شبير شاهاڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
شبير شاهاڻي

شبير شاهاڻي (انگريزي ٻولي:Shabir Shahani) سنڌ جو ناميارو فنڪار ۽ گائڪ آهي جنهن پنهنجي ترتيب ڏنل موسيقيءَ ۾ ڪيترن ئي وڏن شاعرن جي شاعري ڳاتي آهي.

زندگي جو احوال[سنواريو]

شبير شاهاڻيءَ جو پورو نالو غلام شبير شاهاڻي ولد صاحب خان شاهاڻي آهي. شبير شاهاڻي سنڌ جي دادو ضلعي جي جوهي تعلقي جي ڪاڇي واري علائقي جي ڳوٺ ٿرڙي جادو شهيد ۾ 1960ع ۾ پيدا ٿيو. هن بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي.[1]

فن ۽ خدمتون[سنواريو]

شبير شاهاڻي جي خاندان ۾ کانئس اڳ ڪوبه گائڪي جي فن سان لاڳاپيل ڪونه هو. هن کي ننڍي هوندي کان ئي راڳ سان دلچسپي ۽ ڳائڻ وڄائڻ سان چاھ هو. ان بعد هن راڳ ۽ راڳڻي جي فن جي مڪمل سکيا استاد مجيد خان حيدرآباد واري کان ورتي ۽ راڳ جي فن کان باضابطه روشناس ٿيو. شبير شاهاڻي کي 1980ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پروڊيوسر انور بلوچ  ريڊيو حيدرآباد تان متعارف ڪرايو. ان کان پوءِ 1990ع ۾ کيس پي ٽي وي ڪراچي تي پروڊيوسر اعجاز عليم عقيليءَ کيس متعارف ڪرايو ۽ وٽس ٽي. وي تي پروگرام ڪيائين. هن ڪي ٽي اين، سنڌ ٽي وي ۽ ٻين نجي چئنلن تي به ڳاتو آهي. هن سنڌ جي لڳ ڀڳ سڀني شاعرن کي ڳاتو آهي ۽ هاڻ به ڳائي ٿو. هن شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، شيخ اياز، استاد بخاري احمد خان مدهوش،عزيز ڪنگراڻي ۽ ٻين شاعرن کي به ڳاتو آهي. شبير شاهاڻي جو پسند جو گائڪ استاد بڙي غلام علي خان آهي.[1][2][3]

اولاد[سنواريو]

شبير شاهاڻيءَ کي ٻه پٽ ۽ چار ڌيئر آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 "شبير شاهاڻي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-12-24. 
  2. Sindhipeoples. "سنڌي شخصيتون: غلام شبير شاهاڻي - ناصر مقصود گل". سنڌي شخصيتون. حاصل ڪيل 2019-12-24. 
  3. "Sindhi Adabi Board Online Library (Stories)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2019-12-24.