مواد ڏانھن هلو

ھائيڪو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هائيڪو (Haiku) جاپاني ٻوليءَ جي صنف آهي جيڪا سنڌي شاعري ۾ رائج ٿي. هائيڪو جاپاني ٻولي جي لفظ "هيڪو" مان ورتل آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ مفرد يا اڪيلو ڪلام آهي. هائيڪو جذبي سان ڀريل اهو معروضي عڪس آهي، جيڪو وٿ (Object) کي وقت ۽ ماڳ ۾ متعين ڪري ٿو ۽ ان ۾ موسم جو عنصر هئڻ ضروري آهي. هائيڪو ۾ ٽي سٽون هونديون آهن، پهرين ۽ ٽين سٽ پاڻ ۾ هم قافيه هونديون آهن ۽ وچين سٽ قافيي کان آزاد هوندي آهي. هن کي ٽيڙو به چيو ويو آهي. سنڌيءَ ۾ هائيڪو کي نارائڻ شيام متعارف ڪرايو ۽ شيخ اياز ۽ تنوير عباسيءَ چوٽي تي رسايو. سنڌيءَ ۾ هائيڪو جو پهريون مجموعو شيخ اياز "پن ڇڻ پڄاڻان" ڇپيل آهي. هن کانپوء طارق عالم ابڙي ۽ وسيم سومري جي هائيڪو شاعري جا ڪتابي مجموعا شايع ٿي چڪا آهن.[1][2]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.
  2. "هائيڪو | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون", dic.sindhila.edu.pk, حاصل ڪيل 12 آگسٽ 2019۔