الف اشباع
الف اشباع:
قديم مذهبي ۽ ٻي سنڌي شاعري ’الف اشباع‘ وارن قافين تي لکي ويندي هئي. يعني شعر جي سٽ جي آخري قافيي واري لفظ جي آخر ۾ الف شامل ڪيو ويندو هو. عام طور چيو وڃي ٿو ته ترخانن جي دؤر ۾مخدوم پير محمد لکويءَ (1532 –1600) الف اشباع واري قافييجو اغاز ڪيو. ٺٽي جي عالم مخدوم ابوالحسن سنڌي زبان ۾ 1700ع ۾ پھريون ڪتاب ”مقدمته الصلوات“، ”الف اشباع“ وارن قافين تي مشتمل لکيو. جنهن ۾ قافيي واري لفظ جي پويان الف (ا) شامل ڪري، ان جو ڊگهو آواز ڪڍيو ويندو هو، جنهن کي ”الف اشباع وارو قافيو”چيو ويندو هو. هن نظم ۾ ٻيا به ڪيترائي منظوم ڪتاب لکيا ويا آهن، خاص ڪري مدرسن ۾ شاگردن کي مذهبي تعليم ڏيڻ لاءِ جوڙيل نظميه سبقن وارا ڪتاب، جن کي ‘سنڌيون’ به چيو ويو آهي. اهي نظم تمام ڊگها هوندا هئا، ۽ ڪڏهن ڪڏهن هڪ پورو ڪتاب ’الف اشباع‘ وارن قافين تي مشتمل هوندو هو. انهن منظومين ۾ مرثيا، جنگ ناما، نعتيه، مدحيه، ۽ هجويه مضمون پيش ڪيا ويندا هئا. قديم دور جا نظميه ڪتاب جهڙوڪ؛ ”نورنامو“، جنگ نامو“، ”حڪايت الصالحين“ ۽ ٻيا انهن ۾ اچي وڃن ٿا، جن ۾ الف اشباع وارو قافيو ڪم آندل آهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌي لئنگئيج اٿارٽي