انور قنبراڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
انور قنبراڻي
Anwar Qanbrani
پيدائش انور علي قنبراڻي
فيبروري 12 1963(1963-02-12)

ڳوٺ ڦلو قنبراڻي، دادو ضلعو، سنڌ، پاڪستان
وفات 10 آگسٽ 2018 (عمر 55 سال)

دادو
ڌنڌو شاعر
ٻولي سنڌي
قوميت پاڪستاني
موضوع شاعري

انور قنبراڻي (انگريزي: Anwar Qanbrani) سنڌي ٻولي جو مقبول عوامي شاعر هو.

زندگي جو احوال[سنواريو]

مشهور عوامي شاعر انور قنبراڻي جو نالو علي انور پٽ ميوو خان قنبراڻي هو. هن 12 فيبروري 1963ع ۾ ڳوٺ ڦلوءَ قنبراڻي ۾ جنم ورتو جيڪو ڳوٺ دادو ضلعي جي تعلقي جوهي جي ڪاڇي واري علائقي ۾ آهي.هن 1967ع ۾ پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان پنج درجا پاس ڪري ٻني ٻاري جي ڪم کي وڃي لڳو هو. 20 سالن جي عمر ۾ ڳوٺ ڇڏي دادو شهر لڏي آيو. شروع ۾ سنڌ جي نامياري شاعر استاد بخاريءَ کان شاعريءَ جي اصلاح ورتائين.انور قنبراڻي محبت، درد ۽ وڇوڙي جو شاعر هو. هن وڇوڙي بابت تمام گهڻي شاعري ڪئي آهي ۽ سنڌ ۾ ڪئسٽ جو مشهور شاعر هو. سندس منظور سخيراڻيءَ جو ڳايل ڪلام ڪو نه بچسان، درد تيڏي وچ رو رو دم ڏيسان کان ڪافي مشهور ٿيو. هن جي شاعري منظور سخيراڻي، جلال چانڊيو، الھداد زرداري, سرمد سنڌي ۽ ٻين فنڪارن وڏي تعداد ۾ ڳاتي آهي. هن جي ڪلامن جون 200 کان مٿي ڪيسٽون نڪتيون. هيءُ سنڌ جو واحد شاعر هو جنهن فري لانس شاعري ڳائجڻ عيوض پئسا ورتا.[1][2]

لاڏاڻو[سنواريو]

انور قنبراڻي 10 آگسٽ 2018ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.[3][4][5]

حوالا[سنواريو]