ترائيل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ترائيل __(Triolet):

”ترائيل“ فرانس جو هڪ مقبول نغمو آهي. جنهن جي معنيٰ آهي: (ٽريئو-Trio = ٽه ياري يا ٽه سُرو راڳ+ ليٽ- =Let (بندش). اُهو نظم يا شعر، جنهن ۾ ساڳئي سُر واريون ٽي سٽون پوري بندش سان سرجيون وڃن. مطلب ته ’ترائيل‘ اُهو شعر آهي، جنهن ۾ ساڳي سٽ ٽي ڀيرا اچي، پوري مضمون کي هڪ هنڌ بند ڪري ٿي. هيءَ صنف گذريل ٿوري عرصي کان سنڌي شاعريءَ ۾ به رواج ۾ آئي آهي. ”ترائيل“ جي سڄي نظم ۾ ڪل اٺ سٽون ٿينديون آهن، جيڪي ٻن بندن ۾ ورهايل هونديون آهن، يعني هر هڪ بند ۾ چار سٽون ٿين ٿيون. اصل ۾ هر هڪ بند ٽن سٽن تي مدار رکي ٿو، جن جي سٽاءَ هن ريت آهي. پهرئين بند جي پهرين ۽ ٽين سٽ هڪ ٻئي سان هم قافيه ۽ ساڳئي رديف ۾ هونديون آهن، باقي ٻي (وچ واري سٽ انهن ٻنهي سٽن کان قافيي ۾ مختلف ۽ آزاد هوندي آهي. انهيءَ بند جي آخر ۾ وري پهرين سٽ هوبهو ساڳي موٽي ايندي آهي، جيڪا چوٿين سٽ هوندي آهي. ٻئي بند جي پهرين سٽ وري پهرئين بند جي پهرين ۽ ٽين سٽ سان هم قافيه ۽ ساڳئي رديف سان ايندي آهي؛ باقي ٻي سٽ پهرئين بند جي ٻيو نمبر سٽ سان هم قافيه ۽ ساڳئي رديف ۾ هوندي آهي ۽ ٽين سٽ، پهرئين بند جي بلڪ ساڳي پهرين سٽ هوندي آهي. هن بند ۾ چئن سٽن جو وزن پورو رکڻ لاءِ، پهرين بند جي ٻي سٽ پڇاڙيءَ ۾ هوبهو ساڳي موٽي ايندي آهي. اهڙيءَ طرح ڏسبو ته سڄي نظم ۾ پهرين سٽ ٽي ڀيرا اچي ٿي؛ يعني پهرين، ٽين ۽ ستين سٽ ٽئي هوبهو ساڳيون ٿين ٿيون ۽ شعر جي ٻي سٽ موٽي اٺين سٽ ٿئي ٿي ۽ ڇهين سٽ انهن ٻنهي (ٻي ۽ اٺين) سٽن سان هم قافيه ۽ ساڳئي رديف ۾ اچي ٿي. اهوئي سبب آهي جو هن شعر کي ٽه سُرو راڳ يعني ”ترائيل“ (Triolet) نالو ڏنو ويو آهي.[1][2]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. "ترائيل : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-07-18.