پنجڪڙا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پنجڪڙا (Panjkra) شاعريءَ جي صنف آهي، جيڪا ابتدا ۾ ”پنجڪا“ جي نالي سان مشهور هئي.”پنجڪا“ جي معنيٰ آهي، اُهو شعر يا چوڻي، جنهن ۾ پنجن مختلف شين جون ذڪر پيش ڪيل هجي. پر پنجڪڙا سنڌي شعر جي اُها صنف آهي، جنهن ۾ پنج سٽون هونديون آهن. موجوده دؤر جي سنڌي شاعرن هن صنف جي سٽاءَ ۾ جدت آڻي، پنج ئي سٽون پاڻ ۾ هم وزن رکيون آهن. ’پنجڪڙا‘ هندي ڇند وديا ۽ عروض جي ڪنهن بہ وزن تي لکي سگهجن ٿا. هندستان ۾ هن صنف تي پرڀو وفا جو ڪتاب ”سرخ گلاب سرها خواب“ شايع ٿيل آهي، جڏهن تہ سنڌ ۾ راشد مورائي، سعيد ميمڻ (”ڪاري بر ۾ چنڊ“: ڪتاب) ذوالفقار سيال ۽ ٻين پنجڪڙا لکيا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.