شمس سومرو
| شمس سومرو Shamas Soomro | |
|---|---|
| ڄم | شمس الدين سومرو جون 01 1954 دادو، دادو ضلعو، سنڌ، پاڪستان |
| وفات | 13 ڊسمبر 2003 (عمر 49 سال) ڪراچي |
| قلمي نالو | شمس سومرو |
| ڌنڌو | ڊاڪٽر، ڪهاڻيڪار، شاعر |
| ٻولي | سنڌي |
| قوميت | پاڪستاني |
| تعليم | ايم بي بي ايس |
| مادرِ علمي | چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو |
| صنف | ڪهاڻيون مقالا، شاعري |
| موضوع | سنڌي ادب |
| مُکيه ڪم | موهن جو دڙو ڪينجهر |
شمس سومرو (انگريزي: Shams Soomro ) (پيدائش: پهرين جون 1954ع – وفات: 13 ڊسمبر 2003ع) سنڌ پاڪستان جو بهترين نثر نويس، ڪهاڻيڪار ۽ شاعر هو. سندس ڪيتريون ئي ڪهاڻيون، مضمون ۽ شاعري سنڌ جي معياري رسالن ۾ شايع ٿيون. سندس ڪتاب پڻ شايع ٿيل آهن.
زندگي جو احوال
[سنواريو]ڊاڪٽر شمس سومري جو پورو نالو شمس الدين سومرو هو. هيءُ پهرين جون 1954ع تي دادو ضلعي جي دادو شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس پورو نالو شمس الدين ولد غلام حيدر سومرو هو. پرائيمري کان هاير سيڪنڊري تائين تعليم دادو ۾ حاصل ڪيائين. چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي مان ايم بي بي ايس جي ڊگري حاصل ڪيائين ۽ ڊاڪٽري جي پيشي سان وابسته رهيو.بعد ۾ دادو ڇڏي ڪراچي ۾ رهائش اختيار ڪيائين. شمس سومرو 1970ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي.سندس ڪهاڻيون، مضمون ۽ شاعري مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع آهن. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو ٻن سالن لاءِ مرڪزي سيڪريٽري جنرل جي عهدي تي به رهيو. [1][2]
ڪتاب
[سنواريو]سندس شايع ٿيل ڪتاب “موهن جو دڙو” ۽ “ڪينجهر” سندس اهم ادبي ڪم ۾ شمار ٿين ٿا.
وفات
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ Poets and writers | Aziz Kingrani
- ↑ "شمس سومرو ڊاڪٽر : (Sindhianaسنڌيانا)", www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 21 آگسٽ 2019۔