبند (انگريزي: Darul Uloom Deoband) انڊيا جي رياست اتر پرديش جي ضلعي سھارنپور جي شھر ديوبند جي ھڪ اسلامي يونيورسٽي جو نالو آهي. 1857ء جي جنگ آزادي ۾ شڪست کان ڏھ سال بعد 1867 ۾ هي مدرسو ان وقت جي برک اسلامي عالمن ديوبند شھر ۾ قائم ڪيو. انھن عالمن ۾ مولانا محمد قاسم نانوتوي (1832-1877) پڻ شامل ھيو جيڪو شاھ ولي الله جي سلسلي وارن عالمن جو شاگرد هو ۽ ھن مدرسي جو پھريون پرنسپال ٿيو[1].هن مدرسي جو بنياد 31 مئي 1866 عيسوي ، 15 محرم 1283ء انارن جي هڪ وڻ جي هيٺ رکيو ويو.پر ان جي رسمي شروعات ڏھ سال پوءِ ٿي.

دارالعلوم ديوبند جي نئين عمارت

قيام جو مقصد[سنواريو]

ھن مدرسي جي قيام جو مقصد ھندوستان ۾ مسلمانن جي شرعي ۽ روحاني رھنمائي لاء عالمن جو ھڪ نئون حلقو پيدا ڪرڻ ھيو تہ جيئن ھدايت لاء وچ اوڀر مان عرب عالمن جي ضرورت نہ پئي. ان جي قيام جو ھڪ ٻيو مقصد عيسائي تبليغي جماعتن جي وڌندڙ اثر کي روڪڻ پڻ ھيو[1]

مدرسي جو نصاب[سنواريو]

ھن مدرسي جو نصاب حنفي مڪتبه فڪر جو آھي ۽ اھو فقه جي مٿين سطح وارو آھي. ھي مدرسو ڦھلجي 8000 اسڪولن ۽ ادارن جو مرڪز بڻجي ويو آهي جن کي ھر قسم جون ھدايتون ڏيندو آهي[1]. دھلي، لکنؤ ۽ خيرآباد ۾ وڏا اسلامي مدرسا ڪم ڪري رهيا هئا. دھلي واري اداري ۾ قرآن جي تفسير ۽ حديث جو علم پڙھايو ويندو ھو. لکنؤ واري ڪيمپس ۾ فقه پڙھائي ويندي ھئي ۽ خيرآباد ۾ دينيات ۽ فلسفو پڙھايو ويندو هو. ھن مدرسي انھن سڀني کي ملائي ھڪ نصاب شاھ ولي الله جي تعليم جي روشنيءَ ۾ نصاب جوڙيو[1]. ديوبند جو نصاب پوري ھندوستان ۾ ھڪ معياري نصاب آھي. مدرسي جي شروعاتي ستن سالن جي نصاب ۾ عربي ٻولي، سيرت حضرت محمد ﷺ، قرآن جي تلاوت ۽ فقه شامل آهن. اٺين ۽ آخري سال ۾ رڳو حديث جو علم شامل ھوندو آھي[1].

مدرسي جون ڊگريون[سنواريو]

ھن مدرسي ۾ ماسٽرز جي ڊگري فقه، قرآن جي تفسير، دينيات ۽ ادب ۾ ڏني ويندي آهي[1].

علمي ڪاوشون[سنواريو]

ديوبند جي مرڪز ۾ ماڻھن جي سماجي معاملن تي فتوائون پڻ جاري ڪيون وينديون آهن[1]. ھي مدرسو تبليغ جي پڻ مرڪز آهي[1]. ھي مدرسو پراڻن ۽ ھاڻوڪي عالمن جا ڪتاب پڻ ڇپائيندو آھي ۽ اخبار پڻ شايع ڪندو آهي[1]. ھن مدرسي جو ڪنھن بہ سياسي پارٽي سان سڌوسنئون تعلق ناھي پر ھن مدرسي جو مسلمان سياست تي وڏو اثر رھيو آھي. جميعت علماءِ ھند، جمعيت علماء پاڪستان ۽ جميعت علماءِ اسلام جي قيادتن جو گھڻي ڀاڱي تعلق ھن مدرسي جي شاگردن سان رھيو آھي[1]. ھن مدرسي انتهاپسند نظرين کي فروغ ڏنو. طالبان جي تحريڪ ان جو ھڪ مثال آهي[1].

مدرسي جا استاد[سنواريو]

هن مدرسي جا پهريان استاد مولانا محمود صاحب ء محمودالحسن هو جيڪي بعد ۾ تاريخ ۾ شيخ الهند مولانا محمودالحسن جي نالي سان مشهور ٿيا[2].ھن مدرسي جا وائس چانسلر ۽ پرنسپال وڏا ناليوارا عالم رھي چڪا آهن جن ۾ شيخ الھند مولانا محمود الحسن (1851–1920), مولانا محمد انور شاھ ڪشميري (1875–1933) ۽ مولانا سيد حسين احمد مدني (18791957) شامل آهن[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 1.11 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 191,192
  2. al-Muhannad ala al-Mufannad [Aqaid Ulama Deoband] By Shaykh Khaleel Ahmad Saharanpuri