رباعي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

رباعي (انگريزي: Rubaʿi) چئن سٽن واري شعر کي چيو ويندو آھي. رباعي عربي ٻولي جي لفظ ”ربع“ مان نڪتل اھي، جنھن جي معنيٰ آھي چار. رباعيءَ جي صنف ۾ چار سٽون ھونديون اھن. رباعيءَ ۾ پھريون ٻہ سٽون ۽ چوٿين سٽ ھم قافيہ هونديون آهن. رباعي هڪ خاص وزن "مفعول مفاعيلن مفاعيلن فعل" ۾ لکي ويندي آهي. هن وزن کان علاوه ٻئي ڪنهن وزن ۾ لکيل چئن سٽن وارو شعر راباعي نہ پر قطعو يا چئو سٽو چئبو. عمر خيام جون رباعيون مشھور اھن. جيڪي فارسيءَ ۾ چيل اھن. انھن جو ترجمو مرزا قليچ بيگ، واصف، احسن، بشير سيتائي ۽ شفقت حسين وڌو ڪيو آھي. استاد بخاري جون رباعيون سنڌي شاعري جو سرمايو آهن.[1][2]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.
  2. سنڌي لازمي ٻارهين ڪلاس لاء. http://www.punjnud.com/PageList.aspx?BookID=17016&BookTitle=Sindhi%20Notes%2012%20Class%20La.