مواد ڏانھن هلو

دادو شهر


دادو

Dadu
علامه آء آء قاضي لائبريري دادو
علامه آء آء قاضي لائبريري دادو
دادو is located in سنڌ
دادو
دادو
دادو is located in پاڪستان
دادو
دادو
Coordinates: 26°43′57″N 67°46′45″E / 26.73250°N 67.77917°E / 26.73250; 67.77917
ملڪ پاڪستان
صوبو سنڌ
ڊويزنحيدرآباد
ضلعودادو
آبادي
• ڪل188,317
• درجو52هون، پاڪستان
• ڪثافتauto في چورس ڪلوميٽر
وقتي علائقوUTC+5 (پي ايس ٽي)
ڊائلنگ ڪوڍ025
يونين ڪائونسلن جو تعداد10

دادو (Dadu) دادو ضلعو جو گادي وارو شهر آهي جيڪو سنڌ، پاڪستان ۾ واقع آهي۔ هي شهر سنڌو درياهه جي اولهندي ڪناري تي واقع آهي. دادو حيدرآباد ڊويزن جو شهر ۽ ضلعو آهي.[2] دادو تعلقو پڻ آهي. انتظامي طور تي چار يونين ڪائونسلن ۾ ورهايل آهي۔ دادو پنهنجي چانهه لاءِ مشهور آهي۔

دادو شھر آبادي لحاظ کان سنڌ ج جو يارهون نمبر ۽ پاڪستان جو ٻاونجهون سڀ کان وڏو شهر آهي۔ 2017ع جي آدمشماري موجب هن شهر جي آبادي 171,191 هئي۔ دادو شهر حيدرآباد کان لڳ ڀڳ 100 ميل (160 ڪلوميٽر) اتر طرف واقع آهي، جيڪو سنڌ جو ٻيو وڏو شهر آهي۔[3]


سول اسپتال دادو
ايگريڪلچرل انجنيئرنگ ورڪشاپ دادو
آرمي پبلڪ اسڪول دادو
گرلس ڪاليج روڊ دادو

انسائيڪلوپيڊيا برٽنيڪا مطابق دادو، ڏکڻ پاڪستان جي صوبي سنڌ جو هڪ شهر آهي۔ هي شهر سنڌو درياهه جي اولهه طرف واقع آهي ۽ حيدرآباد کان لڳ ڀڳ 100 ميل (160 ڪلوميٽر) اتر-اولهه طرف واقع آهي۔ دادو هڪ ورهائڻ ۽ واپاري مرڪز طور سڃاتو وڃي ٿو، جيڪو سڙڪ ۽ ريل ذريعي حيدرآباد، ڪراچي ۽ ڪوئيٽا سان ڳنڍيل آهي۔ دادو ۾ مردن ۽ عورتن لاءِ سرڪاري ڪاليج قائم آهن جيڪي سنڌ يونيورسٽي سان لاڳاپيل آهن۔ جنهن علائقي ۾ دادو واقع آهي اهو زرخيزي واري آبي زمينن تي مشتمل آهي، جنهن کي دادو ڪينال جي آبپاشي نظام وسيلي پاڻي ملي ٿو۔ هي نظام سکر بئراج مان ايندڙ پاڻي تي ٻڌل آهي جيڪو سنڌو درياهه تي تعمير ٿيل آهي۔ هن علائقي ۾ مکيه فصلن ۾ ڪڻڪ، چڻا، چانور ۽ جوئر شامل آهن۔ 1998ع جي ابتدائي آدمشماري موجب دادو جي آبادي 98,575 هئي.[4]

دادو جي معنى

[سنواريو]

دادو لفظ سنڌي توڙي هندي ۾ ڀاءُ جي معنى ۾ پڻ ڪم اچي ٿو. ڪن مؤرخن قاضي قاضن جي ويجهي ۾ ويجهي صحبتي، گورگ نات پنٿ جي پوئلڳ صوفي شاعر دادو ديال (1603ع-1544ع) کي مڃيندڙ دادو ونسي سنت ڏييو رام (1906ع-1836ع) ۽ سنت ڀڳت رام جو ذڪر ڪيو آهي جيڪي سامتاڻي کان لڏي اچي دادو ويٺا ۽ مندر جوڙيائون جنهن ۾ اوتار جڳتناٿ جي پوڄا ٿيندي هئي. دادو ديال جي هت اچڻ جي به روايت ملي ٿي. هند سنڌ مان پوڄاري به ايندا هئا. انومان آهي ته انهن دادو ونسي سنتن ۽ سندن مندر سبب يا دادو ديال جي اچڻ سبب دادو ونسي مندر وارو شهر سڏيو ويو هجي ۽ پوءِ ڦري دادو ئي سڏجڻ ۾ آيو هجي.[5]

دادو جي تاريخ

[سنواريو]

تاريخي طور دادو بابت ڪو مستند مواد نه ٿو ملي. دادو شهر ڪيترو قديم آهي؟ ان بابت به ڪا تاريخي تصديق موجود نه آهي. تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دؤر جلد 2 ۾ درج آهي ته ميان يار محمد ڪلهوڙو (1701ع کان پوءِ) زِيدي بلوچستان کان موٽي منڇر ڍنڍ ڪناري سانوه ( موجوده ساوڙو، جوهي تعلقو) کان اچي قيصر پنهور کان ڳوٺ سامتاڻي کسيائين ۽ پوءِ ڳوٺ ڳاها (جوهي تعلقو) ۾ ويهي عقيدتمند گڏ ڪيائين. بعد ۾ خداآباد، مرکپور ۽ فتحپور فتح ڪيائين. هن بيان مان لڳي ٿو ته هن وقت دادو شهر جو محلو مرکپور دادو کان قديم آهي.[5] دادو ان وقت موجود هجي ها ته مرکپور بجاءِ دادو جو ذڪر ضرور ملي ها. ڪن جو چوڻ آهي ته دادو شاھ هو پر ان جي دادو شهر توڙي ضلعي ۾ ڪٿي مزار يا قبر نه ٿي ملي. دادو اولهندي ناري جي اوڀر ۾ ۽ سنڌُو درياھ جي اولهه ۾، درياھ منجهان نڪرندڙ ننڍي واھ جي ڪناري آباد هو. اهو واھ هاڻوڪي دادو جي مؤندر ناڪي واري پاسي کان وهندو، نيو چؤڪ، سئينيما چؤڪ ۽ گرلس هاءِ اسڪول کان ٿيندو ڏکڻ طرف ويندو هئو ۽ وري درياھ ۾ وڃي پوندو هو.دادو ۾ هاڻ انهيءَ واھ جو وجود ئي نه رهيو آهي. دادو اول ڪراچي ضلعي ۾ هو. 1900ع کان پوءِ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو. سال 1931ع ۾ دادو کي ضلعي جو درجو ڏنو ويو[5]، جنهن ۾ جوهيءَ، ميهڙ، ڪڪڙ شهر (هاڻ خيرپور ناٿن شاھ) سيوهڻ، ڪوٽڙي ۽ محال ڪوهستان تعلقي طور شامل ڪيا ويا. بعد ۾ 2004ع دادو ضلعي کي ٽوڙي الڳ ضلعو ڄامشورو جوڙيو ويو جنهن ۾ سيوهڻ، مانجهند، ڪوٽڙي، محال ڪوهستان (ٿاڻي بولا خان. ٿاڻي احمد خان ۽ ڪرچات وارو علائقو) تعلقا شامل ڪيا ويا. 1980ع واري ڏهاڪي تائين دادو شهر ڪا خاص ترقي نه ڪئي هئي پر پوءِ آهستي آهستي ترقي ڪري سنڌ جو اهم ضلعو بڻيو.

تعليم

[سنواريو]

دادو ۾ بھتر تعليم لاءِ آرمي پبلڪ اسڪول، ٽي گورنمينٽ بوائز ھاء اسڪول، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج، گورنمينٽ گرلس اسڪول ، گورنمينٽ گرلس ڪاليج، سنڌ يونيورسٽي جو ڪيمپس ۽ لا ڪاليج مصروف عمل آھن.

گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول دادو

ھتي صحت جي سھولت لاء سول ھاسپيٽل موجود آهي.

آغا خان ڪليڪشن يونٽ دادو

آمدورفت

[سنواريو]

دادو شھر انڊس ھاء وي (اين 5) تي واقع ھجڻ جي ڪري ڪراچي کان پشاور تائين درياء سنڌ جي ساڄي ڪپ وارن ڪيترن ئي شھرن سان ڳنڊيل آهي. ان سان گڏو گڏ لڳ ڀڳ 30 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي دادو مورو پل ذريعي درياء جي کاٻي ڪپ واري پاسي کان نيشنل ھاء وي سان ڳنڊيل آهي. ھي شھر ريلوي لائين ذريعي پڻ ڪراچي ۽ روھڙي سان ڳنڊيل آهي. شھر م ھڪ ريلوي اسٽيشن پڻ واقع آهي جيڪا برٽش دؤر ۾ قائم ٿي ھئي

دادو جي ريلوي اسٽيشن

آبادي

[سنواريو]
دادو جي آبادي
1972 (rec.)1981 (rec.)1998 (rec.)2017 (rec.)2023 (rec.)
آبادي30,18439,298102,550171,191188,317

دادو جون ادبي شخصيتون

[سنواريو]

علامہ احمد مجتبیٰ غالب ملڪاڻي، استاد بخاري، تاج صحرائي، عبدالله مگسي، حافظ احسن چنه، عزيز ڪنگراڻي، اڪبر جسڪاڻي، فاروق سولنگي، شمس سومرو، محمد بخش سميجو، عثمان ميمڻ، حاڪم علي شاھ بخاري، منظور سخيراڻي ، انور قنبراڻي، محمد فقير مسخرو شبير شاهاڻي رجب آزاد سولنگيماڻڪ ڪنگراڻي ۽ ٻيا دادو ضلعي جي ادب، شاعري ۽ ڪلا جا اهم نالا آهن.

حوالا

[سنواريو]
  1. "Table-2 Urban localities by population size and their population by sex, annual growth rate and household size, Census - 2023".
  2. Dadu District - Wikipedia
  3. "Dadu | Pakistan | Britannica". www.britannica.com (انگريزي ۾). 2022-04-12 تي حاصل ڪيل.
  4. "Dadu". Encyclopaedia Britannica. 2026-03-11 تي حاصل ڪيل.
  5. 1 2 3 Ancient sites, towns and villages | Aziz Kingrani